بدين ۾ ڀڙڪندڙ سياسي باهه کي ڪير اجهائيندو..!!!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    اڄ سموري بدين سموري شهر ۾ ڄڻ ڪو راڪاس ڦيرو ڏئي ويو هجي جت محبتون ۽ مرڪون وکريندڙ ماڻهو رهندا هئا جن نفرت ۽ نه ئي ڪاوڙ هئي اڄ انهي عوام جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف آهي رپيٽر آهن اڄ اهي روڊن ٿي سري عام هٿيارن جي نمائش ڪري رهيا آهن.ڇوسياسي جي آڙ ۾ بدين َضلعي جي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي ڇو بدين ضلعي کي نوگوايريا بڻائڻ جي چڪر سياسي پارٽيون ميدان ۾ لهي آيون آهن ڇو سڪن سان گڏ ساوا سڙڻ واري روايت کي برقرا رکيو پيو وڃي اهي بدين جا معصوم جيڪي پورهيت پيٽ گذر ڪري پيٽ پاليندا آهن انهن کان سندس ٻچن جي روزي کسي پئي وڃي ڇو انهن جي معصوم ٻارن جيڪي بک بيماري وگهي اڳ ئي هڏن جا پنجرا ٿي ويا آهن انهن کي موت جي صرف ويتر ڌڪيوپيو وڃي ڇو..! بدين جي دڪانن کي تالا لڳائي ڪري انهن کان ٻڄن جي روضي کسي پئي وڃي ڇو بدين جي غريب اٻوج ماڻهن کي موت جي ڊپ کان حراسان ڪيو پيو وڃي ،ڇو بدين جي امن امان بگاڙي ڪري کيس جنگ جو ميدان ڪيو پيو وڃي.ڇو ڇا سرڪار بدين جي ڀڙڪندڙسياسي باهه کي اجهائڻ لاِءِ ڪي اپاءُ ڇو نه پئي وٺي جنهن پي پي پي کي پوري ضلعي جي عوام ووٽ ڏنا جن لاءِ ورڪ ڪيا ۽ انهن جي حق لاءِ ووڊن رستن تي جلسوس ڪڍي ڪري انهن کي بدين مان فتج ڏياري پر بدين ضلعي جي عوام کي ڪو غيب جو عمل ڪون هو ته جن لاءِ نچندِا جن کي اقتدار جي ڪرسين تي ويهاريندا اهي اڳيان هلي ڪري انهن جي دڪانن کي تالا لڳائيندا انهن جي دلين ۾ خوف ۽ ڊپ پيدا ڪندا انهي ڪري سوڇان پيو ته سياسي ليڊرن کي بدين تي رحم ڪڏهن ايندو..؟گّذريل ڏينهن چوري جي ڪيس ۾ بدين جو هڪ واپاري ڊاڪٽر ذولفقار جي حامي واپاري نديم کي مغل کي پوليس گرفتار ڪيو هجڻ ته اهين ٿي ها ته جڏهن بدين جي هڪ واپاري کي پوليس چوري جي ڪيس گرفتار ڪيو ته بدين جا واپاري ملي ڪري انهي ڳالهه جي مذمت ڪن ها ڇو ته ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ته ڪنهن شهر ۾ ڪنهن واپاري سان ڪو واقعو پيش ايندو آهي ته سمورا واپارا ملي ڪري انهي ڳالهه جي مّذمت ڪندا آهن اگر هڙتال ڪرڻي هوندي آهي ته انهي تي گڏجي ڪري مهشورا ڪندا آهن ته اگر مشهوري هڙتال ڪرڻي هوندي آهي ته هڪ ڏينهن پهرين انهي هڙتال جو سڏ ڏيندا آهن ۽ ٻئي هڙتال ڪري پنهنجا مظالبا حڪومت جي اڳيان پيش ڪندا آهن پر بدين جي واپاري نديم مغل کي جڏهن پوليس گرفتار ڪيو ۽ ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪيو ته بدين ضلعي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اوهانکي بڌائيندو هلان بدين ضلعي ۾ پهرين جيڪا واپاري طبقا هئا انهن ۾ اڪثريت هڪ عام شهرين جي هئي ۽ بدين جي واپاري سان خدانخواسطه اهو ڪو واقعو پيش ايندو هو واپاري گڏجي ڪري انهي مسلئي کي حل ڪرائيندا هئا پر هن نديم مغل جي گرفتاري تي بدين ۾ باه ڇو ڀڙڪي انهي جو سبب آهي ته بدين جا واپاري هن وقت ٻن ڌڙن ۾ تبديل ٿي چڪا هڪ ڊاڪثر ذولفقار مراز ۽ ٻيو ڪمال خان چانگ جڏهن ته ڪمال خان چانگ جي هن وقت بدين جا واپاري حمايت ڇو ڪري رهيا آهن. انهي ڪري جو بدين ضلعي جو مشهور تاجر تاج محمد ملاح اربابن جي پارٽي ڇڏي ڪري تازو پي پي پي ۾ شموليت ڪئي آهي انهي ڪري جڏهن نديم مغل کي پوليس گرفتار ڪيو ته ضلعي بدين جا واپاري جيڪي ٻن ڌڙن ۾ تبديل ٿي ويا آهن انهن مان هڪڙن چيو ته شهر بند ڪري ته ٻين چيو اسان بند نه ڪنداسين انهي ڏي وٺ ۾ ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جي حامين قازضيه واه تي ڏرڻو هنيو۽ ٽنڊوباگو بدين بدين کوسڪي بدين نندو روڊ بند ڪري ڇڏيو انهي ڏيس وٺ ۾ ڊاڪٽر ذولفقار مرزا به پهچي ويو ۽ ڊاڪٽر ذولفقار مرزا انهي ڌرتي سميت بدين ٿاڻي تي پهچي ويو جتي ڊي ايس پي عبدلقادر سمون موجود هو جنهن کي ڊاڪٽر نديم مغل جي گرفتار جي ايف آٰءِ آر ڪٽرائڻ چاهي ته ڊاڪٽر ۽ ڊي ايس وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي ته ڊاڪٽر ذولفقار مرزا انهي ڊي ايس پي عبدالقادر جي ذاتي استعمال ايندڙ فون کي ڪاوڙ مان جلهي ڀٿ سان ٺڪرائي ٽوڙي ڇڏيو ۽ ڊاڪٽر ذولفقار مزار جي ماڻهن زوري شهر بند ڪرائڻ لاءِ شهر جو زخ ڪيو جتي زوري شهر بند ڪرائڻ جي ڪري هڪ دڪاندار خليل ميمڻ پڻ زخمي ٿي پيو ۽ ڊاڪثر ذولفقار مزار جي حامين ۽ ڪمال خان چانگ جي ماڻهن جي وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف نعري بازي ٿيندي رهي سڄو شهر خوف وچان بند ٿي ويو جڏهن ته بدين جي واپاري پاران ڊاڪٽر سميت سندس 20ساٿين تي دهشتگدري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر انهي سموري وچ ۾ ڏسجي ته نقصان ڪنهن آهي ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جو يا ڪمال خان چانگ جو يا ويچاري عوام جو جيڪا اڳ پريشان آهي ٻنهي سياسي ڌرين جي وچ ۾ جهيڙي ڪري بدين جي عوام سک جو ساهه کڻڻ لاءِ سڪي وئي آهي سڀ شايد سندن نصيب ئي اهڙو آهي ڪڏهن ڊاڪٽر ذولفقار مرزا پيو ڌرڻا هڻي ته ڪڏهن ڪمال خان چانگ پيو روڊ بند ڪرائي ڇو بدين ضلعي جي عوام کي مايوسين ۽ محرومن جي شڪار ڪيو پيو ڃي ڪو وقت هو جڏهن ٻئي ڌريون کير کنڊ هنيون ۽ هڪ ٻئي جا پيا ڳڻ ڳالئيدا هئا تڏهن ته کين بدين جي عوام جو وڏو فڪر هو پر هاڻ ڇو انهن کان بدين جي عوام جو درد وسري ويو آهي اها به حيقيت آهي ته اقتدار جي ڪرسي تمام گهڻي مٺي هوندي آهي انهي ڪري انهي سياسي اڳواڻڻ جي ڪرسي جي مٺائڻ جو مزو وٺڻ لاءِ عوام جو درد وسري ويو آهي بدين موجهر تي ذولفقار ڪي علائقي ۾ تمام وڏي پوليس جي نفري پهچي پوري علائقي تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس فورس هٿيارن سان ليس هئي ۽ وٺن چار بڪتربند گاڏيون پڻ هنيون انهي کي پوليس نفري کي ڏسي ڪري بدين جي عوام پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي وئي ۽ انهي بڪتربند گاڏين کي ڏسي ڪري لڳي پئي ته بدين هڪ ڪچي جو ڏيک ڏيڻ لڳو جنهن ۾ ڪي ڌاڙيل رهندا هجن ۽ انهي جي آپريشرن لاءِ پوليس جي ايندي وڏي نفري گهرائي وئي هئي جڏهن ته ڊاڪٽر سميت انهن جي 20ڪارڪنن تي جيڪا ايف آءِ آر ٿي آهي انهي ايف آءِ آر جي باري ۾ چوي ٿو ته مان پنهنجي گرفتاري صرف فيصل بلوچ ۽ ثناالله عباسي کي ڏيندس جڏهن ته ڪجهه حلقا اهو به چئي رهيا هئا ڊاڪثر ذولفقار مرزا حيدرآباد فيصل بلوچ وٽ پنهنجي گرفتاري ڏيندو.!!انهي ڪري ويتر اهو سوال کائي رهيو آهي ته ڊاڪثر جي هڪ حامي جنهن جي گرفتاري جي ڪري بدين سمورو باهه ۾ ڀڙڪي پيو ڇا اهي ڊآڪٽر ذولفقار جي گرفتاري وقت خاموش رهندا آئون سمجهان ٿو ته اگر ڊاڪثر ذولفقار مرزا گرفتار ٿيو ته بدين ۾ قيامت صغريِٰ اچي ويندي سڄو بدين ۾ ايترا به وڳوڙ ٿيندا جنهن کي انتظاميه روڪي به سگهندي پر اها ٻئي ڳالهه آهي ڊاڪٽر پنهنجي گرفتاري کان پهرين پنهنجي حامين کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪري ڇوته پوري ضلعي تي نظر وجهنداسين ته خبر پوندي ته حالات ڀلي ڪهڙا نه هجن پر ضلعي بدين جي عوام داڪٽر کي تمام گهڻو چاهي ٿي پر انهي ڳالهه جي ڪري ڪمال خان چانگ عوام همدري حاصل ڪرڻ جي لاءِ بدين جي عوام پاران اهو بيان ڏئي رهيو آهي ڊاڪٽر ڊاڪٽر ذولفقار جي حامين سري عام ماڻهن کي حراسان ڪري شهر ۾ فائرنگ ڪري دهشتگردي پکيڙي آهي جڏهن ته سندس اهو مطالبو به آهي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي جڏهن ته پي پي پي جون ايم پي ايز عورتون به ڊاڪٽر مٿان سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڊاڪٽر ذّولفقار مرزا احسان فراموش ۽ اڻ پڙهيل آهي انهن ميڊمن کي علاع عرض آهي ته جيڪڏهن مرزا اڻ پڙهيل آهي کيس پي پي پي جي ٽڪيٽ ڇو ڏني وئي هئي هن وقت ڊاڪٽر سٺو هو جڏهن ڊاڪٽر پي پي پي پاران مٿن جي قران پئي کنيا تڏهن ته سموري پي پي پي قيادت ڊاڪٽر مان مطعمين هئي هاڻ انکي اڻڙهيل ۽ چريي انسان جا لقب ڏئي رهي آهي ڊاڪٽر ذولفقار مزار کي به گهرجي ته هو بدين ضلعي ۾ امن امان کي بگاڙڻ جي ڪوشش نه ڪري انهي ڪري ته عوام سان جڏهن ته ظلم ٿيا آهن ته اها عوام انهن انسانن کان همِشه باغي ٿي آهي جنهن امن امان کي خلاف ڪيو آهي پنهنجي تازي جهيڙن م عوام جو استعمال نه ڪيو ويو انهي سان عوام جي دلين ۾ محبت بجاءِ نفرت جنم وٺندي رڳو ڪالهه واري وڳوڙ تي نظر وجهون ته سموري بدين دپ وچان بند ٿي وئي جنهن ڪري بدين ضلعي جا ٻيا به ڪيترائي شهر پڻ بند ٿي ويا هئ انهي امن امان جي صورتحال کي بگاڙڻ جو زميوار ڪنهن کي قرار ڏيون پي پي پي کي يا ڊاڪٽر ذولفقار مرزا کي برحال پي پي پي هجي يا ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ضعلي جي عوام صرف امن چاهي ۽ اها عوام جيڪا همشه امن پرست رهي آهي ۽ اها عوام ڪڏهن به نه چاهيندي ته بدين اندر ڪو وڳوڙ پيدا ٿي جنهن سان امن امان جو ضورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿي انهي حڪومت گهرجي ته بدين ۾ ڀڙڪندڙ سياسي باه جي روڪي ۽ اهين به ڀئي جو بدين جي عوام ٻنهي ڌرين کان بغاوٽ ڪري وچان پاسو ئي ٽيون وٺي


    غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو موري ضلع بدين

    03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو