• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي مئي کانپوءِ : زخمي چانڊيو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
munhinjy_muay_kha_po.jpg



ڪتاب جو نالو: منهنجي مئي کانپوءِ
شاعر: زخمي چانڊيو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد

سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي هن لنڪ تي موجود آهي

ڪتاب مان چونڊ:

ڏاڍو ساريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

اخبارن ۾ تعزيتون،
ڏهه ڏهه ڏياريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

جيئري قدر ڪو نه ڪيئه،
ڳوڙها ڳاڙيندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

اوڇنگارون ڏئي لاش تي،
راڄَ روئاريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

جهرجهنگ مُنهنجي شاعري،
نيٺ جُهونگاريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

قبر جو ڪتبو پڙهي،
گُل وِڇائيندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.

”زخميءَ“ لئه ماتم ڪري،
نيٺ وساريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون.
 
Back
Top