• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويندي ويندي هيئن چيائين ...

مقفيٰ

ويندي ويندي هيئن چيائين
ڏک نه ڪيو مان ايندس سائين
جنهن کي گذر ٿي سال ويا
نياپو سڪ جو ڀي نه مڪائين
شل خيريت سان هت يار هجي
هن لئه دل ۾ پيار سدائين
حال ٿيا هيڻا هجر ۾ پڄران
جيءُ جداين ڇو ٿو جلائين
پائڻ ويو ۽ کائڻ مون کان
اندر ۾ اڊڪا اهڙا ڏنائين


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top