• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل ”صبح ٿيندوسج اڀرندو“ فيض گل ڇلگري

فيض گل ڇلگري

سينيئر رڪن
هُوشو جي اَٽل ارادن مان پڙڏاءُ ايندو.
هُو وحشتن جي سوڳ ڪيترو جيئندو.

سنڌ ڌرتي جَي شهيدن جِي گجگوڙ ٻُڌي
نيٺ ته ڪو اُٿي اسان مان سڏ اوريندو.

ڏيئي جي اونداهي ڏسي پريشان نه ٿي
پره پري نه آ صبح ٿيندو سج اڀرندو.

ڇَنڊي پَر پوپٽ پنهنجا ولر ڪري ورندا
ڌرتي خشبو اُوتَڻ ڌاري هر گل ٽڙندو.

پنهنجي روح مان مُنڪري ڇاڻي ته ڏس
هي قليل قافلو سارا ڏونگر ڏوريندو.

صرف تنهنجو ذهن آهي ڪشمير ڄڻ
ڀايان ٿو ڪڏهن نه انا مان آزاد ٿيندو.
 
Back
Top