اوجاڳو

TusW68WqK9B8X1-q_62Et6Kt0EgiunrlmUmTrB7kffdkw4Q-IRREBZMGbBvlPwB4yVM-GZ3JZOExYw=w2160-h3840-rw-no

هِڪَ باکَ ڦُٽِي بِن سجنيءَ جي
ٻيو سمنڊ ڪناري اوجاڳو

هڪ مرڪ تنهنجي ۽ نيڻ ڀنل
سڀ ياد ٿو ڏياري اوجاڳو

هي زرد شعاعن جا پاڇا
آڪاش ٿو ڏاري اوجاڳو

اڄ ساهه منهنجي ۾ هن سُڏڪا
اڄ هيانءُ ٿو ڳاري اوجاڳو

ڄڻ محفل ۾ به اڪيلو هان
احساس ٿو ڏياري اوجاڳو

درويش وري اڄ يادن جا
ڪي ديپ ٿو ٻاري اوجاڳو.

عمران درويش سومرو
AF1QipM-b9ks7j5DMp4LyM44TcY8dDnDLXdrY0v7snc
 
ڄڻ محفل ۾ به اڪيلو هان
احساس ٿو ڏياري اوجاڳو

واه واه ... ڊگهي عرصي بعد اوهان جي شاعري ۽ احساس پڙهڻ لاءِ مليا .... بهترين سٽون.

الائي ڇو اياز جون سٽون ياد اچي ويون ....

ميلي ۾ تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو ....
 
ڄڻ محفل ۾ به اڪيلو هان
احساس ٿو ڏياري اوجاڳو

واه واه ... ڊگهي عرصي بعد اوهان جي شاعري ۽ احساس پڙهڻ لاءِ مليا .... بهترين سٽون.

الائي ڇو اياز جون سٽون ياد اچي ويون ....

ميلي ۾ تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو ....


مهربانيون ادا سليمان صاحب توهان شاعريَ کي ڪمينٽس جوڳو سمجهيو، لک لائق اوهان جا. دعا ۾ ياد سدائين گڏ
 
Back
Top