موڪليندڙ: نرمل کوهارو ليکڪ: ف_ ڏ ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ !! زرينه وڏي اُڪير مان اڳتي وڌي ۽ مارئي کي پاڻ ڏانهن ايندي چيائين... الا ڏاڍي پڪي ٿي وئي آهين!! مارئي اچڻ سان زرينه کي ڀاڪر پائي.... ساڄي ڳل تي مٺي ڏيندي... کيس مهڻي واري انداز ۾ چيائين.... تون ڪا گهٽ آهي ڇا؟؟ اسان جي گهر اچڻ کان صفا نابري واري ويهي رهي آهين ... ڇو ڀلا چاچا وارن منع ڪيو اٿئي ڇا؟؟ جي ها... ته پوءِ مان هن مهل ئي ٿي چاچا ۽ چاچي کي چوان ته آخر ڇو منهنجي مٺڙي ڀيڻ کي اصل گهر ۾ قيد ڪري کيس زنجير وجهي ڇڏيا اٿن؟؟ جو اسان تائين به نه ٿا ڇڏين... زرينه مشڪندي کيس ورندي ڏني نه الا! اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي... بس سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪار اٿم، ان ڪري ڪيڏانهن نڪري به نه ٿي سگهان ٻيو ته بابا ڪراڙي جي سڄو ڏينهن چنتا، جڏهن کان بيمار ٿيو آهي ته پاڻي ۽ ماني جي ڊيوٽي مون تي.. امڙ به پوڙهي ويچاري ادا ربنواز سڄو ڏينهن ٻني ٻاري سان ان لاءِ ماني ٽڪي ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ وقت پورو ٿيو وڃي ڇا ڪيان!؟ زرينه ۽ مارئي هڪٻئي جون سڳيون سؤٽيون هيون ۽ هڪ ماروٽ سڪينه پڻ هنن جيڏي هئي... جيڪا به سندن ننڍي هوندي کان ئي ساڻن گڏ هوندي هئي... ۽ هي سڀئي ننڍي هوندي جون سنگتياڻيون به هيون ۽ هميشه هڪٻئي سان گڏ راند روند ڪنديون هيون، هڪٻئي سان وڙهنديون وري ڪجهه ڏينهن بعد سرچي وينديون، هي ٻئي جو پاڻ ۾ ڪجهه عرصي بعد مليون ته تمام گهڻي گرمجوشي ۾ هڪٻئي کي ميارون ڏنائون ۽ ڪافي دير تائين هڪٻئي سان پيئي رهاڻيون ڪيائون. زرينه 16 سالن جي جوان وينگس، ننڍي هوندي کان ئي مالڪن جي لاڏلي هئي، سندس چوڻ تي هر خواهش پوري ٿيندي هيس. ماروي اڃا 8 سالن جي ٿي ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو، هن جي ماءُ پورهيو ڪري سندس پيٽ پاليندي هئي. مارئي جي عمر 17 سال هئي. سڪينه به 16 سالن جي وينگس ۽ حسن ۾ ساڻن مٽ هئي... زرينه پنهنجي پاڙي وارين ۽ هڪ جيڏين سرتين سان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي ته اتي عرفان جي سندس تي نظر پئي هئي. عرفان سندس حسن جي تجلي کان پاڻ بچائي نه سگهيو ۽ زرينه تي موهت ٿي پيو ۽ نيٺ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هو ساڻس پنهنجي پيار جو اظهار ڪري ويٺو . زرينه سڄي ڳوٺ جي ڇوڪرين کان حسن ۾ گوءِ کنيو ويٺي هئي سندس سُندرتا جي هاڪ هنڌي ماڳين پهچي چڪي هئي . پوءِ ههڙي ملوڪه ڇوڪري تي آخر ڪنهن به مرد جي نظر پئي ته اهو مٿس موهت ڪيئن نه ٿئي؟؟ قد ۾ ڊگهي، رنگ جي ڀوري ڪنهن حور پري کان گهٽ نه لڳندي هئي. هن جي چال چلت ۽ وصف دل کي ڇهندڙ ۽ لڀائيندڙ هوندا هئا ۽ سندس ناز نخرا ته سندس سُندرتا ۾ اڃان به چار چنڊ ڀريو ڇڏينس، هڪ ته سندر مٿس وري ڦوُهه جواني سو آخر کيس به پنهنجي من جي محرم جي تلاش هئي، آخرڪار هڪ ڏينهن هوءَ به عرفان جي محبت ۾ گرفتار ٿي پئي آخر ڪيستائين پاڻ پلي نيٺ کيس به ته نينهن جو واءُ لڳڻو ئي هو هڪ ڀيري هوءَ جڏهن پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته عرفان هن جي رستي ۾ بيٺو هو هن جو هٿ جهلي ساڻس هيڪلائي ۾ ملڻ لاءِ زور ڀريو. پهريان ته زرينه کيس انڪار ڪيو پر پوءِ هن جي تمام گهڻي منٿن بعد ساڻس اڪيلي ۾ ملڻ لاءِ حامي ڀريائين. ٻي رات جڏهن هو پنهنجي ماروٽ سڪينه کي ساڻ ڪري ڀر واري باغ ۾ عرفان سان ملڻ وئي ته عرفان به پنهنجي دوست يوسف کي ساڻ وٺي آيو. زرينه ۽ عرفان ته پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويا، هوڏانهن يوسف ۽ سڪينه به هڪ ٻئي سان حال احوال ڪرڻ لڳا. عرفان، زرينه جي جهولي ۾ ستل هو ۽ سندس نظرون چنڊ ۾ کتل هيون. هن زرينه جي مورت کي چنڊ سان ڀيٽ ڏيندي چيو، چنڊ تو ۾ ته داغ آهي پر منهنجي محبوب جي منهن تي هڪ به داغ نه آهي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڪيتريون ئي پريت ۽ پريم جون ڳالهيون زرينه کي ٻڌائيندو رهيو. پويان جڏهن زرينه جي گهر ۾ ستل سندس ڀاءُ ربنواز اچانڪ ننڊ مان اٿيو ته زرينه جي کٽ خالي پيل ڏٺائين. پهرين ته سوچيائين متان ماما اڪرم وارن جي گهر وئي هجي اتي ئي سڪينه سان ڪچهري ڪندي ڪندي کيس ننڊ کڻي وئي هجي، وري کيس شڪ پيو ته هو جوان آهي ڪٿي هو ڪنهن غير مرد سان ملڻ ته نه وئي آهي؟؟؟ ، ۽ پوءِ هو اٿيو ۽ ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي پهريان ته پنهنجي مامي جي گهر جهاتي پاتائين پر اتي کيس زرينه نظر نه آئي پر کٽ تي سڪينه به موجود نه هئي، ته پوءِ سندس شڪ پڪ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ هو يڪدم باغ طرف روانو ٿيو، سندس مامو ۽ ماروٽ به هن جي اچڻ تي جاڳي پيا هئا. اهي پڻ بندوق ساڻ ڪري سندس پويان هليا، هوڏانهن عرفان ۽ زرينه نينهن جي مَڌُ نشي ۾ هڪٻئي سان چاهت جا مرڻ گهڙيءَ تائين لاءِ وچن ورجائي رهيا هئا، هيڏانهن يوسف ۽ سڪينه به هڪٻئي سان ڀوڳ ڳڀا ڪندي رلي ملي ويا. انهن معصوم وجودن کي ڪهڙي خبر ته ڪجهه ئي پلن ۾ سندن تقدير موت بڻجي ايندي. هنن کي ته خواب خيال ۾ ئي نه هو ته ڪو چند لمحن بعد هو غيرت جي گهاٽ تي ڪنهن ٻڪري يا ڍڳي جيان ذبح ڪيا ويندا، کين خبر ئي نه هئي ته هو محبت نه پر هڪ اهڙو پاپ ڪري رهيا هئا جنهن جي سزا فقط موت آهي، سندن ڦوُهه جواني دريا جي مستي جيان ڇوليون هڻي رهي هئي ... پر اڳيان به سماج جون ڪڌيون رسمون سندن پيڇو ڪري رهيون هيون ۽ کين ڪجهه ئي پلن ۾ ڪارو ڪاري جي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪرڻ لاءِ غيرت جا ٺيڪيدار کين تلاشي رهيا هئا.کين ڪهڙي خبر ته ڪجهه پلن ۾ ئي سندن قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي... ۽ اها ئي دير ٿي زرينه جو ڀاءُ سندس مٿان اچي بيٺو... ڪهاڙيءَ جا وار ڪيائين... هوڏانهن ربنواز جو مامو ۽ ماروٽ به کن پل ۾ بندوق سميت پهچي ويا. سڪينه ۽ يوسف مٿان بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو... ٺا....ٺا...ٺا... چئني جا لاش زمين تي لڇي رهيا هئا... تڙپي رهيا هئا... کين ڪاتيءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو... سندن آخري آهه نڪرڻ کان اڳ ئي چئني طرفن سانت ڇانئجي وئي... سندن وجود مان ٽمندڙ رت زمين چوسي پنهنجي وجود کي نئون سرور بخشي رهي هئي... هنن وجودن کي محبت جي سزا طور موت جي ور چاڙهيو ويو... ڪجهه ئي دير ۾ سندن پوتر روح مالڪ حقيقي جي بارگاهه ۾ سلامي ٿيا... پوءِ ڪجهه دير بعد ڳوٺ جا چند ٻيا ماڻهو ڪٺي ٿيا ۽ پوءِ بيلچن ۽ ڪوڏرن سان زمين جي سيني تي زور سان وار ٿيڻ شروع ٿيا... هڪ اونهي کڏ تيار ٿي.... هڪ ئي کڏ ۾ چئني کي ڦٽو ڪيو ويو... نه سندن جنازي نماز پڙهي وئي... نه ڪو درود ۽ سلام... نه ڪو ڪنهن ملان کي رات جو ننڊ مان تڪليف ڏني وئي... نه ڪو گواهه... نه ڪو داد ڪندڙ ... نه ڪو فريادي... نه سندن ڪنهن کي منهن ڏيکاريو ويو... نه سندن لاءِ ڪو تڏو وڇايو ويو...... نه ڪا تفتيش نه ڪا قانوني ڪارروائي، نه ڪو ڪنهن کي ڊپ ۽ خوف... سڄي ڳوٺ ۾ سانت ئي سانت... سندن مائرون ٻڪرين ۽ رڍن جيان رڙندي،رنڀندي، منهن پٽيندي، مٿي ۾ ڌوڙ وجهندي آهستي آهستي خاموشي جي ور چڙهي ويون... چند ڏينهن بعد سڄو قصو لئي مٽي ٿي ويو... سندن نانءُ نشان ئي نه رهيو، هاڻي ته سندن هڏ ماس ڳري مٽي جي ملاوٽ ٿي چڪو.... وري اهڙا وجود جنم وٺڻ لڳا ۽ وري اهڙو قهري وقت ڪو نه ڪو سماج ۾ جنم وٺندڙ اهڙو واقعو ٿيڻ لاءِ ڪنهن ٻئي زرينه جي ڳولا ڪندو رهيو... ڪنهن ٻئي عرفان کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي لاءِ وري تلاش شروع ٿي... عرفان ۽ يوسف جي امڙ ۽ ابو سندن لاءِ انتظار ڪندي ڪندي آخر انڌا ٿي ويا... وري ساڳي ڪار... ساڳي ڪهاڙي... ساڳيون ڪيهون... ساڳيا رانڀاٽ... ساڳيا ٺڪاءَ.... ساڳيا غيرت جا ٺيڪيدار...هوٽلن تي گوڏو گوڏي تي چاڙهي چانهه مٿان چانهه پيئندا... سگريٽ جا سگريٽ ساڙيندا رهيا... ۽ پوءِ...وري ڪا ڀيانڪ رات پنهنجي خاموشي ۾ ڪنهن ٻئي ڪنڌ کي ڪاتيءَ جي هيٺيان اچڻ لاءِ انتظار ڪرڻ لڳي... ختم شد