مورَ ٽهوُڪا ڪن جتي... (ٿرپارڪر جو سفرنامو)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2017۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هي ٿرپارڪر جي سير جو احوال آهي جيڪي ٻلهڙيجي جي هر دل عزيز ليکڪ
    اقرار پيرزادو
    جو لکيل آهي.

    ماڻھو پاڻ پِرڀائڻ لاءِ وڏا وس ۽ جتن ڪندو آھي. ان مقصد لاءِ ڪي شھيد ڀڳت ڪنور رام وانگر ناچو بڻجي پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي ڦيرڙيون پائيندا آھن ته ڪي وري جامعيون جوڙائي سجدي ۾ سر رکندا آهن. انھيءَ کان وڌيڪ روحڙو ڇا ۾ راضي ٿي سگھي ٿو ته دل گھرين دوستن سان گڏجي وڃي سنڌ جي ڪنھن نرالي خطي تي قادر جي قدرت ۽ انساني ھٿن جو ھنر ۽ ڪمال ڏسجي.

    ان حوالي سان ٿر اھڙو خطو آھي جنھن ۾ فطرت جا رنگبرنگي نظارا به آھن ته انساني ھٿن جا ٺاھيل مندر، مڙھيون ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاھڪار پڻ. ھن خطي تي ڪيترن ئي رومانوي داستانن به جنم ورتو آھي ته ان جي ڀِٽ ڀٽ سان ڪيترن ئي سورھيه سرويچن ۽ سوڍن جون ڪھاڻيون ۽ قصا به لاڳاپيل آھن. ھن خطي جون شاھڪار رسمون ۽ ريتون به آھن ته پنھنجا لوڪ گيت، ڳاھون ۽ ڳُوڙھا به آھن. سو جڏھن پنھنجي پيارن دوستن علي حسن چانڊئي، مظھر شيخ، اسد الله ۽ سڪندر نظاماڻيءَ ٿر ھلڻ جي صلاح ڪئي ته سوين مجبورين کي پاسيرو رکي، هينئڙو هٿن مان ڇِنائي مارئي ۽ روپلي جي ديس روانو ٿيو.

    13 آگسٽ تي سڀ دوست ھالا ڀرسان ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ گڏ ٿياسين، جتي اسان سان غلام عباس ڪوري، سيد شڪيل اڪبر شاھ، استاد نور محمد نظاماڻي، غلام مرتضيٰ ڪوري، صدا حسين نظاماڻي، علي گل شيخ، جان محمد نظاماڻي ۽ لعل بخش لغاري به ھمسفر بڻيا.

    رات جو ئي اسان جي ٻن گاڏين جو قافلو ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ کان ڀٽ شاھ روانو ٿيو، جتي شاعرن جي سرتاج آڏو سيس نوائي حيدرآباد ڏانھن رخ رکيوسين. حيدرآباد رسندي، رات جا 10:30 ٿي ويا هئا. اتان رات جو هڪ وڳي ڌاري بدين پهتاسين، جتي اسانجو ميزبان محمدخان چانڊيو گهڻي دير ٿيڻ باوجود اوسيئڙي ۾ ويٺو ھو. اسانجي پھچڻ جي دير ھئي، ماني لڳي وئي. جيتري ماني سوادي ھئي اوتري ئي ميزبانن جي محبت. ڏاڍا وس ڪيائون رات رھڻ لاءِ پر اسانجي منزل اڃا اڳتي ھئي. پوءِ اسان سنڌ جي لاڙ پٽ کان ٿر ڏانھن رخ رکيو. رات جو وڳڙو ھو. گاڏيءَ کان ٻاھر جو نظارو ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. مون سنگت کي چيو:’’ويڙھي جھپ ويجھو ڏاڏا پاربرھم جي آستان تي منزل ڪجي.‘‘ پاربرھم کي پارو فقير به چوندا آھن جنھن جو سنڌي مھيني ڄيٺ جي 3 تاريخ تي ميلو لڳندو آھي جيڪو پورا 10 ڏينھن ھلندو آھي. روايت آھي ته ڀٽ ڌڻي به ھن آستان تان ڀيرو ڀڃي ويو آھي ۽ سُر رامڪليءَ ۾ ان جو ذڪر به ڪيو اٿس پر مونکي ڪنھن به بيت مان اھڙي ثابتي نه ملي آھي.

    اڄ کان 4 مھينا اڳ اسان ’پاربرھم‘ جي آستان جو درشن ڪيو ھو، تڏھن ڏيپلي پار جا ڪي ماڻھو ديني جذبي کان مجبور ٿي فقير پاربرھم جي آستان جي ڀڃ ڊاھ ڪري ويا ھئا، جنھن سان اتي پيل مورتين کي به نقصان رسيو ھو. ان وقت مرمتي ڪم ھلي رھيو ھو ۽ اسان جي پڇڻ تي اتي موجود ھڪ ياتري فقط ايترو چئي سگهيو ته: ’’ ايءَ نه ماروئن ريت.....‘‘

    سنگت منھنجي صلاح جي ابتڙ سڌو مٺيءَ ڏي رخ رکيو ۽ اسان رات جي پوئين پهر 3:30 وڳي مٺيءَ جي گڍي ڀِٽ تي اچي منزل ڪئي. گڍيءَ تان مٺي شھر جو نظارو ڏسڻ جھڙو آھي. اسان جا نوان ساٿي ھيٺ شھر ۾ ڌرتيءَ تي لھي آيل ستارن کي ڪئميرائن جي اکين ۾ محفوظ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا.

    اڃا سج ڪني نه ڪڍي ھئي جو جاڳ ٿي، ڪيئي ماڻهو گڍيءَ تي يوگا جون مشقون ڪري رھيا ھئا ته ڪي مختلف ورزشن ۾ مصروف ھئا. اسان سج چڙھڻ شرط ٻُگھار ڏانھن روانا ٿياسين، جتي سريلو سگھڙ دوست سانوڻ ھڱورجو پنھنجي شاعر پٽ عبدالله آس سميت اسانجي اوسيئڙي ۾ ھو. ٻُگھار ۾ پهچڻ کان پوءِ ڪي دوست اوطاق ۾ پيل کٽن تي ليٽي پيا ته ڪي وري ترائي ڏسڻ لاءِ روانا ٿي ويا. ترائي ھيٺاهينءَ واري زمين کي چئبو آھي جتي ڀٽن ۽ ٻين لاهوندين تان ايندڙ پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ اچي بيھندو آھي. پاڻيءَ جي کوٽ، غربت ۽ ٻين مجبورين ھوندي به ٿر ۾ وڻراھ باقي سنڌ کان ججھي آھي، جو ايامن کان ھتي وڻ ڪپڻ کي عظيم گناه تصور ڪيو ويندو آھي. توڙي جو ڪي لالچي ماڻهو سرڪار کان کڻتون کڻي ترائين ۽ گوچرن کي پنھنجي ذاتي ملڪيت بڻائي وڃن ٿا پر ان باوجود مختلف ھنڌن تي راڄوڻي طور وڻن جي واڍيءَ تي ڏنڊ رکيو ويو آھي ۽ اُتي گئوچر مالوند ماروئڙن جي گڏيل ملڪيت آھن.

    گذريل اپريل ۾ جڏھن عبدالله آس جي وھانءَ تي ٿر اچڻ ٿيو ھو، تڏھن هتي ڏڪار ھو. ھڪ طرف راني کيت جي بيماري سوين مور ماري وڌا ھئا ته ٻي پاسي معصوم ٿري ٻارڙا اڃ ۽ بک وگھي موت جو کاڄ بڻجي رھيا ھئا ۽ اھڙو ئي حال مال ڀٽاري جو به ھو. اخبارن جي دانھن تي سنڌ جي وڏي وزير آپي مان نڪري، صابرين ۽ سٻاجهڙن ٿري ماروئڙن لاءِ اھڙي ٻولي استعمال ڪئي هئي جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ مهذب گفتگو نٿو چئي سگھجي. اڄ به ٿر ۾ ساڳيو ئي حال آھي. هيل به نالي ماتر مينهن پيا آهن. سفر دوران اسان خوش فهميءَ وچان هر ڪڪر مان وسڻ جي آس لڳائيندا پئي هلياسين پر حقيقت اها آهي ته ٿر واسين جي اک ئي اھا سڃاڻپ رکي ٿي ته ڪھڙو ڪڪر وسڻ وارو آھي ۽ سندن اڃ اجھائي سگھي ٿو. اها ڳالهه اسان کي مالسري ۾ سائين خضر سمي کان سربستي معلوم ٿي. سندس چوڻ هو ته ھي ھوائي ڪڪر آھن جيڪي سمونڊ سامھون ھئڻ ڪري هلندي نظر اچن ٿا. جيڪڏھن ڪڪر الھندي کان اوڀر طرف تڪڙا پيا ويندا ته اسين سمجھي ويندا آهيون ته مينھن نه وسندو پر جڏھن ڪارا ۽ اڇا ڪڪر اُتر اوڀر ۽ ڏکڻ اولھ ڏانھن پيا ايندا ويندا ته انھيءَ کي اُٻ چئبو آھي. اها اُٻ ڏسڻ ۾ آئي ته سمجھو مينھن آيو.’اُٻون ڪڪر ڪڍڙيون، اُتر ڏي آھين..‘

    ٿر ۾ ڏکڻ طرف کان گھڻو مينھن نه وسندو آھي پر جيڪڏھن اُٺو ته ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيندو آھي. ڏکڻ واري مينھن کي ٿر واسي ڪاڇِي مينھن چوندا آھن.

    ڏکڻ مينھن نه وسڻا، وسي تو ٻوڙي،

    ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻا، ھڻي ته جھوري.

    گيدي ماڻھو ڊپ جي ڪري اول ته ڪنھن کي ڌڪ نه ھڻندو پر جي ھنيائين ته ھڪ ئي وار ۾ ماڻھوءَ کي ماري سگھي ٿو. اھڙي طرح ڏکڻ طرف کان مينھن نه پوندو پر جي پيو ته سمورو ملڪ ٻوڙي ڇڏيندو. سانوڻ جي چئن مھينن مئي کان سيپٽمبر تائين ھر پندرهين ويهين ڏينھن مينھن وٺو ته ٿر ۾ بنا ڀاڻ ۽ دوائن جي بمپر فصل لهن ، نه ته پوکيل فصل سُڪيو سڙيو وڃن. ھاڻوڪو مينھن مال جي جُوءِ به مس ٺاھي سگھيو آھي، البت ڪن ڪن جاين تي سٺي اوڀڙ نظر اچي رهي هئي. ٿر واسين جو چوڻ ھو ته سندن آسرو الله ۾ آھي، کين پڪ آھي ته ڌرتي ماتا ڪا به شيءِ وڃائيندي نه آھي. ان ڪري اُھي وُٺي کان اڳ ئي زمينون کيڙي ٻج ڇٽي ڇڏيندا آھن.

    ٻُگهار ۾ سانوڻ ھڱورجي وٽ مانجھاندو ڪري سلام ڪوٽ کان ٿيندا ڀالوا پھتاسين، جتي مارئيءَ جي نالي سان منسوب کوھ آھي. سڄي ٿر ۾ اونھا کوھ به کارا ۽ ڪسارا آھن پر ھن کوھ جو پاڻي مٺو آھي. جھونن جو چوڻ آھي ته ھي کوھ ٽي صديون اڳ کوٽايو ويو ھو، جنھن تي ڪتبو به لڳل ھو. ھاڻ ان کي مارئيءَ جو کوھ سڏيو وڃي ٿو، جڏھن ته عمر مارئيءَ جوقصو سومرن جي دور سان تعلق رکي ٿو. مارئيءَ جي کوھ تي چڱو چھچٽو لڳو پيو ھو. کوهه وار احاطي اندر ھڪ ڪنڊ تي جانجھ ۽ يڪتاري تي صوفي فقير ڳائي رھيا ھئا ته ٻِيءَ ڪنڊ تي الغوزي جا آواز ٻُري رھيا ھئا. ٻاھر اُٺن ۽ گھوڙن تي سياح سواري ڪري دل وندرائي رھيا ھئا. اڌ مُنو ڪلاڪ ڀالوا ۾ ترسڻ کان پوءِ ننگرپارڪر روانا ٿياسين. شھر پھچي، پنھنجون گاڏيون اُتي بيھاري، تازا توانا ٿي ٿر جي واريءَ ۾ هلندڙ جيپ ڀاڙي ڪري ڪاسبي لاءِ روانا ٿياسين، جنھن کي ٿر جو ڪشمير سڏيو ويندو آھي. ھتي باقي سموري ٿر جي ابتڙ اسانکي پوکون به نظر آيون ته ميوي دار وڻ به. ھتي ريڀڙن، ڇانھن ۽ گدرن سميت ڪيتريون ئي وليون به نظر آيون ته بصرن، مرچن ۽ تِرن جا فصل به ڏسڻ ۾ آيا. ھن علائقي ۾ جر جو پاڻي مٺو آھي ۽ اُتي ٽيوب ويلن تي به آبادي ٿئي ٿي. مندر جي ڀر واري باغ ۾ لڳل ٽيوب ويل تي وهنجي سهنجي، مندر جو درشن ڪري ان جي صحن تي يوسف فقير مڱڻھار جي محفل ٻڌڻ ويھي رھياسين. يوسف فقير توڙي جو اکين جي نور کان وانجھيل آھي پر خدا کيس اندر جون اکيون عطا ڪيون آھن. سندس گائڪيءَ جو پنھنجو انگ ۽ آواز ۾ صدين جو درد سمايل آھي. هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته منهنجو پنھنجي سنگت سان ٽي چار ڀيرا ڪاسبي اچڻ ٿيو آهي. ڪاسبي واسين سدائين عزت، محبت ۽ مانَ ڏنو آھي پر سال کن اڳ ھڪ ھفتي وار مئگزين ۾ ھڪ ڊاڙي ليکڪ جو آرٽيڪل ’ ڪاسبي ڪڏھن نه وڃجو‘ پڙھي ارمان ٿيو، جنھن ۾ ليکڪ ڪاسبي واسين کي خودغرض سڏيندي اھڙي ٻولي ۽ محاورا استعمال ڪيا ھئا جيڪي انتھائي نامناسب ھئا. ان تي ٿر جي ليکڪن به ڏک ۽ ارمان جو اظھار ڪيو. ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ڪاسبي کان واپس ننگر پارڪر پھتاسين. خوبصورت شاعر ساگر خاصخيلي اسانجي انتظار ۾ ھو. ھاڻي اسانجي منزل ننگر کان 35 ڪلوميٽر پري ڳوٺ مالسريو ھئي، جيڪا سهڻي شاعر ناشاد سمي جي جنم ڀومي آھي. ناشاد سمون استاد ھجڻ سان گڏ ريڊيو مٺي تان ھفتي وار پروگرام به ڪندو آھي. ناشاد وٽ اُن رات اسان 14 ڄڻن کان علاوه 6 ٻيا مھمان به رھيل ھئا. ناشاد جا سورا عزيز ڪچھريءَ ۾ موجود ھئا. اتي رٽائرڊ استاد سائين خضر سمي سان ملاقات ٿي جيڪو ٿر جي ڪيترن ئي قصن، ڪھاڻين ۽ لوڪ روايتن کان واقف آھي. ماني کائيندي رات جا 12 ٿي ويا. پوءِ شاعريءَ جو دور ھليو. آئون ۽ علي حسن جيئن ئي کٽ تي آھلياسين ته ننڊ ديوي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، باقي سيد شڪيل شاھ، اسد الله، نور محمد ۽ سڪندر نظاماڻيءَ محفل ۾ پاڻ ملھايو. صبح سوير مورن جي ٽھوڪن تي جاڳ ٿي، سڄو ماحول ٽھوڪن سان گونجي رھيو ھو. پوءِ ڪجھ مور ناشاد جي اوطاق جي اڱڻ تي لھي پيا. مالسريو مورن جي ڪري سڄي ٿر ۾ مشهور آهي. ھتي مور مارڻ تي راڄوڻي طرح 10 ھزار ڏنڊ رکيل آھي. سائين خضر ٻڌايو ته ’مور اسانکي پنھنجي ٻچڙن وانگر پيارا آھن ۽ اُھي جڏھن گھرن ۾ ايندا آھن، پوءِ اھا ڏڪار جي موسم ھجي يا سُڪار جي، کين داڻو پاڻي ضرور ڏنو ويندو آھي.‘ سائين خضر ٻڌايو ته مالسري جي آس پاس اٽڪل 5 ھزار مور آھن. مونکي ياد آيو ته مورن جي موت تي ناشاد سمي ھڪ نظم لکيو ھو، نظم ڇا ھو؟ مورن جو مرثيو ئي ته ھو. کيس ان نظم جي فرمائش ڪيم. “آپڻو موريو رات مري گيو!” اھو نظم پڙھندي سندس اکڙين جا بادل ڀرجي آيا.

