• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽئين عالمي جنگ جي ويجهو ٿيندڙ حالتون..!!

(البرٽ آئنسٽائين)هڪ اهم ڳالهه چئي هئي ته مونکي اها خبر ناهي ته چوٿين عالمي جنگ ڪڏهن ٿيندي پر مونکي ايتري پڪ آهي ته ڇوٿين عالمي جنگ پٿرن جا ڪئي ويندي.جڏهن(البرٽ آئنسٽائين) ته ڇوٿين عالمي جنگ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان اها ڳالهه ضرور ڳالهائي سگهجي ٿو ته ٽئين عالمي جنگ دنيا لاءِ تمام گهڻو تباهيون آئيندي .جنهن اندر سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.جڏهن ته ڇوٿين عالمي جنگ ته الائي ڪڏهن ته پر دنيا هن وقت جن حالتن مان گذري رهي آهي ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته دنيا لاءِ هاڻي ٽئين عالمي جنگ هاڻ ايترو پري ناهي.ڪجهه ڏينهن پهرين 200سال اڳ لکيل هڪ پراڻو خط منظر عام تي آيو آهي. جنهن اندر ٽئين عالمي جنگ جو ذڪر ٿيل آهي ته اها جنگ ڪهڙي ملڪن جي وچ ۾ ۽ ڪڏهن ٿيندي.! انهي خط جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ نه رڳو مسلمان ملڪ پر انهي سان گڏ مغرب جا سمورا ملڪ به خاصو پريشان حال نظر اچي رهيا آهن.۽ ڏينهنون ڏينهن ملڪن جون وڌندڙ نفرتون ۽ هيڻين ۽ ڪمزور ملڪن جي معشيت ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ واري لالچ اهو صاف ٻڌائي رهي آهي ته ٽئي عالمي جنگ هاڻي ايترو پري ناهي.جڏهن ته انهي ٽئي عالمي جنگ جي باري ۾ ذڪر ڪيل اهو خط پڻ منظر عام تي اچي چڪو آهي جيڪو ٻه سئو سال پهرين لکيو ويو هو. جنهن اندر ٽئي عالمي جنگ جو ذڪر صاف ۽ چٽو ڪيل آهي.هي خط 15آگسٽ 1871ع ۾ آمريڪي فوج جي هڪ ڪيپٽن “البرٽ پائيڪ” آمريڪا جي سيول جنگ دوران اٽلي جي هڪ سياستدان“گوسيپ مزيني” کي لکيو هو.جنهن اندر هڪ عالمي قوت قائم ڪرڻ لاءِ ٽئي عالمي جنگ جي منصوبه بندي ڪئ وئي هئي خط اندر پهرين ۽ ٻئي عالمي جنگ جي پڻ منصوبه بندي ڪيل آهي.جنهن اندر اهو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته اهي ڪڏهن ۽ ڪنهن جي خلاف ٿينديون.۽ ٽئي عالمي جنگ جو پڻ ذڪر ڪيل آهي ته اها جنگ ڪڏهن ٿيندي. هي 200سال پراڻو خط سابق نيوي آفيسر “ويلم گيڪار”پنهنجي ڪتاب “پرنس آف دس ورلڊ” ۾ پڻ بيان ڪيو آهي.برطانيوري اخبار “ڊيلي اسٽار” جي هڪ رپورٽ مطابق ته هي خط پهرين ۽ ٻئي عالمي جنگ جي منصوبي دوران لکيو ويو هو. جنهن اندر اهو به لکيو ويو ته پهرين عالمي جنگ وڙهي ڪري روس جي طاقت ختم ڪئي ويندي.۽ کيس هڪ ڪميونسٽ ملڪ بنايو ويندو.جڏهن ته ٻئي عالمي جنگ وڙهي ڪري نازيون کي تباه ڪيو ويندو.۽ فلسطين کي تباه ڪري انهي جي جاءِ تي اسرائيل پنهنجي هڪ خدمختيار رياست قائم ڪندو ۽ انهي رياست کي قائم ڪرڻ جي لاءِ اسرائيل کي هڪ وڏي جنگ وڙهڻي پوندي.خط اندرٻئي عالمي جنگ اندر ڪيترائي مقصدن اندر نازيون کي تباه ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن کي مظبوط ڪرڻ ۽ دنيا اندر عيسائيت جي وڌائڻ جو پڻ ذڪر ڪيل آهي.جڏهن ته خط ۾ ٽئي عالمي جنگ جو ذڪر پڻ ٿيل آهي.ته ٽئي عالمي جنگ مغرب ملڪن ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندي. هڪ رپورٽ مطابق ته خط اندر پهرين ۽ ٻئي عالمي جنگ جو جيڪو ذڪر ڪيل هو ۽ جنهن مقصدن خاطر ڪئي ويندي ان جو پڻ ذڪر ڪيل هو.۽ آخر اهو ئي ٿيو جنهن جو خط ۾ذڪر ٿيل هو.جڏهن ته هن وقت شام ۽ عراق اندر جيڪا صورتحال آهي.ان مان ٽئي عالمي جنگ جي منصوبه بندي درست ثابت ٿيندي نظر پئي اچي.جڏهن ته ٽئي عالمي جنگ جي باري ۾ خط اندر اهو لکيو ويو هو ته اها جنگ اهڙي انداز ۾ وڙهي ويندي جنهن اندر مسلم ملڪ ۽ اسرائيلي هڪ ٻئي کي تباه ڪري ڇڏيندا. ۽ انهي دوران ڪيترائي ملڪ تقسيم ڪيا ويندا.۽ اهي ملڪ انهي جنگ دوران اخلاقي معاشي ۽ معاشرتي جي هر لحاظ کان ٽٽي چڪا هوندا. هڪ رپورٽ جي مطابق اهو دعويٰ ڪيو ويو هوته اهو خط 1970ع تائين برطانوي ميوزيم لائبيري ۾ موجود هو.! ۽ اتان اوچتو هڪ دم غائب ڪيو ويو هو.جنهن کان پوءِ انهي خط کي ڪنهن به نه ڏٺو.ٽئي عالمي جنگ جي باري ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي رهي آهي . انهي اندر ٻه ملڪن جو اهم بحث شامل آهي.جيڪي ٻه ملڪ عراق ۽ شام شامل آهن.جن اندر هن وقت جنگي ويڙه پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي.۽ ڪيترائي ملڪ بلواسطه يا بلاواسطه طور تي شام جي ميدان اندر جنگ ۾ آمهون سامهون وڙهي رهيا آهن. ليڪن انهي باجود به هڪ ٻئي غير متوقع پيشنگوئي سامهون آئي آهي. ته ٽئي عالمي جنگ مشرقي وسطيٰ ۾ پر اسان جي پاڙيسري بحيره جنوبي چين اندر وڙهي ويندي. هڪ اخبار “دي انڊيپنڊنٽ” هڪ رپورٽ شايع ڪئي هئي جنهن اندر هن لکيو هو ته چين ۽ آمريڪا وچ ۾هلندڙ تڪرار اهڙي صورتحال پيدا ڪري چڪو آهي جو جيڪو تاريخ اندر ڪڏهن نه ٿيو.۽ جيڪو تڪرار شايد ڪي وڏي جنگ جو سبب نه بڻجي.!هڪ مضمون نگار“پيٽرڪوفار” لکي ٿو ته قبل مسيح جي دور اندر سپارٽا ۽ ايتهنز جي وچ ۾ ٿيڻ واري جنگ کان وٺي جنگ عظيم جي اول تائين تاريخ ظاهر ڪري ٿي ته جڏهن ٻه ٻن ملڪن جي وچ ۾ “تهسي ڊڊيز”جهڙي منظر عام پيدا ٿيندي آهي ته انهي جو نتيجو جنگ جي صورت ۾ ئي نڪرندو آهي .اهين لڳي ٿو ته جڏهن سپارٽا اندر تمام گهڻو اضافو ٿي ويو ته سندس ايتهنز سان جنگ يقيني ٿي وئي.اهڙي طرح جرمني هڪ وڏي دفائي قوت بڻجي ويو.جڏهن جرمني عالمي وقت بڻيو ته برطانيه کي خطرو محسوس ٿيڻ لڳو.جنهن ته نتيجو اهو نڪتو جو جنگ ئي اول شروع ٿي وئي.جڏهن ته انهي حولناڪ جنگ جي خاتمي کان هڪ سئو سال بعد يعني 2018ع اندر هڪ دفعو ٻيهر هڪ وڏي جنگ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.جڏهن ته مضمون نگار اهو به لکي ٿو ته چين جي دفاعي قوت اندر هن وقت بي پناهه اضافو ٿي چڪو آهي.جڏهن ته چين خاص طور تي آمريڪي طيارن کي ڪيرائڻ لاءِ ۽ کين غرق ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ميزائيل تيار ڪري ورتا آهن.ايٽمي هٿيارن سان ليس آبدوز بحيره جنوبي چين اندر موجود آهن.جڏهن ته ڪيترن ئي جزيرن تي زمين تان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائيل به پهچايا ويا آهن.اهڙي پيدا ٿيندڙ صورتحال پيدا ٿيندي ڏسي ڪري آمريڪا اهو چئي رهيو آهي ته عالمي حڪمراني کي سڀ کان وڌيڪ خطرو پيدا ٿي ويو آهي.جڏهن ته بحيره چين اندر هلندڙ تڪرار اهڙي حد تائين پهچي چڪو آهي.جنهن مان اهين لڳي رهيو آهي ته ايندڙ ٻن سالن اندر اهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن ٻه عالمي قوتون بحيره جنوب اندر جنگ وڙهي رهيون هونديون.

غلام مصطفيٰ جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين

0333.3737575
 
Back
Top