• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم- فيض گل ڇلگري

فيض گل ڇلگري

سينيئر رڪن
هُنن جي پيشانين جي لڪيرن تي
فتنو لکيل آ
سچ کي بدنما ٿا ڪوٺين
اکين تي منفيت جي غشي طاري اٿن
زبانن ۾ زهر به اهڙو زهر
اجهو ڄڻ نانگ ئي ڳڙڪائي ڇڏين
سندن نس نس ۾ شَر کي پناه ڏنل آ
رت ۾ نفرت باه بڻجي وِلوڙجَي پئي
اُڀ او اُڀ! کڻي وٺ هي منافقتون
مولا! سج کي ڪا ڪشش عطا ڪر
ڌرتي تي حَسد بار ٿي پيو آ
مولا! هوا کي حڪم ڪر ته
حَوَس کي ٻُوڙي اچي سمنڊ ۾
مولا! برسات جي ڦڙين کي بخش
سگه ڪا اهڙي
ڌوئي ڇڏين ضمير ڪارا
تَن تَن مان چاپلوسيون تڙجي نڪرن
ذهن ذهن مان لالچون اُڏامي ڀَڄن
مولا! حق جي سرڪشي جو سلسلو ختم ڪر.
 
Back
Top