    ناشاد وٽان نيرن ڪري وري ننگر ڏانھن نڪتاسين. شهر جي پراڻي بازار جي ڇيڙي تي جين ڌرم جي زبون حالت ڏسي افسوس ٿيو. ديوارن تي اُڪريل شبيھون مٽجي چڪيون آھن، البت مندر اڃا به سلامت آھي. مندر جي چوڌاري گيلري ٺهيل آھي، جتي ھوا جو اھڙو ته انتظام آھي جو ڪنھن به ڪنڊ کان جھوٽو لڳندو ته واءُ مندر ۾ داخل ٿي ويندو. انھيءَ ڪري مندر انتھائي ٿڌو آھي. اسان جين مندر جو درشن ڪري، ساڙڌري ڏانھن روانا ٿياسين، جيڪو ننگر پارڪر کان 3 ڪلوميٽر پري ڪارونجهر جبل جي اندر آھي. ساڙڌري جي اونچي چاڙھي تي گاڏيون بيھاري ھيٺ لٿاسين، لاھينءَ کي ڏسي، واپسيءَ جو سوچي اسانجي ڪجھ دوستن ھنيانءَ ھاري وڌا.

    ساڙڌرو گورڌڙي نئن جي منھن تي آھي ۽ اُتي مھاديو جو ھڪ مندر آھي جتي ھڪ تلاءُ آھي. ھندن جو عقيدو آھي ته ھي تلاءُ گنگا سمان پاڪ پوتر آھي. ان ڪري ديهانت ڪري ويلن جي هڏڙن جي رک عقيدي طور هن تلاءُ ۾ وجھندا آھن. سندن چوڻ آھي ته ساڙڌري تلاءُ جو ذڪر پراڻي شاستر ۾ به ملي ٿو. ھن تلاءُ ۾ مئل ماڻهوءَ جي رک پئي ڄڻ اُھا گنگا ۾ پئي. ان جي مٿان ديويءَ جو ھڪ مندر آھي جتي شِو مھراج جو لُنگُ به ٺھيل آھي. ساڙڌري کان ٿورو مٿڀرو پاراشر رشيءَ جو آستان آھي، چون ٿا ته پاراشر رشيءَ ھن ھنڌ تي 10 ھزار سال تپسيا ڪئي ھئي ۽ ھو ھڪ ھزار سالن تائين پير جي ھڪ آڱر تي بيٺو رھيو ھو. پير جي آڱرين جا اھڙا ڏھ نشان اڄ به انھيءَ ھنڌ تي اُڪريل آھن.

    پاراشر جي آستان کان اسان گئو مُکيءَ ڏانھن پنڌ ڇڪيو جيڪو اُتان ميل کن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف جبل ۾ آھي. هن ڀيري ٿر اچڻ جو هڪ خاص مقصد گئومُکيءَ تائين پهچڻ هو، ڇاڪاڻ ته اھو هڪ اهڙو چئلينج هو جيڪو گذريل سال اسان کان پورو ٿيندي ٿيندي ٿوري تان رهجي ويو هو. اهو ٻن پھاڙن جي وچ وارو رستو آھي جيڪو انتھائي ڏکيو ۽ خطرناڪ آھي. ان مھل سائين نور محمد نظاماڻي ۽ سڪندر پَر سال وانگر صفا پڙ ڪڍي بيھي رھيا. چي :’ جبل تان ڪري مئاسين ته وارثن وٽ لاش ئي نه پھچندو.‘ ھمراھن جي “دليري” نون ساٿين جي حوصلن کي به لوڏي رھي ھئي پر مظھر شيخ، علي حسن ۽ مون ضد ڪري چيو ته ھر حال ۾ گئو مُکي ڏسڻي آھي. پوءِ مٿين ساٿين کان سواءِ سمورا دوست اسانجي ڪڍ لڳي پيا. برابر ٽاڪرو رستو، اڙانگو ۽ اوکو آھي پر ان ۾ فطري نظارا اکيون کيريون ڪرڻ لاءَ ڪافي آھن. اسان پير پير ۾ پائيندا، لسن پٿرن تان گسڪندا وڃي اُتي پھتاسين جتي ٻن ٽڪرن جون چوٽيون پاڻ ۾ ملي رهيون هيون. اُتان مٿي چڙھڻ انتھائي اوکو ھو. ان ڪري اسانجا ڪجھ ساٿي اُتي ئي بيھي رھيا پر مان، جان محمد، علي حسن، مظھر شيخ، علي گُل ۽ غلام عباس ٻارھن ورھين جي ڪولھي ٻار جي اڳواڻيءَ ۾ ٽڪريءَ تي چڙھي پياسين.

    مٿي چڙهي ٿورو اڳتي وڌياسين ته ڪمري نما هڪ جاءِ ڏسڻ ۾آئي، جيڪا ڳئون جي منھن جھڙو ڏيک ڏيئي رهي هئي. ان کان اڳتي جبل جي چوٽين ڏانهن وڃڻ جو رستو نظر نٿي آيو. مٿان کان برسات جو پاڻي گڏ ٿي ڳئونءَ جي منهن جهڙي پٿر مان آبشار وانگر ٽيهن پنجٽيهن فٽن تي ھيٺ ڪري ٿو. حيرت جي ڳالھ آھي جو ننگر جي مسلمانن ۽ ٻين جاتين جي اڪثر ماڻهن اُھو آستان نه ڏٺو آھي پر پارڪر جي ڪولھين جو ٻچو ٻچو روپلي جي پر پاريندي ڪارونجھر جي پٿر پٿر کان واقفيت رکي ٿو. گئو مکيءَ جي منهن وٽ علي حسن ھڪ پٿر تي ايئن ويھي رھيو ڄڻ گرو گورکناٿ جو ڪو چيلو تپسيا ڪري رھيو ھجي. اڙانگي سفر سڄي سنگت کي ٿڪائي وڌو هو. گئو مُکيءَ کان واپسيءَ تي اسان پاڻ سان آندل بسڪوٽ، چپس، پڪوڙا وغيره کائي چٽ ڪري ڇڏيا پر پوءِ به بک ڪانه لٿي. ساڙڌري مندر پھتاسين ته شيوا داري ڀوڄن جي تيارين ۾ ھئا. مون کانئن ٻاجھريءَ جي ماني گھري ورتي، جيڪا ان مهل ايتري ته لذيذ پئي لڳي جو ٻئي کي ڏيڻ تي دل ئي نٿي چاھيو پر مجبورن سخاوت ڪرڻي پيئي.

    واپس ننگر اچي سلام ڪوٽ جو رخ رکيوسين، جتي سنت نيڻورام جو آشرم آھي، جنھن ۾ مسافرن کي ڏينھن جو ٽي ويلا ڀوڄن ڪرايو ويندو آھي. چون ٿا ته سنت نيڻورام ننڊپڻ ۾ پنھنجو ڳوٺ ڇڏي دکن واري حيدرآباد ھليو ويو ھو ۽ اُتي ساڌن جي سنگت ۾ اچي، ساڌو ٿي ويو. جڏھن 40 ورھين جي عمر کي رسيو ته پنھنجي گُروءَ جي چوڻ تي موٽي سلام ڪوٽ ۾ اچي آشرم کوليائين. ھن جي آستان تي هندو مسلم جو ڪو ڀيد ڀولو ڪونھي. سنت نيڻو رام صبح جو سوا پھر سير ڪري، ايندڙ ويندڙ مسافرن جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندو ھو ۽ ڪابه شيءِ سڀاڻي لاءِ بچائي نه رکندو ھو. جيڪڏھن داڻو پاڻي بچي پوندو ھو ته اھُو سڀاڻي لاءِ رکڻ بدران پکين جي حوالي ڪيو ويندو ھو. سنت نيڻورام شاھ سائين جي شاعري جو به ڄاڻو ھو ته کيس ڀڳت ڪبير، تلسي داس، دادو ديال ۽ ميرا ٻائيءَ جون ٻاڻيون به ياد ھيون. اڄ به سندن آشرم ماڻهن، پکي پکڻ ۽ جيت جڻين جو آماجگاھ آھي جتي هر ساسي سُک پائي ٿو. اسانکي سنت نيڻورام جي آشرم ۾ ٻن قسمن جا چانور، دال، ڇاھن ۽ چڀڙن جي ڀاڄي کارائي وئي.

    سنت جي آشرم کان واپس مٺي جي گڍي ڀِٽ تي پھتاسين ته اسانجو پيارو دوست سيد شڪيل اڪبر شاھ شھر ڏانھن روانو ٿي ويو ۽ ڪلاڪ کن اندر وڏي ڀريل ٿيلھيءَ سان اسان وٽ پھتو. ايندي ئي چيائين ته صادق فقير وٽ رات جي ماني به آھي ته ان جي محفل به ٻڌبي. باقي ’توشو‘ پنھنجو وٺي پھتو آھيان. اتان صادق فقير جي اوطاق تي پھتاسين جتي ناليوارو شاعر عبدالغفار تبسم، محترم اسحاق انصاري، عابد ڪاظمي ۽ ڪجھ ٻيا دوست موجود ھئا. ميزبان گائڪ صادق فقير سڀني دوستن جي آجيان ڪندي چيو ته مون ڪيتريون ئي محفلون ڪيون آھن پر ھن محفل جو رنگ ئي ٻيو آهي. صادق فقير شاھ سائين، سچل جون وايون ۽ اياز جا غزل ٻڌائي رھيو ھو ته وري تبسم به وچ وچ ۾ پنھنجا تخيل پئي پيش ڪيا. اھڙي ريت اها محفل ھوش وندي مدھوشيءَ جو مثال بڻجي وئي. صادق فقير مانيءَ ۾ به ٿر جي روايتي ڀاڄين جو بندوبست ڪيو ھو جنھن ۾ مريڙو، چڀڙ، گوار ۽ ٻيون ڀاڄيون شامل ھيون پر فرائي ٿيل گوار جي ساراھ هر ڪنهن ٿي ڪئي. اھڙي ريت رات جو اڍائي وڳي اسان صادق فقير، تبسم، اسحاق انصاري ۽ ٻين ساٿين سان ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي موڪلايو. ٿر کان موٽندي جڏھن مظھر مون کان سفر بابت راءِ ورتي ته منهنجي زبان تي، ٿر جي صوفي شاعر سيد راضي شاھ جي ڪافيءَ جي هيءَ سِٽ تري آئي:

    جھڙا مارو مٺا، تھڙي اٿن ٻولي مٺي......!
     
    تلوڪچند ولاسائي، عرس پريو ۽ احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.
  2. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    128
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
  3. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    128
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    تمام بهترين ليک ادا عبدالحفيظ لغاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو