حميده ميربحر
سينيئر رڪن
ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ
ليکڪ رسول بخش پليجو
انڌا اونڌا ويڄ ڪتاب ۾ پليجو تمام گھڻي ڪاوڙ ۽ غصو ڏيکاري ٿو انهن نالي ماتر شاعرن ۽ اديبن جي ٽولي تي جن جو خيال هو ته اياز ۽ ان سان گڏ ٻيا جيڪي جديد سوچ رکندڙ شاعرليکڪ ۽اديب آهن انهن جي شاعري ۽ لکڻين۾ ڪفر ۽ بداخلاقي جي پرچارٿيل آهي ان لاءِ سندن شاعريءَ ۽ لکڻين تي بندش وڌي وڃي ۽ اهڙن شاعرن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
هن ڪتاب ۾ سترنهن 17 باب آهن جن مان هر هڪ باب ۾ تاريخ جي انهن مختلف شخصيتن جن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي جن تي مختلف وقتن تي ڪفر ۽ بداخلاقي جا الظا م لڳايا ويا هئا ۽.انهن ۾ پيغمبرن کان وٺي مذهبي رهنمائن، فلسفي کان وٺي شاعرن ۽ اديبن تائين جو ذڪر ڪيو آ جن کي پنهنجي پنهنجي وقت جي حاڪمن ۽ مذهبي رهنمائن فتوائون ڏئي انهن عظيم شخصيتن کي گنهگار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سزائون ڏنيون. جن ۾ حضرت محمد کان وٺي گوتم ٻڌ ۽ سڪرات کان وٺي شاه عبداللطيف ، سچل، شيرازي رومي کان ويندي غالب مير ۽ جديد دور جي شاعرن کي Quote
ڪندي انهن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو. پليجو ٻڌائي ٿو ته مذهب ۽ شاعريءَ کي هڪ ٻئي سان ملائڻ بيوقوفي آهي . ان لاءِ جيڪي ايئن ڪن ٿا اهو ثراثر غلط ڪري رهيا آهن. انهن جا ٻٽا معيار ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته تنقيد ۽ الظام تراشي ۾ ڪهڙو فرق هئڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن جي ڪم کان توهانکي ڪو اعتراض آهي ته بهتر ته ايئن ٿيندو ته توهان ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ ثابت ڪريو ته توهان بهتر آهيو باقي الظام تراشي مان ڪو هڙ حاصل ڪونه ٿيندو.. هي ڪتاب نه رڳو اياز جي بچاءُ ۾ لکيو ويو آهي پر انسان گڏ شاعريءَ جي بچاءُ ۽ ان جي اهميت جي باري ۾ پڻ ڄاڻ ڏئي ٿو.. مختصر اهو چئي سگھجي ٿو ته هڪ سٺو ڪتاب آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي ادب سان دلچسپي رکندڙن جي ذوق وٽان آهي ۽ ضرور پڙهڻ گھرجي.!