آدمشماري نه ٿيڻ به سنڌ خلاف سازش آهي..!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي سخت مخالفت جي باوجود آدمشماري کي آپريشن ضرب عضب ۾ فوج جي مصروف هجڻ جو جواز ڄاڻائي 16 مارچ کان ٿيندڙ آدمشماري کي ملتوي ڪيو ويو آهي.جڏهن ته سنڌ حڪومت جي وزيراعليءِ سائين قائم علي هر دفعي آدمشماري کي ڪرائڻ جي گهر ڪندو رهيو ۽ ڳالهه ايتري حد تائين وڃي پهتي جو سائين قائم علي شاهه آدمشماري کي زندگي ۽ موت جي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو.پر جئين جئين وقت گذرندو ويو ته سائين جي بيانن مان اها ڪاوڙ آهستا آهستا موڪلائڻ لڳي.جنهن مان اهو صاف لڳي رهيو ته ڄڻ سائين پاڻ انهي آدمشاري جو نه ٿيڻ جي حمايت ڪري رهيا هجن.تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته هاڻ سنڌ حڪومت جي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته آدمشماري جي حوالي سان انهن جون ڳاليهون ته وڏيون هنيون پوءِ انهن ڳاليهن کي عملي جامو ڇو ته پارايو ويو.جڏهن ته وزيراعظم جي اجلاس اندر اهو فيصلو به ڪيو ويو هو ته ايندڙ پندرهن ڏينهن اندر آدمشماري ڪرائي ويندي.جڏهن ته پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٻيو اجلاس گهرايو ويو جنهن اندر اهو فيصلو ڪيو ويو ته آمشماري ملتوي نه ٿا ڪيون پر ٿورڙي وقت لاءِ کيس پوئتي هٽايو ٿا.جڏهن ته هن نئي ٿيڻ واري وزيراعظم جي اجلاس اندر آدمشماري جي ضرب غضب جي ڪري فوج سبب ڄاڻائي ملتوي ڪيو ويو آهي.جڏهن ته آدمشماري ملتوي هجڻ سان گڏ وفاق حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي پڻ ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته آدمشماري جو ملتوي ٿيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي حمايتي بيان کان پوءِ سموري سنڌ جي عوام ۾ هڪ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي.سنڌ جي عوام مجهان ڪير به اهو نه ٿو چاهي ته آدمشماري ملتوي ٿي ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺهي.ڇو ته انهن ٻنهي منصوبن مان صاف ظاهر آهي ته اهي ٻئي منصوبا سنڌ جي عوام سان سراسر زيادتي جو ثبوت آهي.سنڌ جي زراعت پاڻي نه ٿيڻ ڪري 60فيصد تباهه ٿي چڪي آهي.جڏهن ته درياهه اندر پاڻي جي مسلسل کوٽ ۽ دريا جو پاڻي سمونڊ ۾ داخل نه ٿيڻ سبب ته سمونڊ سنڌ جو هزارين ايڪڙ ذرخير زمينون ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ روزانو سوين ايڪڙ زمنيون ڪلراٺيون ٿينديو پيون وڃن.جنهن جي ڪري بدين ۽ ٺٺي جا هزارين آبادرگار جن جو زخيرز زمينون سمونڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ته انهن وٽ هاڻ ايترو به پيسو ناهي جو هو پنهنجي ٻچن کي هڪ وقت جو لولو کارائي سگهن.۽ اهڙي ماحول اندر ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت سنڌ جي سموري زمين کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو قرار ڏنو پيو وڃي.جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالف سنڌ جي سموري عوام ڪري رهي آهي ته اٿي وزيرسنڌ جي صلاحاڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙي جي اٿارڻ جي سازش آهي. سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي اڳواڻ وفاقي حڪومت پاران آدمشماري ملتوي ڪرڻ واري اعلان جي مخالفت ڪندي حيدر منزل ڪراچي ۾ مانيٽرنگ ڪميٽي جو اهم اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ،اُن موقعي سياسي سمجاهي اڳواڻن چيو ته وفاق سرڪار آدمشماري جي اهم معامري تي سنجيدا نه آهي جنهن تي اسان اڳ ۾ ئي پنهنجن خدشن کان آگاهه هواسين.جڏهن ته آدمشماري اوچتو ملتوي ڪرڻ جو ٻڌي جنهن تي سنڌ جا قومپرستن ساڃاوندن ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جاگرتا واري مهم کي شروع ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ واڻ وستي پنهنجي پيغام کي عام ڪندي نظر اچي رهيا آهن.پر اها به حيقيت آهي ته وفاق سرڪار آدمشماري ڪرائڻ نٿي چاهي ۽ قوم پرست اڳواڻ چئي رهيا آهن ته هو وفاق کي آدمشماري ملتوي نه ڪرڻ ڏيندا.!مان سمجان ٿو ته آدمشماري ملتوي ڪرڻ صوبن سان ناانصافي آهي جنهن کي ڪنهن به سنڌ جو ڪو به ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ برداش نه ڪندو، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بهتر مسقبل کي اڳيان رکي وڌ مان وڌ آدمشماري ۾ پاڻ ڳڻائن چاهين ٿا ڇو ته آدمشماري سنڌ جي ماڻهن جي بقا جو معامرو آهي سنڌ جي هاري مزدور پورهيت توڙي عام ماڻهو کي سڄاگي جو پيغام ڏيڻ لاءٌ نڪتو آهي هر ساڃاوندن توڙي شعوري ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪميٽي ٺاهي پنهنجي ماڻهو ڳڻائي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،ته جيئن سنڌ جي سرزمين تي پنهنجي حقي حڪمراني کي قائم رکي مالي وصيلن جائز حق وٺي سگهي،. آدمشماري جي هن وقت جي سخت ضرورت آهي جڏهن ته اها به هڪ واَضع حيقيت آهي ته 18سال گذري چڪا آهن ۽ انهي اڙهن سالن اندر عوام اندر بي پناه اضافو ٿيو آهي. آدمشماري پاڪستان جي جن صوبن ۾ به ٿئي ته پنجاب ۾ پنجابي، سرحد ۾ پٺاڻ ۽ بلوچستان ۾ بلوچ ۽ پختون جي اڪثريت آهي، واحد سنڌ صوبو آهي، جتي 51 لک غير قانوني پرڏيهي رهن ٿا. آدمشماري ۾ انهن کي به شامل ڪرڻ جا سانباها پيئي ٿيا، جڏهن ته سنڌ جي سمورن شهرن جي آبادي جو پنجاهه سيڪڙو سنڌي آهن، انهن کي ٻين قومن ۾ ضم ڪرڻ جي 2011ع ۾ سازش ٿي، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ اسان وارا پناهگير ڀائر سنڌ جا والي وارث بڻجڻ لاءِ شهرن ۾ قبرستانن جي مردن کي به آدمشماري ۾ شامل ڪرائڻ پئي چاهيو ته جيئن 2018ع جي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ سنڌي بجاءِ ڪو پناهه گير ٿئي. جنهن لاءِ هنن پوري تياري ڪري ورتي آهي. اهڙي طرح سان سنڌ سان مالي وسيلن جي ورڇ کان ويندي آبادي جي ڳڻپ ۾ به ٺڳي ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ٿيندي رهي آهي.ان ڪري اها به ڳالهه سچي آهي ته آدمشماري ڪهڙو نه بهانو ڪري کيس ملتوي ڪيو وڃي پر مان سمجهان ٿو ته آدمشماري جي ملتوي ٿيڻ سان صرف ۽ صرف نقصان عوام جو ئي آهي.جڏهن ته حڪومت کي عوام جي انگ اکرن جي خبر ناهي ته هو عوام جي گهرجن تي ڪيئن پورو لهندي.جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي عمل ۾ ناهي ته عوام لاءِ ايندڙ بجٽ هميشه هميشه فضول اجايو خرچ ٿيندو رهندو.جيڪو عوام جي حقن تي سئنون سنڌو ڌاڙو آهي.آدمشماري لاءِ 15ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته آدمشماري جي لاءِ تربيتون ڀريون به ٿي چڪيون آهن.جنهن اندر هڪ لک 66هزار بلاڪ به ٺهي چڪا آهن.جڏهن ته ان لاءِ ڪيڏهن فوج جي ضروت پئي ته اها به وڌ ۾ وڌ هڪ لک 65هزار نواجون هوندا.جڏهن ته فوج هن وقت صرف هڪ لک فوجي نوجوان آدمشماري جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.پر انجي باوجود به ڏسجي ته آدمشماري جي لاءِ جيڪڏهن حڪومت سنيجندا هجي ته آدمشماري پنهنجي وقت تي ٿي سگهي ٿي.پر پهريان ته سنڌ حڪومت به آدمشماري جي وٺي ڪري تمام گهڻي سنجيندا نظر اچي رهي هئي ته پر سنڌ حڪومت به انهي معاملي تي ماٺ وارو ڪرادر ادا ڪري رهي آهي. آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي 31 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو، ڪميٽي آگاهي مهم ختم ڪرڻ جي اعلان بعد پهرين اپريل کان ضلعي وار ڌرڻن جو پڻ اعلان ڪيو آهي. سنڌ آدمشماريمانيٽرنگ ڪميٽي فورم تحتسنڌ جو گڏيل مطالبو وفاقي سرڪار کي جلد اماڻيو ويندو. آدمشماري لازمي ٿئي.ان ڪري وفاق کي گهرجي ته آدمشماري کي وٺي ڪري ٺال مٺول وارين ڳاليهن کان پاسو ڪري ۽ جلد کان جلد آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪري جيئن هر صوبي جي عوام جي هڪ جهڙا هڪ ملي سگهن.جيڪي صوبا گهڻي آبادي ۽ ڌارين جي لوڌ کي برادشت ڪري رهيا آهن .انهن مان سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن اندر ڌارين جي ڪهٽ لٿل آهن.جيڪي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن.سنڌ جو خاصو طبقو محرومين جي ور چڙهي ويو آهي.۽ اهڙي ماحول ۾ حڪومت کي ڇا ڪرڻ گهرجي شايد اهو ڪنهن کان ڳجهو نه هوندو.سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وفاق تي وچ ۾ سنڌ جي مسئلي جي باري ۾ شرطيه طور تي آدمشماري جي ڳاليهون رکي ۽ وفاق تي اهو زور ڀري ته هو ڪهڙي حال ۾ آدمشماري ڪرائي..
    Mustafa.03333737575.jamali@gmail.com
    غلام مصطفيٰ جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين
    0333.3737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو