سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گھايَلَ ڪيئن گھارِينِ؛ پِيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نه وارِينِ؛ پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لَئي، هَئي! هَنجُون هارِينِ؛ سَڄَڻُ جي سارِينِ، تن رويو وِهامي راتڙي.
1 تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛ جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛ صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي. 2 تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛ تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛ تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي. 3