انتظار ۾ کتل اکين جا خواب پورا ٿيا ۽ اهي انتظار ۾ کتل اکيون آخرڪار جمعي ۽ ڇنڇر جي رات جي وچ ۾ هيمشه جو اتنظار ختم ڪندي وڃِي پنهنجي حقيقي محبوب سان مليون،،جن اکين اندر ملڪ توڙي قوم جي هر غم جو هڪ اٿاءُ سمونڊ موجود هو،ها اڄ لکڻ لاءِ ليپ ٽاپ تي هٿ ته لهن پيا پر لفظن ناهن جيڪي انهي جي مان ۽ شان ۾ بيان ڪري سگهجن،جنهن انسان پنهنجي زندگي صرف ٻن ڪپڙن جي جوڙن ۽ ويهه سال پراڻي چنپل پائيندي قوم جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي، آئون ڪالهه کان وٺِي هڪ صدمي ۾ ورتل آهيان،مون ڪالهه ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي آڱريون هلائي هلائي وري ڪمپيوٽرکي بند ڪري ڇڏيو.. ڇو ته مون وٽ لکڻ جي سگهه موجود نه هئي،،اهين نه هو ته مون وٽ لفظ ڪون هئا..لفظن جا اڻکٽ خزانا هئا پر انهن اڻکٽ لفظن جي خزاني اندر اهڙا لفظ موجود ئي نه هئا جيڪي لفظ ايڌهي صاحب جي مان ۾ بيان ڪري سگهجن،،تنهن ڪري ڪالهه لکڻ جو فيصلو ملتوي ڪندي انتظار ڪيم ته دوست جيڪي ايڌهي صاحب تي لکندا اهي مضمون پڙهي ڪري ٿوري غم هلڪو ڪري وٺبو،،ڪافي دوستن ايڌهي صاحب جي عمر جي باري ۾ سندس ڪيل خدمتن جي باري ۾ سندس زندگي جي باري ۾ سندس هلندڙ ايڌهي ويلئفيئر اسيوسيشن جي باري ۾ لکيو جيڪو تمام بهترين هو،،انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ايڌهي صاحب جي ڪيل خدمتن هر مالدار طبقي سان تعلق رکندڙن انسانن کي حيران ۽ پريشان ڪري رکيو هو،ايترو سادو انسان جنهن سڄي زندگي صرف ٿورن ڪپڙن جي جوڙي ۾ گذاري ڇڏي،ايڏي صاحب جي خد زباني ته هڪ ڏينهن سندس ڪپڙا ميرا ٿيا ته کيس بلقيس ايڌهي جي پوتي جي گوڏ ٻڌڻي پئي،ايترو سادو انسان جنهن ويهه سالن کان پنهنجي ٿڪل پيرن لاءِ چنپل وٺڻ به پسند نه ڪئي،اهو انسان جيڪو پوري زندگي پاڪستان اندر شيطان ڳوليندو رهيو ۽ ڪيترائي شيطان هوندي به کيس سندس نرم دلي واري اک جنهن هميشه ٻين جا عيب ڍڪيا تنهن اکين کي اهي شيطان نظر ئي آيا. جن خد عبداالستار ايڌهي سان روز زبردستي پئسا ڦريا پر هوخاموش رهيو ۽ چوندو رهيو ته هتي ڪو به شيطان ناهي،اهو انسان جن پرائين پاپن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ جهولا جهلايا جنهن پنهنجي هٿن سان انهن پينگهن کي لوڏيو،جنهن بگري ڳچي ۾ وجهي ڪري معصوم بي سهارا انسان لاءِ ڌر ڌر تي وڃي ڪري صدائون هنيون،جنهن پوري زندگي عاشق رسول صه بڻجي ڪري سندس سنت مطابق گذاري ڇڏي،ايڌهي صاحب جهڙو سچو ۽ مخلق ماڻهو..پوري زندگي ۾ مون نه ڏٺو..سندس سچا جذبا ۽ پڪا ارادا ايترا ته مظبوط هئا جو ڪيترن ئي مشڪل گهڙي ۾ به غريب مسڪينن جو ساٿ ڏيندا رهيا،65سالن تائين جو سفر جي شروعات کان آخري سفر جي ختم ٿيڻ تائين سمورو سفر پڪن ارادن سان طعه ٿي ويو، ايڌهي صاحب انهي سفر دوران ڪڏهن به حڪومت کان هڪ رپيو به نه ورتو ايتري حد تائين جو پنهنجي اعلاج لاءِ به پئسا حڪومت کان وٺڻ مناسب نه سمجهيو،بلقيس جو ساٿ ۽ سندس ارادن هيمشه عوام جي درد جي دانهن بڻجي سندس مدد ڪندا رهيا ايڌهي حاحب خد ٻڌائيندو هو ته کيس پهرين ڪاميابي ان وقت ملي جڏهن هن پهرين بلنڊگ خريد ڪئي،جنهن اندر هن ننڍڙو دڪان ۽ هڪ ڊسپينسري کولي،ان کان پوءِ هن ئي انسان ڏک ڀريل ماڻهن ۽ درد جي اهڙي ته دوا ڪئي جو هر ماڻهو جو کيس اعتماد ٿيندو ويو،جنهن وقت به ايڌهي صاحب کي پئسن جي ضروت هوندي هئي ته هو ماڻهن سان فون تي رابطه ڪندو هو يا اخبارن جي اشتهارن ذريعي مدد جي اپيل گهرندو هو،اڪثر اهي به ٿيندو هو ته پنهنجو هڪ وڏو رومال عوام جي اڳيان پهلائي ڪري ويهندو هو ۽ عوام جي خدمت لاءِ چندو گڏ ڪندو هو،جڏهن ته اهو به عوام ڏٺو ته جڏهن جو زلزلو آيو يا ڪو طوفان يا دهشتگردي جو واقعو انهن واقعن ۾ سڀ کان پهرين عبدالستار ايڌهي جي رضاڪارن جي خدمت ڪندي ڏٺو ويندو آهي،ايڌهي صاحب خد پنهنجي رضاڪارن سان گڏ لاشن جي ڪلها ڏيندي نظر آيو،پاڻ هميشه سادو ٿي رهيا،پراڻا ڪپڙا پائيندا رهيا ۽ پراڻي چنپل ٿي گذارو ڪندا رهيا ڪڏهن چنپل نه به ملندي هئي ته ٻئي پادر هڪ جهڙا پائي گذارو ڪري وٺندا هئا.سرد موسم توڙي گرم موسم اندر هڪ هڪڙو ويس پاتل نظر ايندو هو،ڪنهن انهي جو سبب پڇيس ته چيائون هوءُ انهي موسمن جو عادي ٿي ويو آهي،جڏهن ته ايڏي صاحب،پشاور،لاهور،ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر نشي جي عادي ماڻهن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سندس لاورثي لاش کي دفنائن جي مهم شروع ڪري ته لکين ماڻهن سندن مدد ڪئي،جنهن اندر ايڌهي حاصب پوڻا ٻه لک لاش دفنايا،جنهن کان پوءِ ايڌهي صاحب اهو اعلان ڪيو ته ڪراچي اندر لاش دفنائڻ لاءِ جڳهه ناهي بچي جنهن جي ڪري ايڌهي قبريستان لاءِ حڪومت جا جاءِ فراهم ڪري،جڏهن ته اها سندس هڪ خواهش جيڪا پوري نه ٿي سگهي آهي،۽ اها ئي ڳالهه هئي جيڪا کيس هيمشه فڪر مند ڪري مايوس ڪري ڇڏيندي هئي،ڪيترن هفتي سندس طعبيت تمام گهڻي خراب ٿي وئي،بليڊپريشر ۽ شگر جي بيماري جي ڪري،حڪومت جي نمائيندن ۽ سياسي رهنمائن سندس اعلاج ٻاهر کان ڪرائڻ جو چيو پر پاڻ انڪار ڪيائون.۽ پاڻ پنهنجي ئي ملڪ مان اعلاج ڪرائڻ جي خواهش ڏيکاري،،اڳين ڏينهن آصفه ڀٽو به آئي انهي به ٻاهر اعلاج لاءِ چيو پر ايڌهي صاحب انهي کي به جواب ڪيو،پر ايڌهي صاحب چيو ته جيڪڏهن اوهانکي ڪجهه ڏيڻو “ايڌهي قبرستان”لاءِ ڪو پلاٽ ڏيو،سندس اشارو واضع هو ته سنڌ حڪومت انهي ڪم کي سٺي نموني سان سرانجام ڏئي سگهي ٿي.جيڪڏهن بلاول ڀٽو آصف زرداري پنهنجي سنڌ حڪومت جي وزيراعلي سائين قائم علي شاهه انهي مسئلي جي حل لاءِ ڪوشش ڪن ته مئسلو حل ٿي ويندو،جڏهن ته آصفه ايڌهي جي معصوم ٻارن کي اهو يقين ڏياريو ته سندن اهو مسئلو جلد کان جلد حل ڪيو ويندو،پر اهو ٿي نه سگهيو ۽ ايڌهي صاحب جي آخري خواهش سندس زندگي ۾ پوري ٿي نه سگهي،جڏهن ته ايڌهي صاحب جي آخري خواهش ڪا ايڏي وڏي ناهي جو پوري نه ٿي سگهي ڪراچي اندر هزارين ناجائز قبضا ٿي چڪا آهن ڪٿي نه ڪٿي ايتري جڳهه ته ضرور بچي هوندي جتي ايڌهي قبرستان جي لاءِ جڳهه خالي هجي،پر بي حسي جو مظاهر نه ڪجي ته سڀ معاملا حل ٿي سگهن ٿا،جڏهن ته اهو مسئلو ته شريف ڀائر به حل ڪري سگهن ٿا انهن وٽ به پئسي جي ڪمي ناهي جيڪڏهن پنهنجي کيسي مان ايترو پلاٽ وٺي ايڌهي قبرستان کي ڏنو وڃي ته مان سمجهان ٿو ته سندس دولت ۾ ڪابه ڪمي نه ايندي،انهي ڪري سنڌ حڪومت ۽ پنجاب حڪومت کي انهي ايڌهي قبرستان جي پلاٽ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، غلام مصطفي جمالي کڏهرو موري 03333737575
اهو ڪم سرڪار جو آهي، پر ان هوندي به ايڌي صاحب قوم جي خدمت ڪري عظيم ڪم ڪيو، الله سائين ئي ان کي ان جو اجر ڏيندو.