عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
هِڪَ باکَ ڦُٽِي بِن سجنيءَ جي
ٻيو سمنڊ ڪناري اوجاڳو
هڪ مرڪ تنهنجي ۽ نيڻ ڀنل
سڀ ياد ٿو ڏياري اوجاڳو
هي زرد شعاعن جا پاڇا
آڪاش ٿو ڏاري اوجاڳو
اڄ ساهه منهنجي ۾ هن سُڏڪا
اڄ هيانءُ ٿو ڳاري اوجاڳو
ڄڻ محفل ۾ به اڪيلو هان
احساس ٿو ڏياري اوجاڳو
درويش وري اڄ يادن جا
ڪي ديپ ٿو ٻاري اوجاڳو.
ٻيو سمنڊ ڪناري اوجاڳو
هڪ مرڪ تنهنجي ۽ نيڻ ڀنل
سڀ ياد ٿو ڏياري اوجاڳو
هي زرد شعاعن جا پاڇا
آڪاش ٿو ڏاري اوجاڳو
اڄ ساهه منهنجي ۾ هن سُڏڪا
اڄ هيانءُ ٿو ڳاري اوجاڳو
ڄڻ محفل ۾ به اڪيلو هان
احساس ٿو ڏياري اوجاڳو
درويش وري اڄ يادن جا
ڪي ديپ ٿو ٻاري اوجاڳو.
عمران درويش سومرو