مائي نيسٽ جوڙيندڙ، ڪيئي ڪتاب جو مصنف،سنڌ جي ثقافت جو سرواڻ ۽ راڳ مالها جو راڻو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪريم بخش نظاماڻي جي جوانيءَ جي تصوير


    پهرين جنوري تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي 34 هين ورسي جي موقعي تي

    ڦليلي ڪپ تي مائي نيسٽ جوڙيندڙ، ڪيئي ڪتاب جو مصنف، سنڌ جي ثقافت جو سرواڻ ۽ راڳ مالها جو راڻو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

    تحرير ۽ تصويرون : نصرالله جروار

    ماتلي شهر ۾ ڦليلي جي ڪپ تي مائي نيسٽ بنگلي جي اڳيان هڪ اهڙو شخص آرامي آهي، جيڪو هڪ ڪردار نـ هو پر هي شخص لاتعداد ڪردارن جو مجموعو هو، جنهن جي زندگي هڪ کليل ڪتاب هئي ۽ آخر ۾ سندس زندگي جي آتم ڪهاڻي تي مشتمل ڪتاب ‘‘ڪيئي ڪتاب’’ لکي پنهنجي زندگي جا سمورا ڪردار کليل ئي ڇڏيا. آئون ڦليلي جي ڪپ تي هن جي آخري آرام گاه تي بيٺل هجان ٿو، منهنجي سامهون سندس ئي جوڙايل مائي نيسٽ بنگلو، ۽ سندس ئي جوڙايل سينيما ۽ وچ ۾ پارڪ هن جاءِ اڄ آئون پنجون دفعو آيو آهيان، هن کان اڳ ۾ پهريون دفعو 1987ع ۾ آئون ان وقت آيو هئس جڏهن آئون شاگرد هئس، ۽ تڏهن سائين جي ايم سيد رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي تعزيت ڪرڻ لاءِ آيو هو، ان وقت سائين جي ايم سيد جو اسقبال ٽنڊو محمد خان ۽ ماتلي جي وچ تي ٻارڻ اسٽاپ تي ڪيو ويو، ۽ سائين آيو سائين کي مائي نيسٽ بنگلي ۾ نيو ويو پر ڪارڪنن جي گهڻائي سبب سائين جي ايم سيد چيو تـ بنگلي ۾ پوءِ ٿا هلون پهرين ڪجهـ گهڙيون رئيس واري بنگلي جي پارڪ ۾ ڪارڪنن سان گهاريان ۽ سامهون ريئس ڪريم بخش نظامڻي جي اخري آرام گاه کي بـ ڏسان، سائين کي پارڪ ۾ آندو ويو شايد سيپٽمبر يا آڪٽومبر جو مهينو هو، پارڪ ۾ خوبصورت گل ۽ گهاٽا وڻ هئا تمام روح کي راحت ڏيندڙ ڇانو هئي، ۽ سائين جي ايم سيد سوين ڪارڪنن جي وچ ۾ ويهي رهيو سائين سان گڏ ان وقت شهيد بشير خان قريشي ۽ شفيع ڪرناڻي گڏ هئا پر سائين امداد محمد شاه بـ هو پر سائين امداد محمد شاه ۽ ٻيا مهمان بنگلي ۾ هليا ويا، پر بشير خان قريشي ۽ شفيع ڪرناڻي پارڪ ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ هئا، ان وقت تلهار جو ارڏو ڪارڪن جاويد خواجا زبردست نعرا هڻي رهيو هو موٽ ۾ ڪيترائي ڪارڪن جن ۾ ٽنڊو باگو جا ان وقت ڪارڪن انور عباسي، سليمان سمون، ويرو مل موتي، ماتلي جا غلام نبي ڀٽي، اسلم مهندو، تاج محمد مهندو تلهار جا آصف جمالي خالد جمالي، ممتاز جمالي برحال سڄي ضلعي بدين توڙي ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد جا سون جي تعداد ۾ نوجوان ڪارڪن شامل هئا نعرن جو جواب ڏيئي رهيا هئا. ۽ سائين جي ايم سيد سان ان وقت ماتلي جا صحافي ملڻ آيا جن سائين کان ڪي سوال پڇيا موٽ ۾ سائين جي ايم سيد چيو تـ آئون هن وقت ڪجهـ نـ ڳالهائيندس، آئون تعزيت ڪرڻ آيو آهيان، ۽ ان هوندي هڪ صحافي سوال ڪيو تـ توهان پنهنجو موقف بيان ڪريو ان تي سائين جي ايم سيد چيو تـ منهنجي موقف جي سڀن کي خبر آهي، ان بعد ٻيجل سنڌي سائين سان مليو ۽ ڪارڪنن جي اسرار تي اُتي سائين جي موجودگي ۾ شاه لطيف جي وائي ۽ ٻيا قومي گيت ٻڌايا مون کي ياد ٿو اچي تـ سائين جي ايم سيد چيو تـ پارڪ ۾ وڌ ۾ وڌ 10 منٽ ويهندس پر پوءِ بـ سائين جي ايم سيد پورو منو ڪلاڪ پارڪ ۾ ڪارڪنن جي وچ ۾ ويٺو رهيو ۽ رڳو ڪارڪنن کي ڏسندو رهيو ۽ ڪنهن ٽائم سائين ننڊ بـ ڪندو رهيو مطلب تـ سائين کي ڪارڪنن جي وچ ۾ سڪون محسوس ٿي رهيو هو. ٻيو دفعو 1989ع ۾ منهنجو اچڻ ان وقت ٿيو جڏهن سائين جي ايم سيد وري بـ ماتلي پنهنجي تنظيمي دوري تي آيو ۽ ان وقت ٽوڙي جا اسير بـ آزادي بعد سائين سان گڏ هئا جن ۾ دودو مهيري، گل محمد جکراڻي، سڪندر ميراڻي، نذير تنيو، ستار موريو، سميت عبدالواحد آريسر، تاج جويو، سائين جلال محمود شاه ۽ ٻيا گڏ هئا ان وقت ان جاءِ تي جلسو ٿيو جتي هن وقت ماتلي ۾ بلوچ هوٽل آهي، جلسي بعد سائين جي ايم سيد سڀني مهمانن سميت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي واري مائي نيسٽ واري بنگلي تي آيو. ۽ ٽيون دفعو منهنجو هن عظيم هستي جي ماڳ تي 1997ع تي عبدالواحدآريسر، مشڪو ڦلڪارو ۽ هڪ دوست ذوار حسين بوذدار سان گڏ اچڻ ٿيو ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي وڏي پٽ رئيس علي رضا جي رات واري ماني جي دعوت تي ۽ ان رات اسان هن عظيم هستي جي ماڳ مائي نيسٽ بنگلي ۾ رهياسون ۽ 2000ع ۾ چوٿون دفعو آئون شهدي بشير خان سان گڏجي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي هن ماڳ تي آيس ۽ هن وقت آئون پنجون دفعو هن راڳ مالها جي راڻي رئيس ڪريم بخش جي ماڳ تي آيو آهيان، ۽ منهنجي سامهون اجڙيل رئيس جو بنگلو مائي نيسٽ، خاموش سينيما حال مطلب عجيب دل کي مايوس ڪندڙ خاموشي آهي، ڪڏهن تـ هتي مرشد لطيف جي لفظن ۾ ‘‘شهرسڄو سرن سين تندن تپايو’’، مطلب هن راڳ ملها جي راڻي ڪريم بخش نظاماڻي جي حياتي ۾ هتي محبتن، مهمان نوازين، سميت سنگيت جي سرن جي سازن جا آواز هئا، هن وقت بي چين خاموشي. هاڻ تـ اڳلو اوج ڦليلي ۾ بـ نـ رهيو آهي ڇو تـ ڦليلي جي ڪنارن ۽ فليلي جي ڪپن تي بيٺل وڻن جو مالڪ ڪڏهوڪو هتان هلي آرامي ٿيو آهي. هاڻ ماتلي ۽ ڦليلي جا ڪنارا ڄڻ تي هن کانسواءِ اداس آهن، هاڻ نـ مائي نيسٽ بنگلي مان ڪنهن ساز جي تند جو آواز اچي ٿو ۽ نـ ئي اُهي اکيون رهيون آهن جيڪي مائي نيسٽ بنگلي مٿان بيهـ سامهون ريلوي اسٽيشن تي ايندڙ ريل مان لهندڙ مهمانن جو انتظار ڪنديون هيون، ۽ ها انتظار ڪندڙ اکيون تـ 34 سال اڳ ۾ ابدي ۾ ننڊ ۾ آرامي ٿي چڪيون آهن ۽ مائي نيسٽ بنگلو بـ هاڻي ڀرڻ ۽ ڀڄڻ لڳو آهي، ڪنهن تي ميار ڪجي؟ وقت تي پنهنجو پاڻ تي...... خاموشي ئي بهتر آهي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو ڪتاب ‘‘ڪيئي ڪتاب’’ سندس حياتي جو هڪ ڄڻ سينيما گهر آهي، سندس پنهنجي زندگي جا سمورا واقعا، ٻاروتڻ کان وٺي آخر تائين قلم بند ڪيا آهن، هيءَ ڪتاب ان دور جي هڪ پوري تاريخ آهي کري، سچي، محبتن سان ڀريل، راڳ ۽ ساز سان سجايل هڪ تاريخ آهي، جيڪا تاريخ اسان جو ورثو آهي، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين جي سموري سنڌ جو شاندار ورثو آهي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي زندگي جا ڪيترائي باب آهن جن جو هتي ذڪر ڪرڻ تمام مشڪل پر ناممڪن آهي، بس ڪيئي ڪتاب ئي پڙهي هن جي زندگي جي رنگن کي ان دور جي تاريخ کي پرکي سگهجي ٿو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ڪيئي ڪتاب ۾ ڦليلي معتلق لکي ٿو تـ اهو اڏن، ڪسين، نارن ۽ هرلن جو سلسلو، ڦليلي جي شهر (ماتلي) واري پاسي ٽن هنڌن کان شروع ٿيل هو، ساڄو ڪنارو انبن جي باغات سان ويندي ٽنڊي محمد خان تائين ڇانيل هوندو هيو، نـ صرف اهو هڪڙو ڪنارو پر انهي ڦليلي نديا جا ٻيئي ڪنارا اهڙي طرح ٻنين کيتن، باغن، نارن ۽ هرلن سان سينگاريل هوندا هئا جو ساڄي پاسي کان حيدرآباد تائين ۽ اُڀر پاسي تلهار تائين باغن، ٽالهين، بڙن، سريلن، پپرن ۽ ٻٻرن جي وڻڪار سان ڇانيل ۽ ڍڪيل هوندا هئا، اهو چوڻ مبالغو نـ ٿيندو تـ انهي ڦليلي يا گوني نديا کي خيالي خوبي يا تصوراتي چئجي جا، انهي ويلي اها وادي کي آباد ڪري بهشتي تصور پيدا ڪري ٿي، پر آئون سمجهان ٿو تـ شايد بهشت ۾ بـ اهڙي نديا نـ هجي، جيڪا موسم گرما جي دوزخي گرم هوائن کي ٿڌو ڪري آرام پهچائي، مزو تـ وري اهو جو انهي نديا سان چنڊ ۽ سج ٻيئي مسخري ڪندا لڪ لڪوٽي کيڏيندا آهن. جئين تـ اسان جو محفلون، يارن، دوستن، دلدارن، ۽ فنڪارن سان گڏ ٻيڙين ۾ ٿينديون رهيون آهن، جن مان گهڻي تعداد اسان کان وڇڙي هن فاني دنيا جو سفر پورو ڪري حقيقي دنيا کي وڃي آباد ڪيو آهي. انهن ۾ ڪناري جي نظارن ۽ ان جي پاڇولن ۾ جيڪي هم آغوش رهيا، چنڊ ۽ سج، انهن نظارن سان گڏ لڪندا ڇپندا، ڪڏهن الهندي، پي نظر آيا، تـ ڪڏهن اڀرندي، ڪڏهن ڏکڻ تـ ڪڏهن وري اتر، اهو سڀ انهي حسين نديا جي، نانگ وانگر ور وڪڙن، ڪروٽن، گولاين يا اڃان بـ ائين ڇو نـ چئجي تـ معشوق ۽ محبوب جي گهنگهريالن وارن وانگر سحر انگيزي، جادونگري جي دلفريب، دلڪش، ۽ حسين نظارن جيان اسان کي حيرت ۽ عبرت ۾ وجهندا رهيا. اها ڦليلي نديا جي تصوير رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ان وقت جي ڏني آهي جڏهن ڦليلي جو پاڻي صاف ۽ شفاف هوندو هو پر هاڻ تـ ڦليلي حيدرآباد سميت ٽنڊي محمد خان ۽ ٻين شهرن جو گندو نالو بنجي چڪي آهي هن وقت توهان کي ڦليلي ائين نظر نـ ايندي جئين ڪيئي ڪتاب ۾ ان جو ذڪر ٿيل آهي ۽ ها اهو ذڪر هاڻ ماضي جو قصو بنجي ويو آهي ڦليلي نديا ۾ هاڻ تـ گٽرن جو پاڻي ڇوڙ ڪري ٿو جيڪو هتان جي لکن انسانن جي بيمارين ۽ موت جو سبب بنجي رهيو آهي. ڪيئي ڪتاب ۾ سڄي سنڌ سميت لاهور ڪوه مري ڪشمير بمبئي سميت برصغير جي ٻين شهرن جو پڻ ذڪر آهي جيڪي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي مخلف سفرن دوران گهمي ڏٺا. ۽ ان کان علاوه سنڌ ۽ هند جي ان وقت جي شاعرن اديبن، فنڪارن، فلمي ادارڪارن، هدايتڪارن، سياسي ماڻهن، ملهـ پهلوانن، فقيرن، درويشن توڙي سندس ناناڻن، ڏاڏاڻن جو تفصيلي ذڪر آهي جن جون گهڙيون ريئس ڪريم بخش نظاماڻي سان گڏ گذريون. مطلب تـ هيءَ ڪيئي ڪتاب اسان جي ان نئين ٽهي کي ضرور پڙهڻ گهرجي جن کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان پيار آهي يا اهي سنڌ جي گذري ويل ماضي ۽ سنڌ جي ثقافت کي ڄاڻڻ گهرن ٿا. سنڌي فلمن جو دور فلم ايڪتا کان شروع ٿيو، بامبي جي فلم انڊسٽريءَ جو گلشن صوفي جيڪو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو دوست هو ان جي چوڻ تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ايڪتا ٺاهي، سنڌي فلمن لاءِ فلم انڊسٽري ۾ راه کولي. پهرين سنڌ فلم ايڪتا جو افتتاح ان وقت ڪراچي جي مشهور ترين ۽ دلڪش سئنيما ‘‘تاج محل’’ ۾ ٿيو، اايڪتا فلم جو افتتاح ان وقت سنڌ جي وزير اعلا خانبهادر الهـ بخش سومري، جمشيد نسروانجي، جمشيد واڊيا ۽ پروفيسر رام پنجواڻي ڪيو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي کي چئن پٽن جو اولاد آهي جن ۾ وڏو علي رضا زمينداري سنڀاليندو آهي، ان کان ننڍو قاسم رضا پوليس آفيسر آهي، محمد هاشم رضا ۽ احسان رضا پڻ زمينداري سنڀاليندا آهن ۽ ان کان علاوه نياڻين جو اولاد پڻ آهي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين جنوري 1983ع تي ماتلي ۾ سندس گهر ۾ اثر ڌاري رحلت ڪري ويو، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي آخري آرام گاه سائين جي ايم سيد 1990ع ڌاري تعمير ڪرائي رئيس جي مزار جي تعمير جي ٺهيل ڪميٽي جو انچارج ان وقت قومي ڪارڪن ۽ هن وقت صحافي غلام نبي ڀٽي( اداسي) هو. آئون خاموش نگاهن سان پارڪ ڏانهن ۽ زبون حال سئنيما ۽ مائي يسٽ ( منهنجو آکيرو) بنگلي تي آخري نظر وجهي اتي موجود رئيس ڪريم بخش جي پٽ هاشم رضا ۽ رئيس جي ناٺي ذولفقار نظاماڻي( جيڪو رئيس جي آتم ڪهاڻي جي ڪتاب ڪيئي ڪتاب جو ياد حافظ پڻ آهي) کان موڪلائي گاڏي ۾ ويهان ٿو ڊرائيور ڪار اسٽارٽ ڪري ٽيپ آن ڪري ٿو جنهن ۾ جيجي زرينا جي آواز ۾ علي بابا جا ٻول ٻرڻ لڳن ٿا اترڙو ٿو لڳي وائسرڙو ٿو لڳي اسين ماڻهو لاڙ جا درياءُ جي پاڇاڙ جا، ان گيت جو مٺڙو سنگيت وارو آواز ۽ گاڏي پنهنجي رفتار سان روڊ تي هلڻ لڳي ٿي، ڦليلي ۽ ماتلي جا نظارا اسان اوجهل ٿي رهيا هئا، جنهن ۾ ڪو ابدي ننڊ ستل انسان آهي ۽ مائي نيسٽ بنگلو آهي ۽ خاموش سئنيما آهي جتي هاڻ ڪا بـ روشني نـ آهي بي وسي جي اونداهي آهي ڇو تـ اسان سان گڏ سنڌ جي ثقافت کاتي بـ هن عظيم انسان کي وساري ڇڏيو آهي، لاڙ ۾ تازو جڙيل سردار شاه واري ثقافتي ڪميٽي خبر نـ آهي تـ ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ پر اها بـ خبر نـ آهي تـ سنڌ جو ثقافت کاتي کي سنڌ جي ڪهڙي مرض جي علاج ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي؟ هن جو سنڌ ۾ ڪردار نـ هئڻ جي برابر آهي.
     
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو