ڪٿي ٿي جيئي ڪٿ مري ٿي حياتي جيئڻ جو بهانو ڪري ٿي حياتي ڪٿي شادمانين مان فرصت ئي ناهي ڪٿي روز ماتم ڪري ٿي حياتي ڪٿي ٿي وٺي وَڏِ عُمِرِ لئه دعائون ڪٿي آپگهاتون ڪري ٿي حياتي ڪٿي بس خدا ساڻ ناتو ٿي جوڙي ڪٿي پاٽ پوڄا ڪري ٿي حياتي ڪٿي حسن تي ناز، ماڻا ڪري ٿي ۽ تيزآب سان ڪِٿِ سڙي ٿي حياتي پري پيارڙن او درويش پنهنجي ڏکي يا سُکي بس سري ٿي حياتي عمران درويش سومرو