ڪراچي جو ڪچرو ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي زميواري ...!!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي وارو شهر ڪراچي.جيڪو ملڪ سميت پوري دنيا اندر روشنين جي شهر طور مشهور آهي،پر افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته انهي روشنين واري شهر ڪراچي سان ڪو هڪ ويڌن هجي ته انهي تي ويهي لکجي. ڪلاچي کان ويندي ڪراچي تائين ۽ مانگر مڇ کان ويندي ملڪي حڪمرانن تائين.سمورن هن ڪلاچي يا ڪراچي سان هر دور اندر وڏيون ناانصافيون ڪيون آهن،ڌارين جي ڪاهن کان ويندي پنهنجن کي نوازڻ ۽ ڪراچي اندر هر شعبي ۾ سنڌ عوام جي پوئتي ڌڪڻ ڄڻ ته ڪراچي اندر هڪ رواج ۽ فِيشن بنجي ويو آهي.ڪراچي اندر هر سياسي دور حڪومت ۾ ڪڏهن به چين آرام ناهي رهيو،ٽارگيٽ ڪلنگ،ڀتا خوري،ڦر، لوٽ مار،باهه لڳڻ جا واقعا ته ڄڻ هاڻ ڪراچي جو مقدر بڻجي ويا آهن،ڪراچي جو ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو پنهنجي شهر اندر بنا خوف ۽ ڊپ جي هلي سگهي،ڪراچي جي روڊن رستن تي هلندڙ ڦرندر هر ماڻهو جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي،۽ کيس پاڻ کان هيمشه ڪو ويڌن ٿيڻ جو خوف ۽ ڊپ سندس پاڇي جيان گڏ گڏ هلندو آهي،ڪو به انسان انهي خوف واري زندگي جا آجو ناهي، ڪراچي ۽ ڪراچي جي عوام سان اهڙو ورتاءُ ڇو.؟ ۽ ڇا جي ڪري آهي؟ اهو به هڪ سوال جيڪو منجهيل سٽُ جيان آهي.جنهن کي هر دور جي سياسي حڪمرانن سلجهائڻ بجاءِ ويتر الجهائي رکيو آهي.جڏهن ته ڪراچي جنهن کي دنيا روشنين جي شهر طور سڃاڻي ٿي اها ڪراچي هونئن ته ڪيترن مسئلن ۾ هيمشه ۾ گهريل رهي آهي. پر ڪجهه مهينا کان وٺِي ڪراچي اندر هر طرف پکڙيل ڪچري کي ڏسندي سنڌ حڪومت سنجيندا ٿي پئي آهي.! ڪراچي اندر ڪچرو ڪا نئي ڳالهه ناهي، ڪراچي اندر ڪچرو ها ته پراڻي روايت رهي آهي ڇو ته صاف ڪراچي هيمشه ڪراچي تي پنهنجون حڪومتون ٺاهڻ وارن جي اکين ۾ مرچ جيان رهي آهي،ڪراچي اندر کليل گٽر ۽ ان مان وهندڙ ڪنو پاڻي جنهن ڪراچي جي عوام کي نه رڳو گندلاڻ ڏني آهي پر انهي ڪراچي جي عوام جي ڪيترن ئي معصوم گلڙن جو قتل به ڪيو آهي،۽ سوال جتي ڪراچي اندر ڪچري جو آهي ته ڪراچي سبزي منڊي کان ويندي هر ننڍو وڏو چوڪ ۽ شهرائون ڪچري جي ڍير سان ڀريون پيون آهن،ڪهڙو به اهڙو چوڪ يا گلي بازار ناهي جنهن اندر ڪچرو نه هجي، ڪراچي شهر کي ڇڏي ڪري ڪراچي جي سمونڊ تي هڪ نظر وجهجي ته اهو به هاڻي گندلاڻ جي ور چڙهي ويو آهي.جنهن تي هن وقت ته انتظاميه جي اک به ٿي پوي پر وقت ايندو جڏهن انهي سمونڊ ۾ وڌندڙ گندلاڻ سبب ڪراچي جي عوام کي ڪيترائي مسئلا درپيش ايندا،جنهن کانپوءِ انتظاميه کي اک کلندي،ٻئي طرف ڪراچي اندر هر طرف وڌندڙ ڪچري کي ڏسي ڪري سنڌ حڪومت ديرآئي درست آئي وارو ڪرادر ته ادا ڪيو پر انهي کي به ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا آهن پر جو ته کڙ تيل نڪرندي نظر نه پيو اچي،ڇو ته سنڌ صوبي جي اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سائين قائم علي شاهه ڪراچي جي ٽن(ڊي ايم سيز)کان ڪراچي جو ڪچرو کڻائڻ جو ڪم هڪ چيني ڪپنمي کي ڏنو، انهي معاهدي کان پوءِ چيني ڪمپني کي ٽن هفتن اندر ڪراچي ۾ هر طرف پکڙيل ڪچرو کڻڻ جي زميوار پوري ڪرڻي هئي،پر سائين به خيرن جو هليو ويو پر اڃان تائين ڪراچي اندر ڪچري وارو مسئلو حل ٿي نه سگهيو آهي،ان وقت سائين جن اهو به چيو هوُ ته وٺن سٺو ٽيم ورڪ آهي جنهن جي ڪري هو ڪراچي کي صاف سٿرو رکڻ ۽ ڏسڻ ٿو چاهي،پر اوچتو پاڪستان پيپلزپارٽي اندر هڪ تبديلي آئي جنهن تبديلي طور سائين قائم علي شاهه کي گهر وڃي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ انهي جاءِ تي سنڌ جي وزيراعليٰ جي سيٽ سائين مراد علي شاهه جي حوالي ڪئي وئي،پرانکان پوءِ ڪراچي اندر هڪ ٻئي عهدي کي پڻ تبديل ڪيو ويو جيڪو هو گورنر سنڌ جو. پراڻي گورنر سنڌ کي هٽائي ڪري وري هڪ نئي جهوني گورنر کي گورنرسنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.جنهن به پنهنجي عهدي کي وقت گهٽ ۽ اسپتال کي وقت تمام گهڻو ڏنو آهي،انهي ٻنهي مرحلن دوران ڪراچي جي ڪچري جي مسئلو وري به الجهيو ئي رهيو،پر ڪجهه وقت کانپوءِ ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ لاءِ چين مان هيوي ميشنري گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو،جڏهن ته اهو به ٻڌايو پئي ويو ته چين ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ لاءِ هڪ جديد مشنري تيار ڪئي آهي جيڪا ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ جو ڪم سرانجام ڏيندي،جڏهن ته ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ واري معاهدي بابت اليڪٽرونڪ سوئيپنگ،مشينن ۽ ڊمپرن کي ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي،۽ جن بابت اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هو ته اهي ڪراچي پهچنديون،جن مٿان اردو زبان اندر ڪجهه اهڙا به جملا لکيا ويا آهن.جڏهن ته انهي ميشنري کي تيار ڪندڙ چيني ڪمپني(ووزينگ ۽ سالڊ ويسٽ) تيار ڪيو آهي،جڏهن ته صوبائي بلدياتي وزير ڄام خان شورو اهو به چيو هو ته صفائي ڪندڙ مشنيريون جلد کان جلد ڪراچي پهچي وينديون،جڏهن ته چيني ڪپمني ڪراچي اندر پهرين مرحلي ۾ گهرن کان ٻاهر پيل ڪچرو مفت ۾ کڻندي،پر ياد رهي ته ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ وارو معاهدو سولڊ ويسٽ مينجمينٽ ڪمپنين جي وچ ۾ ٿيو آهي،جيڪي اڳين مرحلي ۾ 200چيني پروجيڪٽ تي براءِ راست شامل ٿي وينديون،جڏهن ته صفائي جو ڪم بلديات انتظاميه ميونسپل ورڪرز جي حوالي ڪيو ويو هوُ،اُن وقت اهو چيو ويو هوُ ته 2017ع ۾ ڪراچي هڪ صاف ۽ سٿري ڪراچي ڏسڻ ۾ ايندي،پر شايد اهو سڀ ڳالهيون ڪنهن حد تائين چوڻ برابر ٿيون.ڇو ته 2017ع ۾ باقي وڃي ڪجهه ڏينهن بچا آهن ۽ ڪراچي اندر اڃان به هرطرف پکڙيل ڪچرو اهو صاف ٻڌائي رهيو آهي ته انهي ڪچري کي صاف ڪرڻ ۽ صاف سٿري ڪراچي ڏسڻ لاءِ اکين کي اسان به ڪي سال لڳندا،پر ڪالهه سنڌ جي نئي وزيراعليٰ سائين مراد علي شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي مان ڪچرو کڻائڻ سندس زميواري آهي ۽ سندس ڪم آهي،ان وڌيڪ چيو ته هوُ چاهي ٿو ته ڪراچي صاف هجي ۽ هوُ صاف ڪراچي ڏسڻ جو خواهشمند آهي،ڪالهه وزيراعليٰ سنڌ سائين مراد علي شاهه ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو،جنهن مان اها ڳالهه يقنيي ٿي چڪي آهي ته جن جن علائقن جو سائين دورو ڪيو آهي اهي سمورا علائقا گندگي جي ڍير سان ڀريل هوندا جن کي ڏسي ڪري سائين کي ڪراچي واسين تي رحم ٿي ويو هوندو. جنهن ڪري سائين هاڻي سموري بار ٻين جي ڪلهن تان لاهي پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي،سائين ڊسمبر جي آخر تائين ڪراچي مان ڪچرو صاف ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي،پر مان سمجهان ٿو ته ڪراچي اندر پکڙيل گندگي ۽ هرطرف پکڙيل ڪچري تي حڪومت سنڌ کي سجنيدا ٿيڻو پوندو ۽ ڪراچي جي ميئر کي به گڏ کڻي هلڻو پوندو ۽ مڪمل نگراني ڪرڻي پوندي،شايد تنهن کانپوءِ وڃي جو ڪم ٿي. نه ته ڳالهيون ڪرڻ حڪمرانن لاءِ تمام آسان آهن ۽ انهن ڳالهين کي عملي جامون پارائڻ تمام گهڻو مشڪل آهي

    غلام مصطفيٰ جمالي:کڏهرو موري ضلع بدين

    03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو