• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آدمشماري 2017

محمد امين ڀٽي

سينيئر رڪن
پاڪستان ۾ ڇهين گھر ۽ آدمشماري 15 مارچ کان شروع ٿي رهي آهي. جنهن جي لاءِ هر علائقي ۾ هڪ ڳڻپ ڪارEnumerator مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو گھر گھر وڃي گھربل معلومات حاصل ڪري فارم ڀريندو. آدمشماري جي حوالي سان سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ رهندڙ ۽ پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ دوستن سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجا رايا ۽ تجويزون اسان تائين پهچايون آهن. جيڪي اسان لاءِ لاڀائتيون آهن.

ان کان علاوه پاڪستان جي شماريات کاتي PAKISTAN BUREAU OF STATISTICS (PBS) پڻ عوام جي سهولت جي لاءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي آدمشماري عملي جا نالا ڏئي ڇڏيا آهن ته جيئن آسان کي خبر پوي ته اسان جنهن بلاڪ يا جنهن علائقي ۾ رهون ٿا اُتي ڪنهن کي ڳڻپ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

توهان به هاڻي ئي پنهنجي علائقي جي ڳڻپ ڪار جو نالو معلوم ڪريو هن لنڪ http://www.pbscensus.gov.pk/content/census-district-wise-posting-enumerators جي ذريعي.
 
Back
Top