کرب رپين جا قرض بس ائين معاف...!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    وفاق حڪومت گذريل 25سالن دوران مختلف مالياتي ادران کان قرض معاف ڪرائڻ واري لسٽ ايوان بالا(سنيٽ) ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي.جنهن اندر اهو انڪشاف ٿيو آهي ته 1990ع کان ويندي2015ع تائين 988کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ شخصيتن جا 4کرب 30ارب 6ڪروڙ رپيا معاف ڪرائي ڇڏيا آهن.جڏهن ته انهن قرف معاف ڪرڻ جي اعتبار سان عبدالله پيپرز پرائيوٽ لميٽيڊ سڀني کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.جنهن 2015ع کان وٺي هڪ 1 کرب 54ارب84ڪروڙ73لک رپيا قرض معاف ڪرايو آهي.مهراڻ بينڪ سڪينڊ جي مرڪزي ڪردار يونس حبيب 1997ع ۾ ٻه2ارب47ڪروڙ رپيا معاف ڪرايا ريڊڪو ٽيڪسٽائيل جي مالڪ ۽ سابق چيئرمين احتساب بيرو سيف الرحمان 2006ع ۾ 1هڪ ارب16ڪروڙ 76لک رپيا معاف ڪرايا.فوجي سيمنٽ 2004ع 5ڪروڙ کان وڌيڪ جو قرض معاف ڪرايو. سپيرئير ٽيڪسٽائل ملز لمينٽڊ24ڪروڙ75لک رپيا معاف ڪرايا. جنهن جون زميواريون تحريڪ انصاف رهمنا جهانگير ترين ۽ جنرل(ر) پرويز مشرف جي دور اندر جو وفاقي وزير هارون اختر به شامل آهي.چوٽي ٽيڪسٽائل ملز جي 2008اندر 30ڪروڙ رپيا معاف ڪرايا.مالڪن ۾ سابُق رُڪن قومي اسيمبلي سردار جعفرخان لغاري شامل آهي،سابق اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا شوگز ملز 2007ع اندر7ڪروڙ رپين جو قرض معاف ڪرايو.2002ع ۾ صادق آباد ٽيڪسٽائيل ملز 5ڪروڙ کان وڌيڪ جو قرض معاف ڪرايو.جڏهن ته انهي ملز جون زميوارين ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شيرين مزاري شامل آهي.جڏهن ته 1ارب رپيا معاف ڪرائڻ وارين ڪيمپنين ۽ ماڻهن جي تعداد 19آهي.جڏهن ته ان کان به وڌيڪ قرض معاف ڪرائڻ وارن جي فهرست ڊگهي آهي جنهن کي شامل ڪرڻ سان سمورا پنا ڀرجي ويندا.جنهن فهرست اندر مشهور ۽ ناميارن ماڻهن جا نالا شامل آهن.پر هڪ سوال جيڪو ذهن کي کائي ٿو ته سينٽ اندر قرض معاف ڪرائڻ وارين ڪمپنين ۽ ماڻهن جا جيڪي نالا پيش ڪيا ويا هئا.ان ڪري اهو اندازو لڳائي ته جيتري وڏي رقم معاف ڪرائي وئي آهي اوترو ئي وڏي سفارش ڪرائي ويندي.جڏهن ته عام طور تي هڪ بينڪ ڪجهه هزار رپيا به معاف ڪرن لاءِ راضي ناهي هوندي،مثال طور ڪو ماڻهو بينڪ کان ڪا ڪار يا ٻئي گاڏي قرض ۾ کڻندو آهي ۽ سندس ڪجهه قسطون نه پياريندو آهي ته بينڪ نه رڳو سندس گاڏي کڻي ويندي آهي پر سندس جمع ڪيل رقم به هڙپ ڪري ويندي آهي،جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن قسطن ۾ ليٽ ٿي ويندي آهي ته قرضدار کي ٿاڻي جو منهن به ڏسڻو پوندو آهي.جنهن جي ڪري عوام اڪثر انهي فيصلي خلاف روڊن تي ڌرڻا هڻندي رهندي آهي.انهي ڪري هڪڙي پاسي ته اهڙي سنگدلي آهي جو ٿوڙن پيئسن لاءِ غريب عوام کي ذليل ڪيو ويندو آهي ٻئي پاسي اربين کريبن رپين جا قرض ائين معاف ٿي رهيا آهن جنهن جي فهرست تي نظر وجهي ته رڳو حڪومتي ماڻهو نظر ايندا جيڪا هڪ سراسر انصافي آهي امير ماڻهو جي ڀيٽ ۾ غريب سان سراسر ظلم آهي جنهن جو انصاف ضرور ٿيڻ گهرجي.پرويز مشرف آيو ته سندس اهو نعرو هو ته ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪئي ويندي پر جيترو سندس عهدو وڏو ۽ بلند هو قرض معاف ڪرائڻ وارن جي لسٽ به اوئري ڊگهي هئي.جڏهن پ پ جو دور آيو ته بينڪن کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو پر وقت به قرض سياسي بنيادن تي ڏنو پئي ويو ۽ سياسي بنيادن تي معاف پئي ڪرايو ويو.ان وقت بينڪ جو تعلق گهڻي ڀاڱي نجي شعبن سان ئي هُو.پر نجي شعبن اندر سرڪار پنهنجي سياسي بنيادن تي قرض معاف ڪرائيندي پئي اچي جڏهن ته سرڪاري شعبن اندر ته ڌاڙا لڳي رهيا آهن. جتي هر ڪوئي پنهنجا هٿ قرض ۾ ٻوڙي پوءِ وهندڙ سياسي پاڻي ۾ هٿ ڌوئي صاف ڪرڻ ۾ پورو آهي.ڪيترا سال پهرين سنڌ ۽ پنجاب جي بينڪن سان اهڙو ئي حشر هو جنهن جا ڪيس اڄ تائين عدالتن اندر هلي رهيا آهن.جنهن اندر بينڪن ۽ سياسي ماڻهن جي ملي ڀڳت صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي آهي.مهراڻ بينڪ جي اسڪينڊل اندر جي وڏا وڏا نامور ماڻهو شامل آهن وٽ کي الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي پر پوءِ به ڪنهن به ڪنهن بهاني سان بينڪن کان قرض ڪرڻ ۾ پورا آهن.،انهي ڪري اهو سوال آهي ته سينٽ اندر جيڪا قرض معاف ڪرڻ واري لسٽ پيش ڪئي آهي ان مان ڇا حاصل ٿيندو.!ڇو ته جن ماڻهن قرض کنيو انهن جو ته قرض معاف ٿي ويو هاڻ اهو قرض ڏيڻا کان ته ويا..ڇو ته اهي قرض کڻندا ئي نه ڏيڻ واري نيت سان آهن،جن ۾ اڪثر اهي وڏا ماڻهو ڪامياب ويندا آهن ۽ سندن اربين رپين جو قرض معاف ٿي ويندو آهي،ان ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته حڪومت جا خد نمائيندا جيڪي عوام جي سار سنڀال لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن اهي خد اربين کربين رپين جا قرض کڻڻ ۽ پوءِ انهن کي معاف ڪرائين ته پوءِ عوام انهن مان ڪهڙي چڱائي جي اميد رکي،جڏهن عوام جو نمائيندو ته قرض ۾ ٻڏل هوندو آهي ته پوءِ عوام ويچاري ڪنهن جي پويان ڊوڙهندي رهندي ۽ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهندي،کربين رپيا جيڪي بنا وصولي جي معاف ڪيا پيا وڃن اهو سمورو پئسو انهي عوام جو ئي آهي پر افسوس جهڙي ڳالهه ته آهي هت انصاف جي دري بند ٿيل آهي جنهن مان حڪمرانن غريب عوام جا سور ۽ صدما ڏسڻ ۾ نه اچن.هن وقت پوري ملڪ اندر ڪرپشن جي خلاف مهم هلائڻ لاءِ ڪيتريون سياسي پارٽيون ميدان م لٿل آهن پر انهن پارٽين جي ڪيترائي اهم ميبر آهن جيڪي اريبن رپين جا قرض معاف ڪرائڻ ءِ جتن ڪري رهيا آهن ۽ سندس قرض به معاف ڪيو پيو وڃِي.هڪ پاسي ڪرپشن آهي ته ٻئي پاسي قرضا مافيه جو راج اهڙي ماحول اندر پاڪستان جي عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي اهو هڪ وڏو ۽ اهم سوال آهي،ڇو ته جيڪا قوم هڪ پاڪستاني هوندي به هزارن ريپن جي قرض جي ڪري جيل جي چڪر لڳائين سندس گهرن جي ضبط ڪيو وڃي سندس پلاٽن جي قبضو ڪيو وڃي سندس گاڏين توڙِ گهرن ۽ ٻين سامانن جي نيلامي ڪئي وڃي اُتي عوام جي انهن ئي رکوالن جا اربين کريبن رپيا ائين معاف ڪيا وڃن اهو ته سراسر ظلم ۽ ناحق آهي جيڪو پاڪستان جي عوام سان ڪيو پيو وڃي،حڪومت ته پهرين به عوام جا ڪيترائي حق عوام جي فراه نه ڪري سگهي آهي اُتي سرڪار جو اميرن کي اربين معاف ڪرڻ وارو فيصلو عوام جي سري مٿان ڇري گهمائڻ جي برابر آهي،

    غلام مصطفيٰ جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين

    03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو