آدم شماري،زندگي ۽ موت جو سوال.؟؟

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    اها ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته ملڪ جي ترقي ۽ معييشت ۽ سياست کي هميشه الڳ رکيو وڃي.۽ اها به حيقيت آهي ته بهتر آدم شماري کان سواءِ ملڪ جي ترقياقي ڪمن لاءِ صحيح نموني رٿا بندي ڪري نه ٿي سگهجي.۽ اهو ملڪ بهتر نموني سان ترقي ڪري به نه ٿو سگهي جيڪو رات جي تاريخين ۾ ويهي تير هلائي.پندرهن سال گذري چڪا آهن ۽ ملڪ ۾ اڃان آدم شماري ٿي نه سگهي آهي.ان دوران ملڪ اندر جرنل پرويز مشرف جي آمريت جو درو به گذريو ۽ هن پنهنجي مرضي سان ملڪ کي هلايو ۽ ملڪ جي عوام تي راج ڪيو ان کان پوءِ پ پ به پنهنجا پنج سال پورا ڪيا.۽ انهن پنج سالن اندر پ پ به منهنجي جي حڪومت جي ڪرسي تي ويهي ملڪ هلايو پر ڏسجي ته انهن پنج سالن اندر پ پ کي به خيال نه آيو ته آدم شماري ڪرائجي ۽ نه جرنل پرويز مشرف کي اهو ياد آيو ته آدم شماري ڪرائجي.ڇو ته شايد ٻنهي حڪومتن کي آدم شماري جي اهميت جي خبر نه هئي جنهن جي ڪري انهن ٻنهي حڪومتن آدم شماري ڪرائڻ جي مذمت نه ڪئي.ڇو ته ملڪ جي آدم شماري مان ئي ملڪ جي معيشت جي ترقي جي بحالي ممڪن آهي.جنهن آدم شماري سان ملڪ ترقي جي منصوبن جو بنياد وجهي سگهجي ٿو.اصولن ته هر ڏهن سالن کان پوءِ آدم شماري ڪرائڻ لازمي آهي.پر هن ملڪ اندر ڪيترائي سال ٿي چڪا آهن جو آدم شماري نه ٿي سگهي آهي.جنهن جي ڪري پاڪستان اندر هن وقت ٿيندڙ آدم شماري جي وڏا بحث هلي رهيا آهن.وفاق پهرين حڪومتن وانگر آدم شماري کان مسلسل لهرائي رهي آهي ۽ صوبائي حڪومت ۽ ٻيون سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته آدم شماري ٿي.انهي آدم شماري کي وٺي ڪري ملڪ جي سياست اندر هن وقت وڏي گرما گرمي هلي رهي آهي.ان ڪري شڪ آهي ته آدم شماري لاءِ گهربلانگ ۾ فوج نه ملڻ تي ڪجهه عرصي لاءِ پوئتي ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته گذريل ڇنڇر تي پنهنجي هڪ بيان اندر اسحاق ڊار چيو هوته جيڪڏهن آدم شماري ۾ ڪجهه ٽائيم لاءِ دير ٿي ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي. ڪائي، پي آءِ اي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ملڪ جي معيشتصحيح دڳ تي هلي چڪي آهي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن ڊسمبرتائين روينيو جا حدف حاصل ڪيا ويا مالياتي خسارو 4.3 سيڪڙو تائين آڻڻ جوهدف آهي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو تائين مٿي آڻڻ چاهيون ٿا تيل جي قيمتن ۾ لاٿسان حاصل ڪيل آمدني جو 63 سيڪڙو صوبن ڏانهن وڃي ٿو.ٻئي طرف انهي آدم شماري کي وٺي ڪري سنڌ حڪومت زندگي ۽ موت واري سوال تي ٻيٺل آهي.سنڌ جي وڏي وزير صلاحڪار مولابخشچانڊيو پاران وفاقي حڪومت طرفان مارچ جي مهيني ۾ ٿيندڙ مردمشماري کي ممڪنهطور تي دير ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مارچ ۾ ٿيندڙ مردمشماري ۾وڌيڪ دير ناقابل برداشت عمل آهي. هن چيو ته گڏيل مفادات ڪائونسل جي فيصليتحت وفاقي حڪومت مردمشماري مقرر وقت تي صاف ۽ شفاف ۽ منصفانه انداز ۾ڪرائي وڃي، ڇو ته هر 10 سالن کانپوٰءِ مردمشماري آئيني تقاضو آهي جنهن ۾پهريان ئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. مردمشماري جي حوالي سان سنڌ صوبي ۽بلوچستان صوبي جي عوام ۾ خدشا ۽ تحفظات کي به دور ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جيحڪومت گهرشماري 6 مهينن ۾ڪرائي هئي ان لاءِ 3 ڏينهن ۾ مردمشماري ڪيئن ممڪنآهي. مردمشماري کان اڳ نادرا ذريعي جاري ڪيل شناختي ڪارڊز جي به تحقيقاتڪرائي وڃي ته جيئن نقلي شناختي ڪارڊن جي به نشاندهي ٿي وڃي.آدم شماري ٿيندي يا نه ٿيندي اهو وقت فيصلو ڪندو پر جيڪو هن وقت ملڪ اندر ٿي رهيو آهي ان مان اهو ته صاف لڳي رهيو آهي ته وڙهڻ بجاءِ وفاق جي صوبن کي فيصلن کي مڃي ڪري آدم شماري ڪرائڻ گهرجي .ڇو ته ان کان پهرين به آدم شماري ٿي آهي پوءِ اهي حڪومتون چريون ته نه هنيون جن آدم شماري ڪرائي.پاڪستان اندر پهرين آدم شماري1952ع ۾ ٿي ۽ ٻئي آدم شماري1960ع ۾ٿي ۽ ٽئي آدم شماري1972ع ۾ ڇوٿين آدم شماري 1982ع ۾ پنجين ۽ آخري آدم شماري 1998ع ۾ ٿي.جڏهن ته پنجين آدم شماري پنهنجي وقت مطابق 1992ع ۾ ٿيڻ گهرجي ها ته اها به پنهنجي وقت ٿي نه سگهي پر وقت جي ٿوري سالن تي اندر 1998ع ۾ ٿي وئي.جڏهن ته انکان پوءِ آدم شماري 2008ع ۾ ٿيڻ گهرجي هان.جيڪا هن وقت تائين نه ٿي سگهي آهي.2015ع ۾ پڻ امڪان هو ته شايد آدم شماري 2015ع ۾ ٿيندي پر اها به نه ٿي سگهي هن وقر 2016ع هلي رهيو آهي.جنهن اندر به حڪومت جو پاڻ اهڙو رويو اهو اندازو لڳائن تي مجبور ٿو ڪري ته شايد هي سال به آدم شماري نه ٿي سگهي.سنڌ حڪومت آل پارٽي ڪانفرنس ڪرائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهن جنهن اندر ملڪ جو سياسي سماجهي،مذهبي ۽ قوم پرست پارٽيون شامل آهن.جيڪي هڪ جڳهه تي گڏ تي اهو فيصلو ڪندا ته آخر وفاق کي ڪهڙي ڳالهه ٿي راضي ڪيو وڃي ته هو پنهنجي وقت تي آدم شماري ڪري.اها واضع ڳالهه آهي جيڪا سنڌ جا سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته آدم شماري ڪرائڻ هڪ آئيني تقاضو آهي.جنهن جي وفاقي حڪومت کي پورو ڪرڻ گهرجي..پر لڳي ڪجهه اهين رهيو آهي ته شايد انهي تقاضي کي وفاق حڪومت پورو ڪرڻ نه ٿي چاهي.وفاق صرف هڪ صوبي پنجاب تائين محدود آهي ۽ اها سندس سوچ آهي ته ترقي ته پنجاب ٿي ۽ سمورا ترقي جا منصوبا به پنجاب اندر هلايا وڃن.ان جي ڀيٽ اندر وفاق ٻين صوبن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي جيڪو واضع طور تي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.ان ڪري وفاق صوبن جي ڪا به ڳالهه مڃڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.ان ڪري وفاق کي گهرجي ته هو صوبن تي ضد کي ڇڏي ڪري ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ سوچي ڇو ته عوام به وفاق کان اهو ئي چاهي ٿي ته سندس ترقي ٿي عوام به شخحال ۽ روشن پاڪستان ڏسڻ ٿي چاهي ان ڪري جيڪڏهن آدم شماري ۾ ئي ملڪ جي ترقي جو مقصد آهي ته اها وقت تي ٿيڻ گهرجي پوءِ ان جي حوالي سان وفاق کي اجايون ڳاليهون ۽ واويلا نه ڪرڻ گهرجن
    غلام مصطفيٰ جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين
    0333.3737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو