رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اچي وڃ حال محرم تون ...
__________________
اچي وڃ حال محرم تون اسان جي دل جي چاهڻ تي
مندون موٽي وري آيون جدايون خيال کائڻ تي
وٺو آ مينهن ٿر تي ڀي ڪڪر ڪارا لامارا هن
وسڻ جي مند ۾ پڄران ڪبو ڇا هيئن چاهڻ تي
رسيلي راند آءُ کيڏون هجون ٻئي سامهون سڪ ۾
ائين اکين سان ميڙيون ٻئي ملي پو پيار ڀائڻ ۾تي
وڌي جوڀن ٿيو آ شوق ڪري گجگوڙ گاجن سان
مڪان کان لا مڪان ڳوليان پري تو کي پائڻ تي
اجهو تو کي ڏسان جيڪر تڙپي تات ٿي اهڙو
من ۾ سڪ سلهاڙيل آ اوهان بس هو سهائڻ تي
لبستم دائودپوٽه