جاڳ اٿي تون خاڪ رات وهاڻي وقت وڃي ٿو.

سونا فقير

سينيئر رڪن
وائي​

جاڳ اٿي تون خاڪ​

رات وهاڻي وقت وڃي ٿو.​

ننڊ نه ڪر تون، وجود وڃاء تون.​

کڻ فڪر ۽ فراق ،​

جنهن ۾ پسين ، پرين کي وڃ تون،​

اهي پڙھ اوراق.​

ونَحنُ اَقربُ، ويجهو آهي،​

ان لاءِ اڏ اوطاق،​

”سونا“ ويسر ڇڏ، جاڳ اُٿي جاني​

کولي اندر جا تاڪَ....​

جاڳ اٿي تون خاڪَ،​

رات وهاڻي وقت وڃي ٿو.​
 
Back
Top