شيخ ثالث مرد مجاهد حضرت پير عبد الرحمن المعرف ڀورل سائين رحمۃ الله تعالي عليه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    شيخ ثالث ،مرد مجاهد، ناصر تحريڪ آزادي پاڪستان، حضرت پير عبد الرحمن المعرف ڀورل سائين رحمۃ الله تعالي عليه جن جي ولادت باسعادت خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف جي بزرگ شيخ ثاني پير طريقت رهبر شريعت حضرت حافظ محمد عبد الله رحمۃ الله تعالي عليه جي گهر مبارڪ 1310ھ بمطابق 1891ع ۾ ٿي.چئن سالن جي عمر مبارڪ ۾ باني خانقاه حضرت حافظ الملت رحمۃ الله تعالي عليه جي مزار شريف وٽ ويهي سندس والد ماجد رحمۃ الله تعالي عليه بسم الله شريف جي رسم ادا ڪرائي حصول تعليم جو آغاز ڪرايائون.هن موقعي تي مولود شريف چيا ويا ۽ خير خيراتون به ڪيون ويون، ناظره قرآن شريف جي تعليم پوري ڪرڻ بعد عربي فارسي ۽ صرف ونحو جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيائون.روحاني ۽ باطني تعليم پنهنجي والد ماجد رحمۃ الله تعالي عليه کان حاصل ڪيائون.پنهنجي والد ماجد رحمۃ الله تعالي عليه جي وصال بعد ٽئين ڏينهن يعني 28 رجب المرجب 1346ھ تي خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف جا ٻيو نمبر سجاده نشين ٿيا. دستار بندي جي رسم باڪمال بزرگ، درويش شاعروعالم، خليفه باني خانقاه حضرت حافظ الملت رحمۃ الله تعالي عليه،حضرت احمد سائين رحمۃ الله تعالي عليه خانڳڙه شريف واري ادا ڪرائي. پاڻ رحمۃ الله تعالي عليه پنهنجن بزرگن وانگر سنت و شريعت مبارڪه جا عامل و پابند هئا.پنهنجي فقيرن سان گهر جي ڀاتين جهڙو ورتاءُ ڪندا هئا،جماعت جي فقيرن کي اعلي انساني اخلاقن جي عادت کي اپنائڻ جو حڪم ڏيندا هئا.سادگي، ادب ۽ انڪساري پسند هئا.پاڻ مختلف علائقن جي مختلف ذاتين ۽ قبيلن مان چار نڪاح ڪيا سندن اولاد نو پٽ ۽ نو ڌيئرون هيون.آخر هي مرد مجاهد 9 جمادي الاول 1380ھ مطابق 30 آڪٽوبر 1960ع بروز آچر پنهنجي مالڪ حقيقي ۽ مديني واري سائين سان وڃي ملاقاتي ٿيا،سندس باني خانقاه حضرت حافظ الملت رحمۃ الله تعالي عليه جي روضي مبارڪ جي اندر والد ماجد رحمۃ الله تعالي عليه جي مزار مبارڪ جي اڀرندي پاسي مٽي ماءُ حوالي ڪيوويو. هر سال سندن شرعي طريقي سان عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي.سائيجن جون اسلام ۽ خصوصن پاڪستان لاءِ تمام وڏيون قربانيون آهن ،انهن کي پڙهڻ لاءِ اردو ڪتاب عبادالرحمن ۽ سنڌي خانقاه ڀرچونڊي شريف جي ادبي تاريخ پڙهندا.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو