آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ اليڪشن سوڀارو ڪير ٿيندو...؟؟

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    اڄ آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ اليڪشن جنهن جي چونڊ مهم ٻه ڏينهن پهرين ختم ٿي چڪي هئي،چونڊن ۾ جيترين سياسي پارٽين حصو ورتو آهي انهن سياسي پارٽين ۾ پاڪستان پ پ پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ۾ مقابلو ٿيڻ جو انديشو ٻڌايو پيو وڃِي،جڏهن ته اڪثريت رکندڙ حلقا ٻن پارٽين جي ڇڏي ڪري واضع اڪثريت سان آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ اليڪشن کٽيندڙ سياسي پارٽي ن ليگ کي قرار ڏئي رهيا آهن،جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قائد عمران خان آزاد ڪشمير اندر جيڪي جلسا ڪيا انهن جلسن اندر پڻ وڏي تعداد ۾ عوام کي ڏٺو ويو هو ۽ پ پ جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو پڻ انهي اليڪشن مهم دوران سياسي پارٽين سان مقابلو ڪندي نظر آيو، برحال سياسي پارٽيون آهن ۽ پاڪستاني سياست آهي هتي جيڪو ڪجهه ڏسبو آهي اهو ٿيندو ناهي جيڪو ٿيندو آهي اهو ڏسبو ناهي،آزاد ڪشمير ۾ اڄ ٿيڻ واري اليڪشن جا نتيجا به شام ڌاري اچي ويندا جنهن ۾ پڻ اها خبر پئجي ويندي ته ڪنهن کٽيو ڪنهن هاريو،جڏهن ته پاڻ انهي هار کٽ اندر انهن سياسي پارٽين تي هڪ نظر وجهون ته ڪيتريون پارٽيون ڪيتري مظبوطي سان اچي ميدان تي لٿيون آهن ،پر هڪ واضع حقيقت اها به آهي ته جتي آزاد ڪشمير اندر هلندڙ اليشڪن مهم دوران جهيڙا ٿيا ماڻهو مئا انهي اليڪشن آزاد ڪشمير جي اليڪشن سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي خوب وائکو ڪيو آهي،آزاد ڪشمير اندر ٿيندڙ اليڪشن دوران جيڪو سياسي پارٽين هڪ ٻئي مٿان گند اڇلايو آهي اهڙو گند پاڪستاني جي سياسي تاريخ اندر ڪڏهن ته نظر نه آيو،،تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان باربار فوج کي پاڪستان سنڀالڻ جون دعوتون ڏيندو رهيو ۽ مٺايون ورهائڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو پر اتي پاڪستان پ پ پارِٽي جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو به ن ليگ تي خوب برسيو ايتري تائين جو بلاول پنهنجي لفظن ۾ اهو به چيو ته ن ليگ اڳواڻ ۽ پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف مودي جي يار آهي،۽ سندس حڪومت جا ڏينهن هاڻي باقي ٿورا بچيا آهن ۽ سندس حڪومت جي ديوار ڪري رهي آهي ۽ اچون ته انهي ڪرندڙ ديوار کي ٿورو ڌڪو ڏيون،جتي تحريڪ انصاف ۽ پ پ ن ليگ تي ڇوهه ڇنڊيا اتي ن ليگ به کير مان ڏوتل نظر نه آئي،ڀلي ميان نواز شريف پنهنجو پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد جو جواب پنهنجي بيماري جي وجهه جي ڪري نه به سگهيو هجي پر سندس ئي پارٽي جي پرويز رشيد به تحريڪ انصاف ۽ بلاول تي خوف برسيو،انهي ڪري اها ڳالهه هڪ افسوسناڪ ضرور آهي ته سياسي پارٽيون عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪي رهيون آهن،ملڪ اندر جتي بيروگاري،لوڊشينگ،منهگائي جون جن بوتل ۾ نڪري ڪري عوام سان ويڌن ڪري رهيو آهي حڪومت ۽ ٻيون سياسي پارٽيون انهي کي ڇڏي ڪري سياسي پارٽين جو هڪ ٻئي تي الزام باري ڪري رهيون آهي انهي ڪري مان سمجهان ٿو اها سراسر ناانصافي آهي،انهي ڪري ملڪي سياست کي سامهون رکندي عمران خان صاحب ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته هو ڇا چئي رهيو آهي ۽ ڇو چئي رهيو آهي،جڏهن ته عمران خان صاحب لنڊن مان واپسي ايندي ئي آزاد ڪشمير اندر ٿيندڙ اليڪشن جي مهم دوران پاڪستاني جي آرمي چيف جنرل راحيل کي حڪومت سنڀالڻ جو دعوت ڏني جيڪا عمران خان جي خيال مطابق ته بهتر عمل آهي پر مان نه ٿو سمجهان ته پاڪستان جو ڪو به فرد انهي ڳالهه کي تسليم ڪري ته پاڪستان اندر جمهوريت ختم ٿي ۽ انهي جي جاءِ تي فوج اچي ملڪ جون واڳون سنڀالي،جڏهن ته ڳالهه رڳو فوجي قيادت کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ جي ناهي عمران خان صاحب ته پهرين آڱسٽ کان حڪومت جي خلاف هڪ وڏي ڌرڻي جي تياري ۾ پڻ رڌل آهي،جڏهن ته عمران خان صاحب کان ڪير اهو به سوال ڪري ته جيڪڏهن پاڻ خد اقتدار سنڀالي ٿو ته پاڻ وٺ تبديلي جو ڪهڙو بنياد ۽ ثبوت آهي،اڄ نواز شريف چئي رهيو آهي ته سندس ڄنگهون عمران خان ڇڪي رهيو آهي سڀاڻي عمران خان چوندو ته سندس ڄنگهون نواز شريف ڇڪي رهيو آهي،انهي ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته سياسي اڳواڻڻ آخر پاڪستان جي عوام کي سمجهيو ڇا آهي.؟هن وقت عمران خان خد آزاد ڪشمير اندر ن ليگ جي تنقيد ڪري پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهي ٿو جڏهن ته پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف به پاڪستاني ۾ ويهي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ ملڪن جا دورا ۽ بيماري جا بهانا وڌيڪ ڪيا آهن،برحال پارٽين جا اڳواڻ هڪ ٻئي تي ائين الزام بازيون لڳائيندا رهندا آهن پر اتي ڳالهه پاڪستاني وزيراعظم جي ڪجي ته ميان صاحب به39ڏينهن ملڪ کان ٻاهر رهي ڪري واپس اچي ويو آهي هڪ هدايت جي مطابق ته حڪومت جو سمورو بوج هو نه ٿو کڻي سگهي.جڏهن ته سوال جتي حڪومت جو بوج نه کڻڻ جو آهي ته اتي ميان نواز شريف کي موڪلڻ تي وڃڻ گهرجي.برحال هي سياسي رنگ آهن بدلبا رهندا آهن پر سوچڻ گهرجي ڳالهه آهي ته انهي پاڪستاني سياست مان عوام کي به ڪو فائدو پهتو آهي يانه..هن وقت آزاد ڪشمير ۾ پڻ اليڪشن هلندڙ آهي اتي ڳالهه ڌانڌلين جي ڪرڻ ضرور گهرجي ڇو ته پاڪستان اندر ڪا به اهڙي اليڪشن نه ٿي هجي جنهن اندر خون زيري يا ڌاندلي نه ٿي هجي،عمران خان به حڪومت جون بار بار جيڪي ڄنگهون ڇڪي رهيو آهي اهو مان سمجهان ٿو ته انهي ڌاندلي جو نتيجو آهي جيڪي بقول عمران خان جي ته ميان نواز شريف جي حڪومت ڪئي هئي،پر اتي سوال اهو به آهي ته ڇا آزاد ڪشمير اندر ڌاندليون ٿينديون يا اليڪشن شفاف ٿيندي،پر اهو به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اليڪشن شفاف به ٿيو ۽ ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کٽي اڳيان به آئي ته انهي سياسي پارٽي کي ٻيون سياسي پارٽيون هڪ کٽيندڙ سياسي پارٽي طور تسليم به ڪنديون يا وري به ڌاندليون جو رينگٽ وڄندو،جڏهن ته پ پ جي نواجون قيادت بلاول ڀٽو اهو ئي چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن نواز حڪومت اليڪشن اندر ڌاندليون ڪيون ته انهي ڌانڌلين جي خلاف ڌرڻا هنيا ويندا،جڏهن ته فوج جي شعبي (آئي ايس پي آر) جي مطابق ته ٿيندڙ اليشڪن منقد ڪرائڻ لاءِ آرٽيڪل 245 ۽ انسدادي دهشتگردي جي ايڪٽ 1999جي سيڪشن 4۽ پنج تي تحت ڪئي ويندي،بيان اندر چيو ويو آهي ته راولپنڊي ڪور ڪمانڊر ليفٽننٽ جنرل ملڪ ظفر اقبال آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪميشن ڪمشنر ۽ چيف سيڪٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي )پوليس سميت حڪومت جي الڳ الڳ عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.جڏهن ته اليڪشن جي مقرري اليڪشن ڪميشن جي زميواري هوندي جڏهن ته 41حلقن جي زميواري پوليس حوالي ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ٿيندڙ اليڪشن جي نگراني پاڪستاني فوج جي حوالي ڪئي وئي آهي،پر اها به ڳالهه ورساڻ نه گهرجي ته ڪجهه ڏينهن پهرين آزاد ڪشمير اندر جيالن جي ٿيندڙ ويڙهه اندر 4ڄڻا مارجي ويا هئا.جڏهن ته ان وقت به جهيڙي کي وٺي ڪري سياسي پارٽيون هڪ ٻئي تي الزام لڳائي رهيون هنيون.انهي ڪري آزاد ڪشمير اندر ٿيندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ هڪ وڏو ۽ اهم سوال آهي،پر انهي کان به وڌيڪ ۽ اهم سوال اهو آهي ته سياسي پارٽيون اليڪشن کٽڻ کان پوءِ پنهنجي هار ۽ ٻئي جي فتح تسليم ڪنديون يانه،،،؟

    Mustafa.03333737575@gmail.com

    غلام مصطفيٰ جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين

    03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو