منهنجي شاعري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
غزل

اڄ ستارن ۾ هڪ ستارو ڏٺم،
من جي مندر ۾ ڪو سهارو ڏٺم.

هئي پيٽ اگهاڙي هڪ نينگري،
يتيم جو جڏ اُهو نظارو ڏٺم.

غيرت جي نانءَ تي ٿي وڍ ٽُڪ،
لاش رت ۾ هڪڙو ڪنوارو ڏٺم.

”نرمل“ هي ويٺيون آب هاري اکيون،
جڏ لوڪ کي جهالت ڏانهن لهنوارو ڏٺم.
 
جواب: منهنجي شاعري

يار نرمل، دير آيد درست آيد، ڪافي ڏينهن کانپوءِ چڪر هنيو اٿوَ، خئير ته هو؟
پيارو ونڊ ڪيو اٿوَ، سماج جي مڪروهه چهري جا داڳ ۽ داڻا بيان ڪري پاڻ موکيو اٿئي ۔۔۔
پر ان بيان جي شروع ۾ اوهانکي هڪ تارو ۽ هڪ سهارو نظر آيو ۔۔۔۔ ڀلا واضح ڪيو ته اهو ڪهڙو سهارو آهي يا تارو آهي ۔۔۔۔ اسانکي به خبر پوي ته من اسانجي به اميد ٻڌجي ۔۔۔!!!
اڄ ستارن ۾ هڪ ستــــــارو ڏٺم،
من جي مندر ۾ ڪو سهارو ڏٺم.
 
جواب: منهنجي شاعري

ادا هتي ستاري جي تشبيهه جي جياري پرين جي آهي،
اڄ ستارن ۾ هڪ ستــــــارو ڏٺم،
جنهن جي موهه ۾ دل جو مندر آباد ٿي ويو پر سماج جي ڪڌين رسمن جي ور چڙهي ويو اهو پيارو جنهن کي غيرت جي نان تي ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو بي بنياد الزامن جي آڙ ۾
من جي مندر ۾ ڪو سهارو ڏٺم.
ان سهاري جي ڇڄڻ کان پو هي وجود موهن جي دڙي جيان پيو ڀانسجي۔۔۔
 
Back
Top