امدا علي قادري
سينيئر رڪن
خوف واري زندگيءَ سان زندگي برباد آھ، آھ سوانسان جيڪو خوف کان آزاد آھ.
خوف خطرو در حقيقت وهم جي ايجاد آھ، دل جي دنيا جوش ۽ همت سان ئي آباد آھ.
وهم کي دل مان مٽائڻ آھ فرزانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.خوف خطرو در حقيقت وهم جي ايجاد آھ، دل جي دنيا جوش ۽ همت سان ئي آباد آھ.
خاڪ کان تون پاڪ تنهنجو آسمان تي شور آھ، باھ پاڻي ۽ هوا کان زور تنهنجو زور آھ.
تو سندي ايمان جي وڌ ڏونگرن کان تور آھ، نفس تنهنجو ڪانگ آهي ۽ روح تنهنجو مور آھ.
ڪانئرن جو آھ ڪم ايمان کان بيگانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.
سج اڳيان جئين باھ جو بيڪار ڏسجي ٿو اثر، تئين خدا جي ڊپ اڳيان آهي نه ڪو خوف و خطر.
هڪ خدا کان ڊڄ ۽ ٻئي ڪنهن جي نه تون پرواھ ڪر، جي خدا ڪارڻ خدا جي لاءِ مر اي نامور!
پاڻ کي زندھ نه سمجهڻ آھ هڪ ديوانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي،سک همت ۽ مردانگي.
جسم فانيءَ سان تون پنهنجي زندگي شامل نه ڪر، موت جي ڊپ کان حقيقي عيش کي زائل نه ڪر.
روح باقي آھ ان کان پاڻ کي غافل نه ڪر، ڪر خدا جي بندگي دل غير ڏي مائل نه ڪر.
موت آهي ويس بدلائڻ جو جهڳڙو خانگي، مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.