سماج ۽ ان جا تبديل ٿيندڙ رويا وقت سان گڏ شيون تبديل ٿينديون رهن ٿيون ۽ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي اهو ٿيندو رهيو آ ۽ اڳتي به ٿيندو رهندو ۽ ايئن هئڻ به گھرجي پر ڳالهه تڏهن ڳڻتيءَ جوڳي لڳي ٿي ته ڪجھ تبديليون وري اهڙيون ته عجب ڏياريندڙ ٿين ٿيون جن جو شايد اسان سوچيو به نه هجي ته ايئن به ٿي سگھي ٿو. تازو ئي ڪجھ اهڙا واقعا منهنجي اڳيان ٿيندا رهيا آهن جو سوچيم ته انهن تي به اکر لکڻ ضروري آ.. مثال طور تي پنهنجي سماج تي نظر وجھون ٿا ته اڳي ايئن هيو ته مٽ مائٽ پنهنجي اولاد تي ۽ خاص ڪري عورتن کي هڪ حد تائين ڪم ڪرڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏيندا هئا ته بابا هي ڪم ڪري سگجي ٿي ۽ هي نه.ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت تمام گھٽ عورتن کي هوندي هئي . وقت جي ڦيري سان شين ۾ ٿوري گھڻي تبديلي آئي ڇوڪرين ۽ عورتن ڪنهن قدر پنهنجي لاءِ ٻاهر نڪرڻ جا در کولرائي ورتا، پوءِ ڪٿي زوريءَ ته وري ڪٿي مائٽن جي راضپي سان ٻاهر به نڪرڻ لڳيون ڪم ڪار به ڪنديون رهيون تعليم به پرائينديون رهيون ۽ مختلف شعبن ۾ پنهنجو پاڻ ملهائينديون به رهيون آهن. هاڻي جڏهن اهي ٻاهر نڪتيون ته پوءِ سندن زندگيءَ جو وڏو امتحان شروع ٿي ويو. اهو ايئن ته نه صرف انهن کي پنهنجي پنهنجي فيلڊس ۾ ڪامياب ٿيڻو هيو بلڪ سندن لاءِ چيلنجنگ ڪم اهو هيو ته پنهنجو پاڻ سنڀالي به هلن ته جيئن سندن مٿان فيمليءَجي طرفان جيڪو اعتماد ڪيو ويو آ اهو به برقرار رکي سگھن. نتيجتن انهن کي مردن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ٽيڻي ذهني ۽ جسماني جفاڪشي ڪرڻي ٿي پئي. عورتن جڏهن گھر جي محدود دنيا ڇڏي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين تي نظر وڌي ته سندن ذهن ۽ دل ۾ اڃان وڌيڪ حاصل ڪرڻ ۽ دنيا کي پسڻ جا خيال ڪر کڻڻ لڳا. ظاهر آ اهو سڀ فطري رد عمل هيو.اهي سڀ خواب ۽ خواهشون کڻي عورت پنهنجي زندگي جو سفر جاري رکيو. ان سفر ۾ هنن کي کوڙ سارا همدرد به مليا جن هنن کي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿايو، ساٿ ڏنو، اعتماد ڏنو ته عورت هوندي به هوءَ پنهنجي لاءِ پنهنجي خاندان لاءِ پنهنجي سماج لاءِ گھڻو ڪجھ ڪري سگھي ٿي. ايستائين ته سڀ ٺيڪ رهيو پر هن سماج ۾ڪجھ اهڙا به ماڻهو کين ملندا رهيا جن جي ڪري سندن زندگيءَ ۾ مشڪلاتن ۾ اظافو ٿيندو رهيو. بظاهر ته سفيد ڪالر وارا عظيم انسان جن جو ڪم ئي عورتن جي حقن جي ۽ آزاديءَ جي پرچار ڪرڻ وڏا ڀاشڻ ڏيڻ آهي. اهي سندن زندگيءَ کي تنگ ڪندا رهيا.. جيڪا آڪسيجن جي دري هنن پنهنجي لاءِ کولي ورتي هئي اها سندن لاءِ گھٽ ۽ ٻوسٽ جو ڪارڻ بنجڻ لڳي آ.. چوندا آهن ته عورتن کي پنهنجي ساراهه ۽ تعريف وڻندي آ.. ان جو فائدو وٺندي سندن شان ۾ ڪلما پڙهجڻ لڳا.. تعريف به ڀلا ڪم ڪار جي حوالي سان هجي ته پوءِ ڪو هرج ناهي پر هر وقت هنن جي حسن جا ڪلما پڙهڻ ۽ کين پنهنجي پيار جو احساس ڏيارڻ، هڪ ڄار جيان اڻجڻ لڳو.. ۽ مزي جي ڳالهه ته اها ته اهڙي ڪلما جوئيءَ ۾ سندن پيءَ جي عمر کان وڏا گوءِ کڻي ويا. سماج ۾ عورت سان اهو ونهوار خود عورت کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي ونهوار کي جاري ۽ ساري رکي يا واپس گھر جي چار ديواريءَ ڏانهن موٽ کائي؟ فطرتن هُوءَ به زندگيءَ کي پنهنجي طريقي سان گھارڻ چاهي ٿي،چاهي ٿي ته هُوءَ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ زندگي کي پنهنجي حساب سان جيئي. پر صرف ۽ صرف انهن واڳن کان بچڻ لاءِ پنهنجي خول ۾ رهي پنهنجي پناه حاصل ڪرڻ ٿي چاهي..ڇا ڪري؟ ڇا محدود ٿي وڃي پنهنجي گھر جي چارديواريءَ تائين؟ پنهنجون محنتون، پنهنجو ٽيلنٽ ۽ ڪاميابيون سڀ هڪدم رک ڪري ڇڏي؟ يا پنهنجو پاڻ کي هر ڏينهن نئين آزمائش ۽ امتحان لاءِ ڇڏي ڏئي؟ ڇڏي ڏئي ته سماج جا رکوالا جيڪو وڻين سو هن سان سلوڪ ڪن؟ آخر ڇا ڪري؟ يا وري بينقاب ڪري انهن مڪروه چهرن کي جن پنهنجو پاڻ تي شرافت جا وڏا وڏا نقاب پائي رکيا آهن؟ پر ايئن ڪرڻ سان گھڻن جا ڀرم ٽٽي پوندا.. انهن سان وابسته شخصيتون شايد وڌيڪ عذاب ۾ اچن ۽ انهن کي پاڻ تي شايد ڪو خاص فرق نه پوي... خدارا انهن ماڻهن کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻ گھرجن ته جيئن هن سماج جي عورت کي پنهنجي لاءِ ڪا آڪسيجن جي ذري ملي سگھي.. عورت کي هڪ انسان جي روپ ۾ ساراهيو ان جي ڪم جي واکاڻ ڪيو انجو ڀروسو بڻجو ان جا سهڪاري ٿيو. رڳو انجي جسم جي ماپ تور نه ڪيو ان کان هٽي ڪري انکي هڪ انسان وانگر هڪ فرد وانگر محسوس ڪيو ۽ ان جي لاءِ دنيا جا در بند نه ڪيو انکي به توهان جيترو ئي حق آهي ته هُوءَ دنيا کي پنهنجي اينگل کان ڏسي ۽ پسي.. عورت رڳو هڪ جسم جو نالو ناهي انجو پنهنجو وجود آ، پنهنجي دنيا آ، پنهنجي ڪائنات آ، انکي انجي نظريئي سان سمجھڻ جي ڪو شش ڪريو.
عورت رڳو هڪ جسم جونالو يا صرف پنهنجو وجود نه بلڪه پوري دنيا جونالو۽ وجود آهي،عورت ڪا سواءِ ڪائنات اڌوري ۽ نامڪمل آهي. عورت جا مختلف روپ آهن ،مثلا ماءُ،ڀيڻ،ڌيءُ ۽ زال سڀني روپن کي دنيا جي هر مذهبن خصوصا اسلام وڏي عزت ۽ رتبو ڏنو آهن ، هر عورت کي حيا وادب جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي ڪڏهن به بررداشت نه ڪرڻ گهرجي بلڪه فورن انهي کي وائڪو ڪرڻ گهرجي ته جئين ڪو به درنده صفت انسان ٻيهر ڪنهن به عورت سان اهڙي جرئت نه ڪري سگهي . بقول ڀٽ جي گهوٽ لطيف سرڪار ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌ پئي توکي سڏڙا ڪري، مرن پيون مائرون ،قابو آهن ڪوٽ اچ ته تنهنجي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون“
اوهان جا خوبصورت خيال وڻيا ... عورت کي ان ڳالهه جو وڌيڪ خيال رکڻ گهرجي ته ڪٿي سندس ڪنهن عمل جي ڪري ٻيون عورتون به ڪنهن پابندين جي ور نه چڙهن. هي مرداڻو سماج آهي ۽ آزادي جي ڳالهه ڪندڙ اڪثر مرد مون وانگر اندران سخت ذهن هوندا آهن.