ايران جي صدر روحاني چيو آهي ته عالمي طاقتن سان گڏ نيوڪليئر معاهده علائقي اندر پيدا ٿيل مسئلن جي حل لاءِ هڪ ماڊل جي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.جڏهن ته آمريڪي ۽ يورپين جي لڳايل پابندين جي هٽائڻ کان پوءِ هڪ پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪرڻ وقت ايران جي صدر روحاني چيو ته ايران سان پابنديون ختم ٿي ويون آهن.۽ ايران ايندڙ پنج سالن اندر 5فيصد تائين ترقي ڪري سگهي ٿو.نيوڪليئر ڊيل جي باري ۾ شڪ شبا رکڻ واري ڳالهه غلط ثابت ٿي آهي.۽ هاڻ مختلف بيئڪن ايران لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪريڊٽ لائينز کولي ڇڏيون آهن.۽ هاڻ ايراني تاجرن لاءِ آساني پيدا ٿي آهي ته اڄ اهڙي ماحول اندر جتي اسين دنيا سان گڏ سياسي،اقتصادي،۽ قانوني،قانوني رابطه ڪري سگهون ٿا.اتي ايران به هڪ نئون باب کوليو آهي. جوهري معاهده ايران جي معيشت کي هڪ نئي موڙ تي آڻي بهاريو آهي.ڇو ته انهي معاهدي سان نه رڳو ايران جي فائدو ٿيندو پر انهي معاهدي سان ڪنهن ملڪ کي نه نقصان ناهي.جڏهن ته حسن روحاني جوهري معاهدي کي ايران جي عوام جي شاندار ڪاميابي ڪرار ڏنو آهي.سندس چوڻ هو ته دنيا جي چغلين ۽ سازشن جي باوجود هو دنيا جي طرف دوستي جو هٿ وڌائي ٿو. ۽ ايران ڪنهن به ملڪ يا رياست لاءِ ڪو خطرو ناهي.جڏهن ته ايران پنهنجي ملڪي دفاع لاءِ هڪ وقت تيار رهندو.جڏهن ته ايران تان پابنديون هٽائڻ کانپوءِ آمريڪا ايران کي 1_7ارب ڊالر ڏئي ڇڏيا آهن.جڏهن ته پوري دنيا ۾ ايران جي مطابق ته100ارب کان وڌيڪ جو اثاثو بحال ٿي ويندو.آمريڪا35سال پهرين 1981۾ ايران جا 400ملين ڊالرن جو اثآثو فٻايو هو.جيڪو هن وقت وياج سميت واپس ڪيو ويو آهي،جڏهن ته انهي رقم تي آمريڪا کي وياج سميت3_1بلين جي رقم ايران کي واپس ڪرڻي پئي آهي.جڏهن ته آمرڪي صدر اوباما چيو آهي ته ڳالهيون طعه ٿيڻ کانپوءِ فوري طور تي رقم جي ادائيگي تي سندس ڪيتري رقم بچي سگهي ٿي.ياد رهي ته آمريڪي فوري طور تي رقم ان ڪري وياج سميت رقم ان ڪري واپس ڪري رهيو آهي.ته جيڪڏهن هن رقم ڏيڻ ۾ دير ڪئي ته کيس گهڻو وياج ڏيڻو پوندو.گذريل سال ايران “فائيوپلس ون“۽ ايران وچ ۾ نيوڪليئر وچ ۾ ڳالهين جي ڊيل ٿي هئي.جڏهن ته ايران تان هٽايل پابندين کان پوءِ پاڪستان کي به ايران سان تجارت جي سنهري موقعه پيدا ٿي سگهن ٿا.ايران پاڪستاني سرحد تائين پائيت لائين مڪمل ڪري ڇڏي آهي.جڏهن ته پابندين جي حيقيقي خوف جي ڪري انهي انهي معاهدي تي ڪم ٿي نه سگهيو هو.جڏهن ته هاڻ جڪيڏهن پاڪستان ايران جي سرحد کان وٺي نواب شاهه تائين انهي پائيپ لائين جو ڪم مڪمل ڪري وٺي ته پاڪستاني ٿورڙي ئي عرصي اندر پاڪستاني پنهنجي گهريلو گيئس پهچائي سگهي ٿو.جيڪي هن وقت گئيس جي لوڊشيٽنگ جي ڪري تمام گهڻا پريشان آهن.