• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل وسيم سومرو

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
story.php


غزل

هيءَ ماٺ هيءَ اداسي آ مات جو تصور
ورلاپُ ٿي لطيفي ڪر لات جو تصور

هيءَ ڪائنات مون لئہ انڊلٺ ٺھي وڃي ٿي
مان مور ٿي ڪريان ٿو، برسات جو تصور

لونءَ لونءَ کي رات ساري، هو انتظار ٻاريو
ڏيئي ۾ مون سمايو، هو تات جو تصور

ڪيڏا نہ خوبصورت تارا ڀري رئي تي
ڇورين چٽي ڇڏيو آ بارات جو تصور

تنهنجي نهار سان ٿِي، تخليق روشني ٿئي
تنهنجي اکين ۾ اھي پرڀات جو تصور

هن پيار جي سفر ۾ پنهنجي نفي ڪرڻ سان
جُڙندو تصورن ۾ اثبات جو تصور

ناديد جي انڌيري دنيا جيان ازل کان
هو ڏينهن ۾ بہ ڄڻ ھُو ڪنهن رات جو تصور

تنهنجي وسيم اُجرن لفظن جيان لڳي ٿو
هن جي حَسين چهري جي ڏات جو تصور
وسيم سومرو
 
Back
Top