احتساب ۾ دير ڇاجي آهي.!!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    نيب بلوچستان جي سڪيٽري فناس مشتاق رئيساڻي جي گهر تي ڇانپو هڻي وڏي تعداد اندر ملڪي توڙي غير ملڪي ناڻو هٿ ڪيو.جيڪو ڪرپشن جي ذريعي گڏ ڪيو هو.ان وقت اهو سمورو منظر پاڪستان جي مختلف ٽي وي چيئلن تي ڏيکاريو پئي ويو پوري قوم جو نظرون هن وقت پاڪستاني نيوز چيئلن تي کتل هنيون.پسئا ايتري مقدار ۾ هئا جنهن جي ڳڻپ لاءِ انساني دماڳ ڪم نه پئي ڪري سگهيو ان انهي پسئي جي ڳڻپ لاءِ پئسا ڳڻڻ واريون ٽي منشيون پڻ گهرايون ويون هنيون.جيڪا سمورو ڏينهن اهي پسئا ڳڻينديون رهيون.ان وقت هڪ عجيب منظر هيو ته پسئا ڳڻڻ واريون مشنون گرم ٿي ويون ليڪن پئسا نه ڳڻجي سگهيا.جڏهن ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ اها خبر پئي ته بلوچستان جي سڪيٽري فناس مشتاق رئيساڻي جي گهر مان جيڪا رقم برآمد ٿي هئي اها ٽوٽل رقم 73ڪروڙ رپيا هئي.جنهن اندر ڪروڙين رپين جي ٻاهرين ملڪن جو پسئو نه شامل هيو جنهن اندر آمريڪي ڊالر، ۽ يورو شامل هيا.ان سان گڏ پرازپانڊ،سونا زيورات ۽ ٻيا زيورات،جيلوري،چاندي،۽ جواهرت شامل هيا.بلوچستان جي فناس سڪيٽري مشتاق ريئساڻي. جي لڳل ڇانپي اندر وڏي مقدار اندر هٿ ڪيل ڪيو ته انهي جي ٻئي ڏينهن بلوچستان جي وزير خزانا ڊاڪٽر عبدالمالڪ تمام گهڻي جذباتي لهجي اندر هڪ تقرير ڪندي چيو ته سندس زماني اندر اهي سڀ لوٽ مار ڪندڙ انسان موجود هئا جنهن جو کيس پتو نه پئجي سگهيو.جنهن تي وزيرخزانا ڊاڪٽر عبدالمالڪ چيو ته هو انهي ڳالهه جي شرمسار آهي.۽ پنهنجو پاڻ کي انهي جي ڪري احتساب لاءِ پيش ڪندو.ڊاڪٽر عبدالمالڪ جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ڀلي درست هجي پر اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿي ته اسانجي سموري سسٽم اندر جيڪو گند ڀريو پيو آهي اهو گند مڪمل طور ڪڏهن ختم ٿيندو.ڳالهه رڳو هتي هڪ ريئساڻي جي نالي جهن جي گهر مان 73ڪروڙ نڪتا ڳالهه اها آهي ته هن ملڪ اندر اهڙا ڪيترائي چهرا موجود آهن جن عوام جا پيٽ چيري انهن غريبن جي حقن جي ڌاڙا هڻي پنهنجا محل جوڙيا آهن.جڏهن ته ڳالهه اها به آهي ته ملڪ اندر ايڏي وڏي ڪرپشن ٿي رهي آهي جنهن جي خبر نه ناڻي واري وريز کي آهي ۽ نه ئي چيف ايگزڪٽيو کي. ٻهراڙي ۾ اوهان ڏٺو هوندو ته ڌنار پنهنجو ڌڻ چارڻ کان پهرين پنهنجي ولر جي ڳڻپ ڪندو آهي ته ڪٿي انهي ولر مان ڪو جانور کٽل ته ناهي.جيڪڏهن ڪو جانور کٽل به هوندو آهي ته سندس هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا مچي ويندي آهي ته منهنجي ولر مان رات ڪو چور هڪ جانور چوري ڪري ويو آهي.جنهن کان پوءِ انهي جانور ۽ چور جا پيرا کڻڻ لاءِ پيري کي گهرايو ويندو آهي ۽ اهڙو چوري جو اعلاع حد جي پوليس کي به ڏنو ويندو آهي ۽ چار چڱا ڳوٺ جا به گڏ ڪيا ويندا آهن.جنهن جي پوءِ سڀئي گڏجي ڪري انهي چور جي تلاش جاري ڪري ڏيندا آهن.۽ نيٺ چور کي جهلي کيس چوري جي سزا ڏني ويندي آهي..چوڻ جو مقصل ته هڪ ڌنار کي پنهنجي مال جي ايتري يادگيري آهي ۽ اسانجي اڳواڻن کي اسانجو ڪو به فڪر ناهي.ڌنار جي هڪ جانور جي چوري تي هاءِ گهوڙا اسانجو ته سموري ڌڻ لٽجي ويو جنهن جي ڪنهن کي به يادگيري ناهي.!حڪمران هن وقت رڳو پنهنجي سياست چمڪائڻ ۾ پورا آهن.هتي عوام جي درد جي ڪنهن وٽ به ڪا دوا ناهي هتي هر ڪنهن جي هٿ ۾ غريب کي ڏيڻ لاءِ زهر آهي . مشتاق ريئساڻي 73ڪروڙ جي ڪرپشن ڪئي ته ڇا سنڌ مان ڪرپشن جو باب ختم ٿي ويو.مان ته اها ئي ڳالهه ڪندس ته ريئساڻي کان وڌيڪ پئسا سنڌ سياسي ڪامورن گهرن ۾ هوندا.جنهن وقت ريئساڻي جي گهر تي ڇانپو لڳو هن وقت هڪ ٽي وي اينڪر بهترين ڳالهه ڪئي ته،اسانجي صحت ڪٿي آهي،اسانجي تعليم ڪٿي آهي،ترقياتي نظام ڪٿي آهي،اسانجا روڊ رستا،اسانجون ترقياتي اسڪيمون ڪٿي آهن.وري ريئساڻي جي پسئن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته اهي سڀ هتي آهن. حقيقت ته اهائي آهي اسانجي تعليم جا ٻهراڙي مان ته مڪمل ختم ٿي وئي آهي،اسانجي صحت جو اهو حال آهي جو هڪ ٻهراڙي جي عام مسڪين عورت پنهنجو ويم به بهراڙي جي اسپتالن اندر نه ٿي ڪرائي سگهي ۽ غريب مسڪين ماڻهو جڏهن اڌور سوڌر کڻي شهر پهچندو آهي ته سندس زال ٻار سوڌو مري ويندي آهي.روڊن جو اهو حال آهي ته هر روڊ تي گوڏي جيڏا کڏا آهن. جنهن تي سواري ڪندي چڱو ڀلو به بيمار ٿي ويندو آهي،اهو ظلم ناهي ته ٻيو ڇاهي ڇا حڪمرانن جي مرڻو ڪونهي يا کين خدا جو ڊپ ناهي،بلوچستان اندر ته ڪاروايون ٿيون آهي اهڙيون ڪاروايون سنڌ ۾ به ٿيڻ گهرجن جن جي شروعات ضلع سطح کان ٿيڻ گهرجي،بلوچستان جو سڪيٽري فناس مشتاق رئيساڻي هڪ بيروڪريٽ آهي.۽ اسان وٽ عام طور تي سياستدانن جي ڪرپٽ سمجهيو ويندو آهي.۽ اها ڳالهه بلڪل به درست آهي ڇو ته اسانجي معاشري اندر سياست جي آڙ ويٺل هڪ وڏو طبقو انتهائي ڪرپٽ آهي.اوهانکي ياد هوندو ته گذريل سال شرجيل انعام ميمڻ جي گهر مان به اربين رپيا براآمد ٿيا هئا.پراڄ شرجيل انعام ڪٿي آهي.اهڙي ريت ماڊل ايان علي جي به ڪير ڪون ٿو سڄاڻي ڪهڙي ريت جو بار بار بيرون ملڪ پاڪستاني ناڻو کڻي پئي وئي ان کان اعلاو ڪيترائي سياستدان آهن جن جا قصا ملڪ جو ٻار ٻار ڄاڻي ٿو.ان ڪري هن وقت ملڪ اندر ڪرپشن کان پاڪ ٿيڻ لاءِ ڪجهه مخصوص ماڻهن جي سامهون آندو پيو وڃي. جئين انهي جي آڙ اندر وڏا مانگر مڇ بچي سگهن.پر انهي ننڍن ننڍن مڇين کي سامهون آڻي پاڻ لڪڻ سان ڪرپشن جو خاتمو ٿي نه سگهندو.هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهو اهو سڀ ڪجه هيٺن سطح تي ٿي رهيو آهي انهي مان ڇا ٿيندو وڌ ۾ وڌ ڪجهه ڏينهن جو شور ٿيندو ۽ انهن هيٺِي سطح جي ڪرادرن جي منطر عام تي آڻي وري انهن کي غائب ڪيو ويندو ۽ ڪجهه سال سلسلو وري به اهين هلندو تنهن کان پوءِ وري به ساڳيو مجنون ساڳي ليليٰ.هيٺِين سطح جي ماڻهن کي غائب ڪري انهي جاءِ جي نون چهرن کي آندو ويندو جن جا صرف چهرا تبديل هوندا،۽ سان جديد دور اندر ڪرپشن جي به جديد ڪارنامه ٻڌانداسين.۽ انهي مان نجات ڪڏهن به ملي نه سگهندي.پاڪستان جي آزاد ٿيندي 68سال تي ويا آهن ۽ انهي 68سالن اندر پاڪستان ۾ 34سويلين ۽34مارشالا لاڳو ٿيون آهن يا فوجي حڪومت رهيون آهن.پاڪستان اندر عام رواجي تنقيد جي سياستدان تي ڪئي ويندي آهي ته اهي ڪرپٽ آهن.۽ فوج کي انهي جي ڀيٽ ۾ گهٽ تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.پر جڏهن ته فوج اقتدار ۾ ايندي آهي ته هر عام يا خاص ماڻهو وري جهوريت جي راڳ ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.هر ڪوئي اهو ئي چوندو رهندو آهي ته اسانکي فوج مان نجاب ڏياري وڃي.جڏهن ته انهي جي خلاف هڪ تحريڪ به هلائي ويندي آهي.هاڻ ڪجي ته ڇا ڪجي،هتي ڪو هڪ ڪرپٽ هجي ته ڳالهه به ڪيون هتي ته بازاريون ڀريون پيون آهن.هتي جا تاجر واپاري اربين رپين جو ڪمپنيون ته هلائين ٿا پر ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن.پارٽين سان تعلق رکندڙن وزيرن کان بار بار پڇا ڪئي وئي ته انهن جي کاتن جا سڪيٽري يا ٻيا آفيسر کي پاڻ سان ملائڻ کان سواءِ ڪرپشن ڪئين ٿي مڪمن ٿي سگهي.نيب جي سابق سربراه فصيح بخاري پنهنجي سربراهن جي ٻڌايو ته پاڪستان اندر روزانه 12ارب رپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي،سوئزرلينڊ ۾ موجود سوئس اڪائونٽس اندر پاڪستان سياستدانن بيروڪريٽس،جرنلن،ججن ۽ واپارين جا ڪيترائي سوين ارب ڊالر جمع آهن.پاناما ۽ ان جا ٻيا ملڪ جيڪي ٽيڪس چورن جو ڳڙه ڏسبو آهي اتي به پاڪستانين جا سوين ارب ڊالر آف شور ڪيپمين اندر موجود آهن.۽ لنڊن آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن اندر پاڪستاني جي اربين رپين جو ملڪيتون آهن.اهي سڀ جون سڀ واپس اچن ته ملڪ ڪيترو خوشحال ٿي سگهي ٿو.؟ان ڪري سياستدانن جو اهو ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي دامن ۾ هڪ دفعو ضرور جانچي ڏسڻ گهرجي ڪٿي انهي جي اندر به ته ڪو چور لڪل ناهي.ان ڪري بلوچستان مشتاق رئيساڻي جي گهر مان مليل رقم اهو هڪ موقع فرام ٿيو آهي ته ڪنهن به تاخير کان سواءِ جلد کان جلد احتساب شروع ڪيو وڃي.

    غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو موري ضلع بدين

    03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو