اسحاق ڊار تون ڇا ڄاڻي ته غريبي ڇا آهي.!!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    جناب محترم اسحاق ڊار معاف ڪجو پر اها حيقيقت آهي ته اوهانکي غريبي جي ڪهڙي خبر..ته صبح جو اهو غريب جيڪو پنهنجا ٻچا لنگهڻان ڇڏي روزگار جي لاءِ شهر جي چوڪ تي وڃي مزدوري جي آسري تي ويهي ٿو رهي،پر جڏهن کيس ڪا به مزدوري ناهي ملندي تو هو مايوسي وارو منهن کڻي واپس موٽندو آهي ته سندس احساس ڪهڙا هوندا آهن،سندس سوچ ڪهڙي هوندي آهي،پر افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو انهي حڪومت تي جيڪا عوام جي دردن کي نه ڄاڻي سگهي آهي،ڪالهه وفاق پاران وفاقي بجيٽ پيش ڪيو ويو جيڪو بجيٽ سراسر امير دوست ثابت ٿيو. اهو انهي ڪري جو انهي ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته پاڪستاني حڪومت پاڪستاني عوام کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڇڏي ڏنو آهي،ڪالهه محترم جناب اسحاق ڊار بجيٽ پيش ڪيو اسحاق ڊار جنهن جو تعلق پڻ هڪ مالدار ۽ امير گهراڻي سان آهي،۽ سرمائيدار آهي،جنهن کي ڪهڙي خبر ته غريب هڪ وقت جي لولي لاءِ ڪهڙي مشقط ڪندو آهي،شايد انهي ڪري محترم اسحاق ڊار غريب کي وڌيڪ سور ڏيڻ لاءِ اهو بجيٽ پيش ڪيو آهي،غريب جنهن جي گهر ۾ ڪڪڙ چاڙهڻ جو تصور به ناهي پر انهي غريب جي گهر ايندڙ دال کي به مهناگو ڪيو ويو آهي.جئين غريب وڌيڪ فاڪاڪشيون ڪري ،هر سال ٽيڪس وڌائي ڪري اهو چيو ويندو آهي ته ٽيڪس ملڪ جي ترقي جو ڪرادر آهي انهي ته محترم اسحاق ڊار لاءِ عرض ته غريب ته هڪ رپئي واري پيٽ جي سور جي گوري تي ٽيڪس ڏيندو آهي،ٽيڪس ته اهي وڏن پيٽن وارا ناهن ڏيندا جيڪي ايوانن جون ڪرسيون اجايون سيڙايون ويٺا آهن،برحال بجِيٽ جيڪو به آهي صرف لفظن جي هيرا ڦيري آهي ٻيو ڪجهه نه،،بجيٽ اندر جيڪي شيون مهانگيون ڪيو ويون آهن انهن جو تعلق سنڌ سنئون غريب عوام سان ئي آهي جڏهن ته مالدار طبقي کي انهن شين جي مهنگاهي ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي.. آزار ته ويچاري عوام سان آهي،جيڪا رپيو آئي ۽ رپيو جو کائي،بس پاڪستان اندر هر حڪومت اندر خزاني جا وزير بجيٽ پيش ڪري صرف اهو ٿا ڏسڻ چاهين ته ڏسون غريبن تان ڇاٿي گذري،جڏهن ته ڏٺو وڃي ته پاڪستان اندر معيشت جو هوئن به ڏيوالو نڪري ويو آهي،۽ پاڪستان جي زراعت تباهي جي ڪناري ٿي پهچي وئي آهي،ٻاڄين کان ويندي عام واهپي شين جو اگهه ته ڳاٽي ٽوڙ بجيٽ اندر پيش ڪيو ويندو آهي پر جڏهن انهي شين کي هڪ غريب هاري آباد ڪري مارڪيٽ اندر آڻيندو آهي ته انهي غريب سان اهو ئي ظلم ساڳيو هوندو آهي جيڪو هن سال جي وفاقي بجيٽ اندر ڪيو ويو آهي،آبادرگار طبقو ڏينهن به ڏينهن تباهي جي قطار تي وڃي پهتو آهي ۽ بجيٽ پيش ڪرڻ وارن کي انهي غريب هاري جو ڪو احساس ناهي،ڪالهه جڏهن بجيٽ پيش ڪيو پئي ويو ته اهين لڳي رهيو هو ته ڄڻ ڪو ڪارو مهنگائي جو جو نانگ پٽاري مان نڪري غريب کي ڏنگڻ لاءِ ڦوڪاري رهيو هجي،جنهن وقت بجيٽ پيش ڪيو پئي ويو ته انهي وقت هر ماڻهو توبه توبه ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو،جڏهن ته غريب ته غريب پر هن وقت صوبائي حڪومتن جي به هاءِ گهوڙا هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي ته پيش ڪيل بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي. جنهن کي هر حال ۾ تسليم نه ڪيو ويندو،اها به هڪ حيقيقت آهي ته جهڙي ريت بجيٽ اندر شيون مهانگيون ڪيو ويون آهن انهي مان اها به ڳالهه واضع آهي ته عوام ته پهرين به بجلي.گئس،تيل،۽ِ ٻين ضروتن وارين شين جي ٻوج هيٺ اڳ ئي پلجي رهي آهي،مٿان وري ڊيوٽين ۾ اضافو،سيلزٽيڪس واڌئي ڪري فائيلر نان فائيلر جو چڪر هلائي ڪري انهي عوام جي ويتر مجبور ڪيو ويو آهي،۽ افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته انهي بجيٽ کي ملڪ جي ترقي استحڪام جو سبب ٻڌايو پيو وڃي،جڏهن ته ملڪ جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ملڪ جي عوام کي پنهجو حق ملي،پر پاڪستان اندر انهي جي ابتڙ آهي هتي غريبن کي حق ڏيڻ بجاءِ انهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويندو آهي،جڏهن ته ملڪ اندر وڏن وڏن منصوبن جو ذڪر ته ضرور هوندو اتي ملڪ اندر وڌندڙ بيروگاري، صحت،تعليم جو هر روز ڪندڙ معيار ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ناهي ايندو،!افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي ته جهموريت ۽ جهموري دور حڪومت اندر حزب اختلاف پهريدار ۽ چوڪيدار هوندو آهن،پر انهن جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي،اپوزيشن به معميري مخالف ۽ عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ سچ کي سامهون آڻڻ بجاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهي آهي،تحريڪ انصاف پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن هر دفعي پنهنجي پنهنجي حڪومت جا طعنه ڏيڻ ۾ پورا آهن،جتي اپوزيشن حڪومت تي غريب جي حقن لاءِ دٻاءُ وجهندي آهي ته اتي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ اندر فرينڊ شپ جو هڪ وڏو ڪرادر آهي جنهن کي خد پارٽي به تسليم ڪري چڪي آهي،هن وقت ڀلي تعلقات اندر گرما گرمي هجي پر مان سمجهان ٿو ته اها صرف ۽ صرف عوام کي ڏيکارڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه.. ڇو ته هن وقت ملڪ اندر پاناما ليڪس جي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ لاءِ اسپيڪر ايازصادق مداخلت ڪئي آهي جنهن جو اڄ اجلاد پڻ ٿيڻو وارو آهي،جتي انهي ڊيڊلاڪ کي ٽوڻڻ ۽ ڳالهه کي اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي،جنهن جي اميد تمام گهٽ نظر اچي رهي آهي،ڇو ته اهو سلسلو هاڻ سست رفتاري سان اڳيان وڌي رهيو آهي جيڪو هاڻ نه گهٽ ٿيندو ۽ نه ئي اڳيان گهڻو وڌندو،جڏهن ته بيان بازيون عروج تي آهن ۽ اپوزيشن کان ويندي هر سياسي پارٽي ڪرپشن جو جواز ڄاڻائي ڪري حڪومت جي پويان پيل آهي پر اها عوام کي خبر ناهي ته چور ۽ ڀاڳئي جي پاڻ ۾ صلاح سان چوري ٿيل آهي،هاڻ هر ڪو اهو ئي چئي رهيو آهي ته احستاب گهرجي انصاف گهرجي،۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو پيو وڃي،پر حال اهو آهي جو نه ته ڪا پاناما ليڪس تي ڪا ڪميشن تي ٺهي ۽ نه ئي ڪا احتساب بل جي منطوري پيش ٿي ٿئي،هن وقت جتي ملڪ اندر احستاب جي ڳالهه هلي رهي آهي اتي پاڪستان جي سياست اندر به ڪيترائي،سياست رنگ شامل آهن پيپلز پارٽي جو چيئرپرسن اصف علي زرادي به دبئي پهچي ويو آهي جنهن مان اهو به معلوم ٿي ٿو ته ڪنهن ڪنهن تي فتح ماڻي، هن وقت چيو پيو وڃي ته پيش ڪيل بيجٽ اندر عوام تي ڪنهن به قسم جو بار نه وڌو ويو آهي،انهي تي مون هڪ انگريزي اخبار جو ڪارٽون ڏٺو جنهن اندر به انهي ڳالهه جي عڪاسي ڪئي وئي هئي.ڪارٽون اندر هڪ ڏٻرو ۽ غريب ماڻهو ڏيکاريو ويو هو جنهن تي اناج دالين ۽ ڀاڄين جا وڏا وڏا کوڙا انهي غريب جي مٿان سٿيا ويا هئا،انهي ڪري حڪومت ڀلي ته ڪيتريون ئي وڏيون ڳالهيون ڇو نه ڪري پر پيش ڪيل بجيٽ سنڌوسئنون عوام دشمن بجيٽ آهي جنهن کي عوام ڪهڙي به حال ۾ قبول نه ڪندو،جڏهن ته قومي اسيمبلي جا ميبر به انهي ڳالهه تي تسليم ڪري رهيا آهن ته پيش ڪيل بجيٽ عوام جي مٿان خدڪشين جو ڪرايل بم آهي،قومي اسيمبلي جي ميبمر جمشيد دستي چيو آهي ته پيش ڪيل بجيٽ غريب ۽ مسڪين عوام جي مٿان ڪيل خدڪش حملو آهي.۽ هن بجيٽ اندر نه زراعت لاءِ ڪجهه آهي ۽ نه ٽيڪنالوجي لاءِ هن اهو به چيو ته اهڙو بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي جيڪو عوام لاءِ هڪ ڏمر آهي ۽ انهي پيش ڪيل بجيٽ تي اسحاق ڊار ميبرن کان داد گهري رهيو هو جئين ڪو شاعر پنهنجي خراب شاعري تي عوام کان داد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.اسحاق ڊار بجيٽ ته پيش ڪري ڇڏو ته کيس ڪو عوام جو احساس نه ٿيو انهي جو تمام گهڻو صدمو آهي.هن وقت پيپلز پارٽي به وفاق بجيٽ تي احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪا هڪ خوشي جي ڳالهه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پ پ کي عوام جو الڪو ته آهي،!! قومي اسميبلي اندر اسحاق ڊار پاران پيش ڪيل بجيٽ جي باري ۾ پ پ جي چيئرپرسن آصف علي زرادي دبئي اندر هڪ اجلاس ڪرايو جنهن اندر،بلاول ڀٽو،فريال ٽالپر،۽ پي پي ٻين اعلي رهنما پڻ شريڪ ٿيا هئا.هڪ پاڪستاني ٽي وي جي مطابق ته اجلاس اندر پ پ جي سينٽر ڊاڪٽر ڪريم،اعجاز ڌامراه، ۽ گيانچند حڪومت جي بجيٽ کي عوام جي خلاف هڪ سازش قرار ڏنو آهي،سندس چوڻ هو ته حڪومت 70فيصد ٽيڪس ڏيڻ واري صوبي کي مسلسل نظرانداز ڪيو آهي،برحال حڪمرانن جي ڇا ڳالهه ڪجي پر پيش ڪيل بجيٽ عوام دشمن آهي انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ انهي،ڇو ته هي بجيٽ عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيندو جيتري قدر عوام اڳ ئي بک تي گذارو ڪري رهي آهي انهي عوام کي خدڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي،غريب ته غريب آهن هي بجيٽ ته چڱن ڀلن جا لاهه ڪڍي ڇڏيندو.! سواءِ احساق ڊار جي جنهن جي ڪهڙي خبر ته غربيي ڇا آهي،!

    Mustafa.03333737575@gmail.com

    غلام مصطفيٰ جمالي.کڏهرو موري ضلع بدين،

    0333.3737575
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو