هڪڙو هو سائين جي ايم سيد عبدالحئي پليجو سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي، سو 1958ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دُڪان، ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، چند پڪا گهر، ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري ڳڙهي خدابخش جي اهميت آهي، ايئن ئي سن جي اهميت سائين جي ايم سيد جي ڪري آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن، جتي سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄيءَ سنڌ جي مان ڪهي اچي جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسي تي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ آئون بابا سان گڏجي سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويو هئس. رات جو اتي ترسياسين، بابا ۽ سائينءَ رات دير تائين ڪچهري ڪئي. بابا ۽ سائين جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مونسان به رهيو. بابا جي وفات کانپوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي ترسندو هو، پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي وفات کانپوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا، سائينءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا، جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائين سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا مذهبي ماڻهو ان ڪتاب کي بنياد بڻائي اسان سان ڇڪتاڻ ۾ رهندا آيا. جڏهن 1969ع ۾ ملڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو، ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائين جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو، گهر ڀاتين کانسواءِ ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نه ڏيندا هئا، پر بابا ان دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائين سان ملي وٺندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو، ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪا نه پئي. اها هئي سيد سان اسان جي محبت جي انتها. جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزمِ صوفياءِ سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريبن سئو کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل اسان وٽ محفوظ آهن، پر زياده تر خط ذاتي نوعيت جا آهن، نه ته اهي خط آئون ضرور ڇپايان ها. سائين سنڌ جو اهو پهريون سياستدان هو، جنهن سنڌ جي حقن نه، پر آجپي جي ڳالهه ڪئي. مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا اڪثر سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل ”سائين“ ڪري سڏيندا آهن، جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو- پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪو نه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير ۽ امداد ڪري سڏيندو هو. سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيند آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مونکان پڇيائين ته: گهڻو اولاد اٿئي؟ مون چيس ته، هڪ پٽ آهي. سائين چيو ته: نالو ڇا اٿس؟ مون کيس ٻڌايو ته، رُخسار حسنين نالو اٿس. سائين پاڻ ان وقت منهنجي پُٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نور محمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نور محمد ٿي ويو. شيڪسپئر جو قول آهي ته، ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن، ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“ سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. خدا تعاليٰ جي ايم سيد جي شخصيت ۾ ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ پيدا ڪئي، جو سندس هر ماڻهو سمجهندو هو ته سائين جي ايم سيد کيس ئي وڌيڪ ڀائين ٿو. مهمان نوازي ته ڪو سائين جي ايم سيد کان سکي. سندس ذاتي دوستن ۾ هر عمر ۽ طبقي وارا ماڻهو هوندا هئا، پر سڀني سان هڪجهڙو هوندو هو. مونسان به اهڙو ته بابا سائين سان به اهڙو. ان جو هڪ مثال خان عبدالغفار خان ۽ مومن ليرائي هوندا هئا، کيس ٻئي هڪجهڙا عزيز هئا. ٻنهي جي غم ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سائين جي ايم سيد هر ڪم ننڍپڻ ۾ ڪيو، مثلن ننڍپڻ يعني فقط ڇهن سالن جي عمر ۾ شادي ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ مدبرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ سن ۾ اعليٰ پئماني جي خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ نور محمد شيخ شريڪ ٿيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ گانڌي سان ملاقات ڪئي ۽ صرف ايڪيهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ڪراچي ضلعي (ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو ضلعو شامل هوندا هئا) ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. هڪ دفعي مٿس حيدرآباد ۾ خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ لڪل خنجر سان هڪ ماڻهو کي سندن ڏانهن وڌندي پڪڙيو ويو هو. اها حيدرآباد واري واقعي کان به اڳ جي ڳالهه آهي، ٻيو کيس مارائڻ جي منصوبي جو احوال پاڻ هڪ خط ۾ بابا سان ڪيو آهي. بزم صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس، پنهنجون سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪرڻ توڙي ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ وارين سڀني سرگرمين جو مقصد سنڌ ۾ سياسي، ادبي، علمي شعور پيدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو نئين ٽهيءَ کي بيدار ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو ۽ اڄ به سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو وڏو تعداد انهيءَ راهه تي گامزن آهي. سائين جي ايم سيد جن ماڻهو کان زندگيءَ ۾ گهڻو متاثر ٿيو، انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. مثال طور پنهنجي ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ جي صفحي 20 تي لکي ٿو ته ”سندن (علامه آءِ آءِ قاضي) سان ملاقاتن مان جيڪا معلومات ميسر ٿي، سا مشڪل سان سوين ڪتاب پڙهڻ مان حاصل ٿي سگهي ها. مون ۾ جيڪو به تخيل، محبت ۽ انساني همدرديءَ جو ذرو موجود آهي، ان ۾ قاضي صاحب جي ملاقاتن ۽ صحبت جو وڏو عمل دخل آهي.“ جي ايم سيد علامه صاحب کان ايترو ته متاثر هو، جو پنهنجا ٻئي پٽ امير حيدر ۽ امداد محمد تربيت لاءِ ننڍي هوندي کان سندس حوالي ڪيا. ان ڳالهه جي تصديق غلام رباني پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي صفحي 119 تي به ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد جي پنهنجي وڏي پٽ امير حيدر شاهه ۽ ننڍي نياڻي دُرشهوار کي پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي. پاڻ ڪيئي دفعا اسيمبلي ميمبر ۽ هڪ دفعو وزير ٿيو، سندس ٻئي پٽ اسيمبلي ميمبر ٿيا ۽ سندس پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو. مون وٽ سائين جي ايم سيد، سندس ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جلال محمود شاهه ۽ بدر شاهه جا مون ڏانهن لکيل خط اڄ به محفوظ آهن، يعني ٽن نسلن جا قرب ۽ پيار جا پيغام ۽ سينها. جڏهن سائين جي ايم سيد وفات ڪئي، تڏهن به پاڻ هو ته اسپتال ۾، پر هو حڪومتِ وقت جو قيدي- سڄي ملڪي تاريخ ۾ مان سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد، نواب نوروز خان ۽ شهيد ڀٽو ٽئي اهڙا ليڊر هئا، جن جيل يا نظربنديءَ هيٺ وفات ڪئي. سنڌ جا ٻه اڳواڻ ته تاريخ ۾ قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي ويا آهن، جو هر سال هزارن جي انگ ۾ ماڻهو اچي سندن قبرن تي سلامي ٿين ٿا. palijo_hai@hotmail.com