غلاميءَ جا ٻارنهن سال، روزاني جيجل 15 جنوري 2017

'مختلف موضوع' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2017۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    هي قصو آهي اڄ کان تقريبن ڏيڍ صدي اڳ جو. هي قصو آهي هڪ نيو يارڪ ڄائي ڪاري چمڙيءَ واري آفريڪي_آمريڪيء جو. هي قصو آهي هڪ آزاد شخص جو جيڪو وڏن گھراڻن جي شادين توڙي ٻين اهم تقريبن ۽ ڏُڻن تي وائِلن وڄائي پنهنجو ۽ پنهنجي گھر وارن جو گذر ڪري ڪري ٿو. هي قصو آهي ان شخص جو جنهن جي وائلن وڄائڻ واري ڏات سبب هو معاشري ۾ هڪ عزتدار شخص جي طور تي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ان ڏات جي هاڪ نه صرف ڏيهه، پر پرڏيهه ۾ پکڙيل هئي، جنهن سبب هو هڪ آسودي ۽ مثالي زندگي گذاري ٿو. هي قصو آهي سولمن نارٿَپ جو، جيڪو پنهنجي گھر وارن، دوستن ۽ پَرستارن جي اکين جو تارو هو. سندس تقدير جو چرخو ان ڏينهن کان اُبتو ڦرڻ شروع ڪري ٿو جنهن ڏينهن کيس واشنگٽن مان سٺن پئسن جي عيوض هڪ محفل ۾ پنهنجي ڏات جا جوهر ڏيکارڻ جي دعوت ملي ٿي ۽ هو خوشيء سان اها دعوت قبول ڪري ٿو. ان محفل ۾ به هو پنهنجو وائلن وڄائي ماڻهن کي موهيو ڇڏي. محفل پوري ٿيندي ئي کيس پنهنجي اُجرت ملي وڃي ٿي. رات جي وقت سولمن انهن ٻن شخصن سان گڏ جن کيس دعوت ڏني هئي پنهنجي ڪاميابيء جو جشن ملهائي ٿو ته کيس رات جي مانيء ۾ نشي آور دوا ڏئي گَهري ننڊ سمهاري کيس آفريڪي غلامن جي پِڙيء ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. جڏهن سندس اک کُلي ٿي ته هو پاڻ کي هڪ تهه کاني ۾ هٿ ڪڙين سان ٻَڌل ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو، پر ان تهه خاني ۾ موجود هڪ ننڍڙي روشندان مان سندس رڙيون واشنگٽن اورانگھي نيو يارڪ سندس يارن دوستن، پَرستارن ۽ گھر وارن تائين پهچڻ ته ڇا پر ان علائقي جي حڪمرانن تائين به نه ٿي پهچي سگھيون جيڪي سندس فرياد ٻڌي کيس انصاف ڏياري سگھن ها. شام ڌاري ٻه گورا شخص تهه خاني ۾ داخل ٿين ٿا ۽ کيس اُگھاڙو ڪري چَهبُڪَ، لَتُن ۽ مُڪن سان ماري ماري اَڌَ مُئو ڪيو ڇڏين ۽ هي رڙيون ڪندو کانئن اهو پڇندو رهي ٿو ته منهنجو آخر ڏوهه ڪهڙو آهي. کيس اهو ٻُڌايو وڃي ٿو ته، ”تنهنجو ڏوهه اهو آهي ته تنهنجي چمڙيء جو رنگ ڪارو آهي. انڪري توکي اغوا ڪري آفريڪي غلامن جي پِڙيءَ ۾ وڪرو ڪيو ويو جتان اسان توکي خريد ڪيو آهي ۽ هاڻي اسين توکي اڳتي زميندارن ۽ واپارين وٽ سُٺن ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪنداسين. ڪاري چمڙيء وارا اسان اڇي چمڙيء وارن جي غلاميء لاء پئدا ٿيا آهن. تنهنڪري تنهنجو به مقدر صرف ۽ صرف غلامي آهي“. جيسيتائين هنن واپارين کي ڪو امير، زميندار خريدار ملي تيسيتائين هن سميت ٻين به ڪيترن ئي ڪاري چمڙيء وارن غلامن، جن ۾ عورتون ۽ ننڍڙا معصوم ٻار به هجن ٿا تن کي قيد رکيو وڃي ٿو. کين هڪ وقت جي ماني ۽ ٻه وقت چهبڪن، لتن ۽ مُڪن سان عَزيتون ڏنيون وڃن ٿيون. واپارين مطابق ته هنن جانور نما انسانن کي بُکون ۽ مار ڏئي اهڙو ته پَڪو ڪجي ته جيئين هي ڪنهن به سخت ڪم ۾ سُستي ۽ ڪاهليء جو شڪار نه ٿين ۽ خريدار اگهه به ڀلو لڳائي. جلد ئي هي واپاري هنن غلامن کي هڪ ٻئي وڏي واپاريء کي وڪرو ڪري ڇڏي ٿو، جتي هنن جي ٻولي لڳي ٿي ۽ سندن قسمت جو فيصلو ٿئي ٿو جيڪا اڳ ۾ ئي ميسارجي چڪي هئي. سولمن جي قسمت ۾ ڪاٺَ جي ڪاروبار جو هڪ وڏو واپاري مالڪ بڻجي ٿو. جيڪو سولمن سميت ٻه غلام خريد ڪري پنهنجي گھر پهچي ٿو. آهستي آهستي سولمن پنهنجي مالڪ جو خاص ۽ اعتبار وارو غلام بڻجي وڃي ٿو ۽ مالڪ مٿس مهربان رهي ٿو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪنهن گھريلو محفل ۾ وائلن وڄائي مهمانن کي لطف اندوز به ڪندو رهي ٿو. ڳچ وقت ان مالڪ سان خوش گذارڻ کانپوء هڪ ڏينهن اچي سولمن جي ڦِٽي ٿي ۽ هو مالڪ جي غير موجودگيء ۾ ان جي بيهاريل اڇي چمڙيء واري چوڪيدار سان جھيڙو ڪري ويهي ٿو. ان جھيڙي جو ڪارڻ سولمن جو مالڪ سان ويجھڙائيء ۽ اعتبار حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حسد هو.چوڪيدار سولمن کي ڪنهن نه ڪنهن ريت هن مالڪ کا الڳ ڪرڻ لاء رِٿون رِٿڻ لڳو. ۽ آخرڪار هو ان رٿ رٿڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ ڪاٺ جو واپاري کيس هڪ ڦُٽين جي واپاريء کي وڪرو ڪيو اچي. سولمن جو نئون مالڪ ڦٽين جو واپاري جنهن وٽ هن سميت ٻيا به ڪيترائي غلام موجود هوندا آهن کانئن ڦُٽيون چونڊرائڻ وارو ڪم وٺندو آهي ۽ ايترو ته ظالم ٿئي ٿو جو ڦٽيون چونڊڻ وقت ڪو ٿڪاوٽ سبب هڪ گھڙي به ٿڪيو يا ساهي پٽيائين ته مٿس چهبڪن جو زيپٽ شروع ٿي ٿيو. شام جي وقت هڪ هڪ غلام جي ڦٽين جو وزن ٿيو ٿي ۽ جنهن جون به ڦٽين جو وزن گھٽ ٿي ٿيو ته ان کي وڻ سان ٻڌي اُگھاڙو ڪري چهبڪن سان اچ ٿي ورتائون. انهن عقوبت خانن ۾ عذابن جي پيڙا ۾ پسندي سولمن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي دوستن کي خط لکي پنهنجي حالت بابت آگاهه ڪرڻ ۽ آزاديء لاء واهر ڪرڻ جي لاء خط پڻ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري ناڪام ٿَي ويو. نه وٽس ڪو قلم هو نه ڪو ڪاغذ ٽڪرو نه ئي وري مَسُ جو هو خط لکي سگھي. سندن ته هڪ هڪ ساهَه تي پهرو هو. هڪ ڀيري هڪ اڇي چمڙيء وارو واڍو سندس مالڪ جي گھر ڪم سانگي آيو. اهو واڍو انتهائي نيڪ انسان هو. سولمن هڪ ڀيري وجھ وٺي پنهنجي سموري ڪهاڻي ان واڍي کي ٻُڌائي ۽ واهر ڪرڻ لاء وچن ورتو ته هو هي ڪم پورو ڪرڻ کانپوء سولمن جي دوستن ۽ گھر وارن کي سندس حالت بابت آگاهه ڪندو. واڍو وچن ڏئي روانو ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڏينهن سندس دوست سندس واهر لاء وٽس پهچي وڃن ٿا ۽ کيس آزاد ڪرائي پنهنجي گھر وارن سان ملائن ٿا.

    پر اتي اڃا ڪهاڻي ختم نه ٿي ٿئي. سولمن گھر پهچڻ ۽ ٻارن ٻچن سان ملڻ کانپوء کيس اغوا ڪرڻ وارن تي ڪَيس ڪري ٿو، پر بد قسمتيء سان هو هر ڀيري ڪيس هارايو وڃي ٿو. تنهن کانپوء هو ڪيترين ئي غلاميء مخالف تنظيمن سان پڻ ملي آواز اُٿاري ٿو. سولمن 1841 کان وٺي 1853 تائين گذاريل پنهنجي سورن ۽ پيڙائن جي ڪهاڻي تي ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب 12 Years A Slave ڇپرائي ٿو، جنهن تي 2013 ۾ ان ئي نالي سان هڪ فلم به ٺاهي وئي. سندس آخري زندگيء ۽ موت بابت ڪا به ڳالهه واضح ناهي ته هو ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ وفات ڪري ويو.
    اها فلم ڏسڻ دوران فلم جو هڪ هڪ سِين عزيتناڪ هو. فلم ڏسڻ دوران واري اها تڪليف جيڪا مونکي محسوس ٿي، متان به ڪجھ پڙهڻ وارن کي منهنجي هن ليک پڙهندي ٿيندي هجي، پر جنهن کي به اها تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي اهو بي حِس انسان چئبو.

    اها فلم ڏسڻ کانپوء ڏيڍ صدي اڳ جي انهن جاهلن ۽ اسانجي اڄ جي ذميندارن ۽ وڏيرن ۾ ڪو به فرق محسوس نه ٿو ٿئي. اڃا به اهو ٿو لڳي ته شايد سولمن صاحب اسانجي وڏيرن جي ظلم کان متاثر ٿي اهو ڪتاب لکيو هو. اڄ به ڪيترن ئي وڏيرن ۽ زميندارن جي ٻنين ۾ ڪيترائي غلام ائين ئي ڪم ڪندا رهن ٿا جيئن سولمن بيان ڪيو. اڄ به انهن غلامن سان جانورن جهڙو ئي ورتاء ڪيو وڃي ٿو. اڄ به کين عقوبت خانن ۾ قيد ڪري دردناڪ عزيتون ڏنيون وڃن ٿيون. اڄ به سندن اولاد کي تعليم جي زيور کان محروم رکيو وڃي ٿو. اڄ به سندن نياڻين سان زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون. اڄ به اسانجي حڪمرانن جي اکين تي پٽي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه آهي. ڏيڍ صدي اڳ وارا اڇي رنگ جا انسان نما جانورَ جيڪي پاڻ کي سڀ کان اُتم سمجھندا هئا، اڄ انهن جا ظلم ڪاريء چمڙيء وارن مٿان ختم ٿي ويا ۽ هو انسان بڻجي ويا ايتري تائين جو مورڳو ئي ڪاري چمڙيء واري کي صدر بڻائي ڇڏيائون، پر اسان جيئن ازل کان هئاسين اڄ به ائين ئي آهيون. جنهن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اسانجي خاموشي ۽ بي حِسي آهي. پر اهو رنگ يا وري نسل جو عدم توازن صدين کان هلندو ٿو اچي، ۽ هر دور ۾ وري سولمن نارٿپ، نيلسن منڊيلا ۽ حيدر بخش جتوئيء جهڙا جوڌا پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ غلاميء جي طوقن کي ٽوڙيندا رهيا آهن. حيرت جي ڳالهه وري اها آهي ته سولمن نارٿپ تي به فلم ٺهي، نيلسن منڊيلا تي به هڪ فلم ٺهي، پر ڇا حيدر بخش جتوئيء جهڙو ڪامريڊ انهن ڪامريڊن کان گھٽ هو جو اڄ تائين مٿس ڪا به فلم نه ٺهي سگھي؟
    www.faheemakhter.com



    [​IMG]
     
    ذيشان رشيد ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ليک وڻيو، اوهان جي ڀيٽ به وڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو