گڏهه سان گفتگو ۽ دل جي ڳالهه ...

'ڪالم' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    دل جي ڳالهه
    گڏهه سان گفتگو ۽ دل جي ڳالهه ...
    زيب سنڌي

    صبح سان اها خبر پڙهي مون کي سخت صدمو رسيو ته اسان جي سرڪار هڪ لک چاليهه هزار کان وڌيڪ گڏهن جو کَلون ايڪسپورٽ ڪيون آهن! ٿي سگهي ٿو انهن منجهان ڪجهه کَلون مري ويل گڏهن تان لاٿيون ويون هجن، پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ جيري خاطر ٻڪري ڪُهڻ جو محاورو موجود آهي، تنهن ڪري اهو ممڪن آهي ته ڪجهه گڏهن کي کَلَ خاطر ڪُٺو به ويو هجي. سوچيم، ”جيڪي ماڻهو کَلَ خاطر گڏهه کي ڪُهي سگهن ٿا، اهي گڏهه جو گوشت به زيان ته نه ڪندا...!“ اِها ڳالهه سوچي منهنجي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، جو مون ناشتي ۾ قيمو کاڌو هو! اڃا مان ڪچي دل سان صدمي واري ڪيفيت ۾ مبتلا هئس ته گَهرَ جو در کڙڪيو. ٻاهر نڪتس ته در تي ڪوبه ماڻهو موجود نه هو. مون حيرت سان گهٽيءَ جي ٻنهي پاسي ڏٺو ته در جي ڀرسان بيٺل گڏهه چيو، ”هيڏانهن هوڏانهن ڇا پيو ڏسين، مان توکي نظر نه پيو اچان ڇا!؟“
    مون ڇرڪي گڏهه ڏانهن ڏٺو، ”اڙي يار، تون آهين ڇا... مون ته سڃاتو ئي ڪونه توکي!“
    گڏهه ڪاوڙ منجهان چيو، ”تون هر دفعي مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهين!“
    اهو گڏهه عقلمند آهي ۽ جيئن ته مان به پاڻ کي عقل وارو سمجهندو آهيان، تنهن ڪري منهنجي انهيءَ گڏهه سان دوستي آهي. مون پنهنجي گڏهه دوست کان هَٿَ ٻڌي معافي وٺندي چيو، ”مان توکان معافيءَ جو طلبگار آهيان، جو مون کي سڀني گڏهن جي شڪل هڪ جهڙي نظر ايندي آهي، تنهن ڪري مان توکي پهرين نظر ۾ سڃاڻي نه سگهندو آهيان !“
    گڏهه ناراض لهجي سان چيو، ”سڀني ماڻهن جيان سڀني گڏهن جي شڪل به هڪ جهڙي ناهي هوندي. يا ته تون طوطا چشم آهين يا توکي پنهنجين اکين جو علاج ڪرائڻ گُهرجي!“
    هٿ ٻَڌي عرض ڪيم، ”پنهنجي نظر جي ڪمزوريءَ جو کڻي مان اعتراف ڪيان ٿو، باقي نه مان طوطا چشم آهيان ۽ نه ئي طوطا ڪهاڻيون لکندو آهيان.“
    گڏهه پنهنجين وڏين اکين سان منهنجين ننڍين اکين ۾ ڏسندي چيو، ”مون کي خبر آهي ته تون طوطا ڪهاڻيون نه، پر کوتا ڪهاڻيون لکندو آهين، تنهن ڪري اڄ صبح سان مان کوتن بابت نهايت افسوس واري خبر پڙهي سڌو تو وٽ هليو آيو آهيان.“
    همدرديءَ سان چيم، ”گڏهن جون کَلون ايڪسپورٽ ٿيڻ واري اها افسوس واري خبر مان به پڙهي چڪو آهيان، پر توکي شايد خبر ناهي ته تاريخ جي هر دور ۾ گڏهه جي کَلَ لاٿي وئي آهي، جو اڳئين زماني جا بادشاهه پنهنجي مخالفن کي گڏهه جي کَلَ ۾ سبرائي ڇڏيندا هئا!“
    گڏهه ڏُک سان چيو، ”ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ به تاريخ جي هر دور ۾ گڏهه جي کَلَ لاٿي وئي، ماڻهوءَ جي کَلَ ڇو نه لاٿي وئي!؟“
    وراڻيم، ”مان اڳئين زماني جي بادشاهن جي دور ۾ موجود نه هئس، ان ڪري مون کي انهيءَ ڳالهه جي خبر ناهي ته ماڻهوءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ سندس کَلَ ڇونه لاٿي وئي!“
    گڏهه چيو، ”تون هن زماني جي بادشاهن جي دور ۾ ته موجود آهين. مون کي ٻڌاءِ ته هن جديد زماني جا بادشاهه ٻين جا حق ڦٻائيندڙن، رشوت خورن، ناجائز ملڪيتون ٺاهيندڙن، دهشت گردن، جرڳائي ڀوتارن، ظالمن ۽ عوام کي گٽر جو پاڻي پيئاريندڙن کي دشمن سمجهي سندن کَلَ ڇو نٿا لاهين... ڇا توکي انهن سڀني ڳالهين جي به خبر ناهي!؟“
    مان سڀ خبر هئڻ جي باوجود به مصلحت سبب خاموش رهيس. گڏهه منهنجي جواب جو انتظار ڪندو رهيو، پر مون ڪوبه جواب نه ڏنو. عقلمند گڏهه منهنجي خاموشيءَ جو مطلب سمجهي ويو ۽ نفرت سان چيائين، ”انهن ليکڪن جي به کَلَ لاهڻ گُهرجي، جيڪي مصلحتن سبب حقَ ۽ سچ جي ڳالهه لکڻ کان لنوائين ٿا!“
    مون پنهنجي کَلَ لهندي محسوس ڪئي، جو ماڻهو فقط گوليءَ سان ناهن مرندا، ڪڏهن ڪڏهن لفظَ به ماڻهوءَ کي ماري وجهندا آهن!
    دل جي ڳالهه
    مون ڪڏهن به ڪالم لکڻ لاءِ نه سوچيو هو. ڪافي سال اڳ جڏهن مون هڪ اشاعتي گروپ پاران ڇپجڻ لاءِ ڪجهه ڪتابن کي سهيڙيو هو ، تڏهن 1994ع ۾ اتي موجود غفور ڪريمي (مرحوم ) مون کي انهيءَ اداري جي اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لاءِ چيو هو ، پر مون هڪڙي منٽ اندر ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. منهنجي انڪار کان پوءِ به ڪريمي صاحب منهنجي پَچر نه ڇڏي ۽ هن ڪيترائي ڀيرا مون کي ڪالم لکڻ لاءِ چيو هو. غفور ڪريمي قربائتو ۽ پيار ڪندڙ انسان هو، سو هر دفعي انڪار ڪرڻ بجاءِ مون هڪ اٽڪل سوچي ورتي. انهن ڏينهن ۾ انهيءَ اخبار ۾ هڪڙا ڪالم روزانو ڇپبا هئا ۽ ٻيا هفتيوار. انهن ڪالمن مٿان لکيل هوندو هو ”روزانو ڪالم“ يا ”هفتيوار ڪالم“. مون هڪڙو ڪالم لکي ڪريمي صاحب جي حوالي ڪيو ۽ انهيءَ ڪالم جي مٿان لکيم ”ڪڏهن ڪڏهن ڪالم“! ڪريمي صاحب مرڪي، پنهنجي نڪ تي رکيل چشمي مٿان مون ڏانهن گـُهوريندي پڇيو هو، ”ٻيو ڪالم ڪڏهن لکندين؟“ مون بي فڪريءَ سان چيو هو، ”جڏهن دل چوندي.“ غفور ڪريمي ڪجهه چوڻ بجاءِ مرڪي پيو هو. ”ڪڏهن ڪڏهن ڪالم“ جي عنوان سان منهنجو اهو پهريون ڪالم انهيءَ اخبار ۾ ، سومر پهرين آگسٽ 1994ع جي شماري ۾ ڇپيو هو، جنهن جي پڄاڻي مون هنن لفظن سان ڪئي هئي، ”منهنجي ڪالم جو توهان انتظار نه ڪجو، ڇوته هي نه روزانو ڪالم آهي ۽ نه ئي هفتيوار ڪالم، پر هي ڪڏهن ڪڏهن ڪالم آهي، جيڪو مان ڪڏهن ڪڏهن ئي لکندس !“ ڪنهن منهنجي ڪالم جو انتظار ڪيو يا نه، پر اُها ڪڏهن، وري ڪڏهن نه ٿي ۽ مون انهيءَ سلسلي جو ٻيو ڪالم ڪڏهن به نه لکيو.
    2010 ۾ مان پنهنجو ناول ”سيتا زينب“ لکي رهيو هئس ته ٻوڏ اچي وئي ۽ سنڌ جي ڪيترن ڀوتارن پنهنجن مخصوص مفادن خاطر پاڻيءَ جا رُخَ پئي مَٽايا ۽ موڙيا، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ لڙهي وئي. سنڌ لُڙهي ته هن فقير جي دل به ڪَڙهي ۽ منهنجو قلم ناول کي مڪمل ڪرڻ کان نابري واري بيٺو! ناول کي اڌورو ڇڏي ڪاوش لاءِ هڪ آرٽيڪل لکي پنهنجي ڪڙهندڙ دل کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر اندر ۾ ڀڙڪندڙ باهه تي ڇنڊو نه پيو. ٻوڏ جي پاڻيءَ سان هن بندي جي دل ڪَڙهندي ۽ سَڙندي رهي. هڪ ٻئي پويان ڪجهه آرٽيڪل لکيم ۽ ارادو اهو ئي هو ته دل جي باهه ڪڍي، اخباري آرٽيڪل لکڻ بند ڪري پنهنجو ناول مڪمل ڪندس ۽ ڪهاڻيون لکندس، پر ڪجهه آرٽيڪل لکڻ کان پوءِ، منظور ميراڻيءَ جي چوڻ تي مون ريگيولر ڪالم ”دل جي ڳالهه“ لکڻ ان ڪري شروع ڪيو هو، جو ڪاوش ۾ ڇپيل تحرير جي موٽَ منهنجي لاءِ هر لحاظ کان حيران ڪندڙ هئي.
    ”دل جي ڳالهه“ ۾ 2010 کان 2014 تائين ڇپيل چونڊ ڪالمن جو ڪتاب، ”سنڌ جي ڳالهه“ جي نالي سان 2015 ۾ روشني پبليڪيشن طرفان ڇپرايو ويو هو. هن ڪتاب کي سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران ”بهترين سماجي ادب“ جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي. حقيقت اها آهي ته اهو اعزاز مون کي ”ڪاوش“ جي ڪري ئي مليو آهي، جنهن مون کي لکين پڙهندڙن تائين پهچايو آهي، تنهن ڪري مان اهو ايوارڊ ”ڪاوش“ جي ئي نالي ڪيان ٿو.



    ****************
    سائين زيب سنڌي جي وال تان
    https://www.facebook.com/zaib.sindhiii/posts/1217185705016945
     
  2. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    زبردست ڳالھ !!!! پر سمجھڻ وارن لاءِ .................
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو