مان بلاگگنگ ۽ ويب ڊزائيننگ سان لاڳاپيل دوستن کان هتي اهو سوال پڇڻ چاهيانٿو، ته مون 2007 ۾ هڪ ويب سائيٽ www.daurcity.8m.com فري سرور تي ٺاهي جيڪا مسلسل ڊسمبر2016 تائين هلندي رهي...پو اچانڪ اهو ڊومين ئي غائب ٿي ويو...گوگل سرچ انجن ۾ لنڪ ئي اڏامي ويو...هاڻي ڪا خبر نه آهي، ته اها فري سرور واري هوسٽنگ ئي ختم ٿي ويئي آهي يا ويب سائيٽ هيڪ ٿي ويئي آهي...ان متعلق ڪجهه رهنمائي ضرور ڪندا...اهي ساڳيا مسئلا 2016 جي آخر ۾ خاص ڪري سنڌي ويب سائيٽس جي تمام سنڌي دوستن سان پيش آيا آهن...جن ۾ ساين عباس ڪوريجي جي ويب سائيٽ پڻ هيڪ ٿي وئي هئي..برحال اها رجسٽرڊ ويب سائيٽ هئي ۽ سائين جن وري ان کي ري اسٽور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا...پر فري سرور تي هوسٽنگ ڪرڻ تي منهنجي ويب سائيٽ تي سمورو اپلوڊ ٿيل مواد ختم ٿي ويو... آهي....
مون به 1999 ڌاري فري سرور تي سيال ٽريول نالي ويب سائيٽ اپ لوڊ ڪئي هئي، سا به لڳي ٿو ته پاڻمرادو ختم ٿي وئي آهي ـ