محمود مغل ڪاوش گئلري اسين پاڻ کي سمجهائيندا آهيون ته حياتي ان مهل ڏاڍي سولي ٿي ويندي، جڏهن اسان شادي ڪنداسين، جڏهن اسان کي ٻارُ ٿيندو، وري ٻيو ٻار ٿيندو مٿان وري اها چِڙَ اچي ٿي ته ٻار اڃان وڏڙا ناهن ٿيا. وري خيال اچي ٿو ته جوان پيا ٿين. گهاٽي نگاهه رکجي، مٿن ڪَرڙي اک رکجي، ڌيان جو ذرو به نه هٽائجي.... وري... وري... وري. سٺي گاڏي وٺجي ته سولائي ٿيندي، الاهي پئسا ملندا يا هوندا ته سولائي ٿيندي، هي ملندو ته سولائي ٿيندي، هُو ملندو ته سولائي ٿيندي! اسين سولائيءَ جي چڪر ۾، هلندڙ وقت کي ڏکيائيءَ ۾ مٽائيندا آهيون. اها گهڙي جيڪا اسان وٽ هوندي آهي ڏکي گذرندي آهي ۽ سولي گهڙيءَ جو انتظار سدائين پاڻ ساڻ کنيو وتندو آهي. اسين، ايندڙ وقت جي چڪرن ۾ ڳرندا رهندا آهيون. برف جيان حياتي رِجندي ويندي آهي، چوڌاري لاحاصل جهڙو يا ڪڏهن ڪڏهن حاصلات جهڙو، ساڳيو برف جو پاڻي گڏ ٿيندو ويندو آهي ۽ بس.... هڪ ڏينهن حياتيءَ جي اها برف جي سِرَ رِجِي ختم ٿي ويندي آهي. بغداد جي بازار ۾، هڪ برف فروش صدا هڻي رهيو هو، ”رحم ڪيو، ان جي مُوڙيءَ تي، جيڪا ڳري رهي آهي.“ ساڳيو حال، حياتيءَ جو آهي، اسين ڇو نه هلندڙ وقت جي ڳرندڙ لمحي تي رحم ڪندا آهيون. جڳ مشهور ڏاهو ’الفريڊ ڊي سوزا‘ چوي ٿو: ”الاءِ ڪيترو عرصو مون کي ائين لڳندو هو ته حياتي اڃان هاڻي شروع ٿيندي... اصلي حياتي... پر سدائين راهه ۾ ڪا نه ڪا روڪ ته رهي ئي رهي. ڪا اهڙي شئي جنهن سان پهرين نبرڻ، جهڙوڪر لازم بڻجي ويندو هو. اها سوچ ايندي هُئي ته پهرين ان کي مُنهن ڏئي وٺون، پوءِ ٿا اڳيان هلون، ڪو نامڪمل ڪاروبار، ڪو اڌيڪو منصوبو، ڪا اوڌر ادا ڪرڻ... ۽ پوءِ وڃي اصلي حياتيءَ تائين پهچڻ جو ڪم وري شروع ڪجي... پر الاءِ اصلي حياتي گذاريسين به الاءِ نه...“ حياتيءَ ۾ دولت، جاهه، حشمت مرتبو پنهنجي جاءِ تي الڳ الڳ ۽ اهم حيثيت رکن ٿا، جن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر خوشيءَ جي خريد ڪُجهه ٻي آهي. خوشي ان گهڙيءَ ۾ هوندي آهي، جنهن گهڙيءَ ۾ اها هُجي... دولت ۽ ٻيا مانَ مرتبا کڻي ڪُجهه عرصو جٽاءُ به ڪن، پر اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته خوشي، هڪ پاڇي جيان ايندي آهي ۽ گم ٿي ويندي آهي. جي اهو سڀ ائين لڳي ٿو ته اسين ان گهڙيءَ جو مزو ڇو ڪونه ٿا ماڻيون. سولي حياتيءَ لاءِ، سولو لمحو گهرجي ۽ لمحو سولو، تڏهن بڻجي ٿو، جڏهن خوشيءَ جو ساٿ هُجي. خوشي، جيڪي ان هلندڙ وقت جو ڀرپور ساٿ ڏئي، ان کي جاودان بڻائي سگهي ٿي. اها خوشي، جيڪا حياتيءَ ۾ ٻين جي مدد، ٻين جي احساس، ٻين سان لاڳاپي جي صورت ماڻي ۽ پاڻ کي به خوش ڪري. اها ڪيڏي نه اهم ڪيفيت آهي ته جڏهن اسين مُرڪون ٿا ته اسان جو پنهنجو چهرو بيحد حسين بڻجي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اها مُرڪ ٻين لاءِ هوندي آهي. ڪيڏي نه اهم ڳالهه آهي ته تحفو ته ڪنهن ٻئي کي پيش ڪجي پيو پر اُن جو مُور پاڻ کي حاصل ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اها سوچ دل ۾ گهر ڪري وڃي ته زندگيءَ جي سونهن ڪيڏي نه وڌي وڃي. اهو ئي سفر آهي. جنهن جون منزلون طئه ٿين ٿيون، پر سفر جاري رهي ٿو. ڀلي رستي تي ڪيترائي سوچن جا مائل اسٽون ايندا رهن، نگاهه وري به منزل ڏي ئي رهي ٿي. جنهن کي ’خوشي‘ چئبو آهي.