شڪارپور جو آچار

'مختلف موضوع' فورم ۾ Haseeb Nayab طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2017۔

  1. Haseeb Nayab

    Haseeb Nayab
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 فيبروري 2017
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    شڪارپور جو آچار

    حسيب ناياب منگي

    ” شڪارپور جي ماڻهن جي زندگي ، خاص ڪري شامون رنگين ۽ مست ڪندڙ هيون . سندن ٻولي ، رهڻي ڪهڻي ، کاڌ خوراڪ ۽ لباس دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو هيو . شام ٿيندي ته ننڍا وڏا ، سٺن ڪپڙن ۾ نڪري پوندا ڀرٿ ڀريل ململ يا وائل جو چولو ، جي پئسي وارو هوندو ته ڊبل گهوڙي واري بوسڪيءَ جي پهراڻ ، ڳچيءَ م رابيل جي ڪنڍي ، پيرن ۾ چمڪندڙ چمپل ، سڌو لکي در تي راڌي جون چاپون ، ديوان جون قلفيون ۽ فالودو ضرور چکندا پوءِ خاص شڪارپوري ٻولي ۽ لهجي ۾ حال احوال ڪندا . ڪچهريون ڪندا هڪ ٻئي تي ٽوڪ زني به ڪندا . رات جو گهر موٽندا ، ته دونو هٿ ۾ هوندن جنهن ۾ گهر جي کائڻ لاءِ ڪا چهر چٽڻي يا مٺائي ۽ مائو هوندو جي اڃا به ڪو وڌيڪ پئسي وارو هوندو ته لکي در تان بگيءَ تي ويهي شاهي باغ جا چڪر ڏيندو ، لکي در ، شاهي باغ ۽ سنڌ واه شڪارپور جي سماجي زندگي جا مرڪز هئا . جماڻي هال ۽ جگن ناٿ لائبرري شڪارپور جي ڪلچرل ۽ ساهتڪ جيون جا جهولا هوندا هيا“ شڪارپور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ، پوشاڪ ، اٿڻي ويهڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي مٿين تصوير ڪشي رام امر لعل پنجواڻي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪئي آهي . ڇا ته ماحول هيو اڄ اهڙي شڪارپور صرف ڪتابن ۽ تذڪرن ۾ ئي پڙهي سگهجي ٿي . ڪي اهڃاڻ اڃان به باقي آهن مگر دل کي اها راحت نه ٿي ملي فسادن جيءَ ئي ساڙي رکيو آهي چورن لٽيرن زندگي جنجال بڻائي ڇڏي آهي ، وس وارا بي وس ۽ تماشائي ! پوءِ ته نيٺ چئبو ني ” هي شهر به ڪڏهن شهر هيو هن شهر جي ڪهڙي ڳاله جي “

    اڄ شڪارپور جي مٺي پاڻيءَ ۽ ٻوليءَ جهڙي سوادي ۽ ماحول جهڙي کٽي کٽاڻ جو ذڪر ڪجي جنهن جو چرچو هر ملڪ ۾ اڄ به ڪاله واري واپار جيان قائم ۽ دائم آهي . آچار کانسواءِ ته شڪارپورين جو دسترخوان بي رونق لڳندو آهي ، جنهن جي ذائقي کي چکڻ لاءِ هر اهو دوست فرمائش ڪندو آهي جيڪو شڪارپوري ناهي هوندو ، حڪمران طبقو ۽ ڪي امير اعلٰي غريب مزدور هاري واپاري سڀ شڪارپور جي آچار جا مشتاق ! جهڙي طرح شڪارپور جي حسن و جمال جي دشمنن ڪا ڪسر نه ڇڏي شڪارپور کي پوئتي ڪرڻ ۾ تهڙيءَ طرح شڪارپوري آچار جا دشمن به هرشهر ۾ موجود آهن جيڪي پنهنجو ناقص آچار سڪارپوري ليبل سان هلائي جڳ ۾ شڪارپوري آچار جي معيار کي ڌڪ رسائڻ ۾ پنهنجو خوب ڪردار ادا ڪري رهيا آهن .

