• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڏهن ديد سان ديد ملائي چيائين....

مقفه
جڏهن ديد سان ديد ملائي چيائين هلي آ اندر اکين ۾ ويهاريان
_____________________________________
جڏهن ديد سان ديد ملائي چيائين هلي آ اندر اکين ۾ ويهاريان
چيم جاءِ ڏيو اجهو ٿو اچان پنهنجو پاڻ کي سڀ انهن ۾ اتاريان
چيائين چپن جي وڃو چاشني ٿي محٻت ڏيو جيئن مٺي ماکي آهي
چيم شربتن جهڙو آهي شوق منهنجو اچو پياس ۾ سڀ توکي پياريان
چيائين بدن هي سڄو باه آهي سڙيو آهي جوڀن پوري حياتي
ڄيم مينهن واگر وسڻ ٿيندو منهنجو وسي مينهن وانگر سڄو توکي ٺاريان
چيائين اڪيلي سدان هئي حياتي انهيءَ ۾ ويڳاڻي وهي وئي آ گذري
چيم هاڻي تنهنجي تمنا کي تاتي ڪبو تيار اهڙو سڀ سڀ ٻهاريان
هي چاهت ڪچهريون ڪبيون جي ازل جون ائين بيت وائي پياري غزل جون
ته سوغات سڪ ٿي سدان سرهي رهندي اهو عشق اهڙو وري ٿو اچاريران


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top