سنڌ سلامت جا دوستو! اڄڪلهه جون جو مهينو سخت گرمي ۽ لوءَ لڳڻ جو مهينو آهي، سج جي تپش ۽ لوءِ جسم جو پاڻي کڻي وٺندي آهي ۽ جسم جي کل سڪڻ شروع ڪندي آهي ۔۔۔ ٻيو ته سج جي تپش لڳڻ سان ماڻهونءَ کي انيڪ بيماريون ٿي پونديون آهن ۔۔۔ بلڪ الله پناهه ۾ رکي موت واقع ٿي پوندو آهي ۔۔۔ اوهانکي اها ته خبر آهي ته ان جو واحد علاج آهي سج جي تپش کان بچڻ ۽ جسم کي تازي رکڻ لئه جهجهي مقدار ۽ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ۔۔۔ پاڻي حياتي آهي ۔۔۔ پاڻي دماغ جو 75فيصد آهي ۔۔ پاڻي کاڌي ۽ آڪيسجن کي جسم جي جزن تائين پهچائي ٿو پاڻي جسم جي حرارت کي قبضي ۾ رکي ٿو پاڻي آڪسيجن کي صاف ڪري ساهه کڻڻ ۾ آساني پئدا ڪري ٿو پاڻي کاڌي کي سگهه ۾ بدلائي ٿو پاڻي جو مقدار رت ۾ 83 فيصد آهي پاڻي جسم جا خرافات صاف ڪري ٿو پاڻي جسم جي اهم عضون جي حفاظت ڪري ٿو پاڻي هڏن ۾ 22 فيصد هوندو آهي پاڻي جسم جي سنڌن کي آرامده ڪري ٿو پاڻي جسم کي کاڌي حضم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو پاڻي جسم جي لوٿڻن ۾ 75 فيصد هوندو آهي پاڻي پيئو ۽ صحتمند رهو