    شڪارپور جو صرف آچار ئي جڳ ۾ ممتاز ڪونهي پڪوڙا ، پاپڙ ، وڙهيون ، قلفي فالودو ، ديوان واري وائيٽ روز ، ڀڳڙا ، لائيون ، مالپڙه ، سيرو ، مٺايون ۽ مربا پڻ مشهور آهن مگر هتي ذڪر صرف آچار جو ڪرڻو آهي تنهن ڪري موضوع ڏانهن واپس اچان ٿو . شڪارپور جو آچار پنهنجي تاريخ ۾ تقريبن ڏيڊ سوءُ سال پراڻو آهي جيڪو اسان کي هندن کان ورثي ۾ مليو آهي اول هندو پنهنجي کائڻ لاءِ تيار ڪندا هيا ياوري ڪنهن مهمان کي پيش ڪرڻ ۽ ڪن ننڍن وڏن ڏينهن يا وري سنڌ واه تي وهنجڻ کان پوءِ ماني وقت کائڻ لاءِ ٺاهيندا هيا . گهريلو صنعت ڪمرشلائيز ٿي ته هر دل تي ڇائنجي وئي . هندن کان پوءِ آچار کي هٿي وٺرائڻ ۽ اڄوڪي مقام تي پهچائڻ ۾ به الترتيب جن گهراڻن جون خدمتون تذ ڪري ڪرڻ لائق آهن تن ۾ سرهيه (صديقي) ، سومرا ۽ ميمڻ وغيره اچي وڃن ٿا ، مگر هن وقت سڀ کان وڌيڪ ميمڻ خاندان هن ڪاروبار ۾ اڳڀرو آهي . ڪمرشلائيز کان پوءِ به اڄ تائين خاص گهرن ۾ هر قسم جو آچار تيار ڪري سيل ڪيو ويندو آهي ، جنهن جي لذت ئي ڪا آور آهي . شڪارپور جو آچار جنهن کي جنهن جي هٿ وارو ٺهيل وڻندو سو تنهن جا ئي گيت ڳائيندو مگر شڪارپور ۾ هڪ اڌ اهڙو گهر به آهي جنهن جي تيار ڪيل آچار جي ڇا ڳاله ڪجي اهو گهريلو آچار عورتون ٺاهن ٿيون سندن ٺاهيل آچار جي شيري پنهنجو مٽ پاڻ آهي . اول جن دوڪانن يا گهرن اندر اچار وڪرو ٿيندو هيو تنهن آچار کي پٿري چيني جي ڪولهن ۾ رکندا هئا مگر هاڻي هر هنڌ پلاسٽڪ عام جام آهي .

    آچار تيار ٿيڻ ۾ ڪي دشواريون پيش پڻ اچن ٿيون ڪارخاني يا فيڪٽري ۾ تيار ٿيندڙ آچار لاءِ ڪٽائي وغيره ڪو مسئلو ناهي هوندو مگر گهر اندر تيار ٿيندڙ آچار جي لاءِ سبزين ۽ انبڙين وغيره جي ڪٽائي ۾ ئي ٽائيم لڳي وڃي ٿو . ڪارخاني اندر مزدور طبقو ۽ گهرن اندر عورتن ۽ ٻارڙن جون خدمتون اجرت تي حاصل ڪيون وينديون آهن . سبزين کي پاڻي ۾ اُٻاري مصالحه وغيره ڏيئي ڏينهن ٻه ان کي رسايو ويندو آهي جڏهن آچار تيار ٿي اسان وٽ پهچندو آهي ته ان پٺيان سوين مزدورن جون محنتون ٿيل هونديون آهن . شڪارپور ۾ آچار جون ڪجه فيڪٽريون ۽ هر ڪاروباري ماڻهو وٽ هڪ ڪارخانو ۽ شهر اندر آچار جا پنجاه جي قريب دوڪان آهن ان کان سواءِ ڪيترن ئي گهرن ۾ پڻ آچار تيار ٿي وڪامبو آهي

    شڪارپور ۾ اول صرف ليمي ۽ انب جو آچار ٺهندو هيو مگر هاڻي هڪ سوءُ جي قريب ڀاڄين وغيره جو آچار ٺهي ٿو . اهو به ٻڌايان ته ڀاڄين ۽ گوشت کان علاوه هتي خشڪ ميوي ۾ بادام ۽ کارڪن جو آچار پڻ تيار ٿيندو آهي مرغي ، مڇي ۽ ڪوفتن جو آچار ، مربا ۽ بي شمار قسمن جون چٽڻيون تيار ٿين ٿيون بيه ، ڇولا ، انب ، ليمون ، ڪريلو ، ادرڪ ، ٿوم ، ليسوڙا ، ساوا مرچ ، ڦاروان ، بصر ۽ ٻين سبزين جو آچار تيار ٿي وڪرو ٿيندو آهي اڪثر ستن اٺن ڀاڄين کي مڪس ڪري انهن جو به آچار تيار ڪيو ويندو آهي . اونهاري جو سڀ کان وڌيڪ جنهن آچار جي سيل ٿئي ٿي اهو آهي گوگڻو ، ڳاڙهي گجر ۽ گوبي جو مڪس پاڻي وارو ، ايترو لذيذ جو هر ٽائيم جي ماني سان کائڻ ۾ مزو ڏيئي ، نه صرف پر انبڙي جي وچ مان جيڪو ڪوڙو پتو نڪرندو آهي شڪارپور ۾ ان جو به آچار تيار ٿيندو آهي . عام طور تي اوهان ڪٿان به آچار خريد ڪندا ته اوهان کي پلاسٽڪ جي دٻن ۾ وجهي ڏنو ويندو. آچار ڪلو جي حساب سان ۽ عام طور تي ريسڪي اگه ۾ به وڪرو ڪيو ويندو آهي .

    شڪارپور جو آچار سعودي عرب ، ڀارت ، روس ، لبيا ، قطر ، دبئي ، افغانستان ، ايران ، عمان ، عراق ، مسقط ، آمريڪا ، انگلينڊ کان علاوه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سموري پاڪستان ۾ موڪلي ويندي آهي . پاڪستان اندر ته ڪيترائي کٽاڻ جا نقلي دوڪان به هلي رهيا آهن جيڪي شڪارپوري آچارجي ليبل سان پئسو ڪمائي شڪارپوري آچار جي مشهوريءَ کي ڌڪ رسائي رهيا آهن . ايڪسپورٽ جي مسئلي کان ٽيڪس تائين ، آچارلاءِ مهانگو سامان ملڻ کان عوامي رڙين ته ” آچار مهانگو ڇو آهي “ تائين هن صنعت ۾ به سوين مسئلا آهن . شڪارپور جا سياستدان ته گهڻن سالن کان سياست جي آسمان تي چنڊ جيان چمڪندا رهيا آهن ، ڪرسين جا مزا ماڻيندا رهيا آهن مگر پوءِ به اڄ تائين سرڪاري طور تي شڪارپوري آچار جي سرپرستي نه ٿي سگهي آهي .اهو ئي شڪارپوري آچارملڪ جي انهن ئي سياستدانن جي دسترخوانن جي زينت به بڻيو هوندو مگر انهن ڪڏهن اهو به نه سوچيو هوندو ته هن آچار کي تيار ڪرڻ وارن مزدورن کي جيڪا اجرت ملندي هوندي ان مان سندن گذارو ٿيندو به هوندو الائجي نه ؟ افسوس ته اهو ئي آهي ته سنجيدگي سان نه ته ڪڏهن ڪجه سوچيو ويو نه ئي وري ڪجه ڪيو ويو. هڪ طرف واپاري ۽ مزدور طبقي جون دانهون نڪري رهيو آهن ٻي طرف شڪارپوري آچار جي کپت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي . مگر پوءِ به دانهن تي ڪن ڌرڻ وس وارن جو فرض آهي .

    شڪارپور جي آچار جو ذائقو جنهن مٺي پاڻيءَ سبب اڄ به برقرار آهي تنهن پاڻي جي ذائقي کي برقرار رکڻ لاءِ سرڪار سڳوري سنجيده ٿئي ، ڇوجو شڪارپور جي ڪيترن ئي پاڙن جو پاڻي ٻاڙو ٿيڻ لڳو آهي ان طرف ڌيان ڏنو وڃي گڏوگڏ ان مسئلي تي به غور ڪيو وڃي ته هن صنعت ۾ جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن تن جو حل ڪڍيو وڃي ته جيئن شڪارپور جي اها صنعت جنهن عروج سان هلي رهي آهي تنهن کي ڪو زوال جو جراثيم نه لڳي .
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
  3. Haseeb Nayab

    Haseeb Nayab
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 فيبروري 2017
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو