وائي جاڳ اٿي تون خاڪ رات وهاڻي وقت وڃي ٿو. ننڊ نه ڪر تون، وجود وڃاء تون. کڻ فڪر ۽ فراق ، جنهن ۾ پسين ، پرين کي وڃ تون، اهي پڙھ اوراق. ونَحنُ اَقربُ، ويجهو آهي، ان لاءِ اڏ اوطاق، ”سونا“ ويسر ڇڏ، جاڳ اُٿي جاني کولي اندر جا تاڪَ.... جاڳ اٿي تون خاڪَ، رات وهاڻي وقت وڃي ٿو.