• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀت وڏو ڏوھاري آھي . (شيخ اياز جي نظم ”سچ وڏو ڏوھاري آھي“ جي پيروڊي) شمشيرالحيدري

شاهنواز ٽالپر

سينيئر رڪن
ڀت وڏو ڏوھاري آھي

روز اول کان ڪاڙھيو ويو آ،

ڏاٺن ۾ چيٿاڙيو ويو آ

ٺاري ٺاري ماريو ويو آ،


ڪڏھن گيھه ٽڙڪايو ويو آ،

لوڻ ڪڏھن ڇرڪايو ويو آ،

مرچن سان ڦڙڪايو ويو آ،

ٽانڊن تي ٽھڪايو ويو آ،

دم ڏيئي ڌمڪايو ويو آ،


ھا، پر پوءِ به انھيءَ جي ساڳي

رھندي آئي ريت اڀاڳي:

جنھن جي پيٽ ۾ وٽ وجھي ٿو،

تنھن جو سارو چين کسي ٿو،

اڄ تو وٽ مھمان ٿيو آ،

پوءِ به ڪڏھن تو ھي سوچيو آ،

ڪنھن سان تنھنجي ياري آھي؟

ڀت وڏو ڏوھاري آھي!
 
Back
Top