شهنشاھ هڪڙوهيوخوش مزاج، ڪچهريءَ ۾ پهري ويٺوهوتاج. اچي مسخروهت سلامي ٿيو، شهنشاھ تنهن کي تڏهن هيئن چيو. ميان مسخرا توکي ڏيان ٿو انعام،مگر ياد رڪجانءِ منهنجو انعام. ”ڏسين پاڻ کان عقل ۾ ڪو به گهٽ،ڏجان چيز منهنجي تنهين کي جهٽ“. شهنشاھ تنهن کي ڏني پوءِ لٺ، وٺي مسخري ڪئي سلامن جي سٺ. هڪڙي ڏينهن شهنشاھ بيمار ٿيو، پڇڻ مسخرو تنهن امالڪ ويو. چيو شاھ تنهن کي؛ ”وڃان ٿو سفر، دعا ڪا پڇاڙيءَ ۾ مون کي تون ڪر.“ پڇيومسخري ات ٻڌي هٿ تڏهن، ”شهنشاھ جي موٽ ٿيندي ڪڏهن؟“ چيو شاھ؛”وڃان ٿو پري کان پري، وريو ڪونه ڄاڻان نڪو وري.“ پڇيو مسخري پوءِ ٻڌي هٿ ٻئي،” سفر جي تياري توهان ڇا ڪئي؟“ چيو شاھ؛ ”سفر لاءِ ناهيان تيار،ڪندو معاف شل مون کي پروردگار!“ چيو مسخري هي عجب آ بيان،عقل اڄ اوهان جو سڄو ٿيو عيان. وڃي جو سفر تي نٿو ٿي تيار، عقل جو ان وٽ چئبو ڏڪار! ”وٺولٺ پنهنجي نه گهرجي مون کي،اوهان جي امانت اوهان کي هجي!“