• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راشد مورائي مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان - راشد مورائي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
***
راشد مورائي


مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان - راشد مورائي
مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جا
پر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا
۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جا
مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

مون ڇانه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آ
سي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آ
جي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ
هن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

مون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي
۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئي
ڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئي
ٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

هي قوم تي قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي
ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي
ڪو اهڙو اوڀر اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي
هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

آ سچ ننڍو، ويهه ڳنڍو آ، هو بربت جيڏو ڪوڙو آ
هو ٽٽندو ٿوڙي ٽوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪئي چوڙو آ
هر واوَ اڳان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آ
پر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان

ڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آ
ڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آ
سي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آ
مان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
*****
- راشد مورائي



هن لنڪ تان کنيل
http://sindhishayari.blogspot.com/p/blog-page_81.html
 
هي قوم تي قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي

اسان ڇو قابل رحم آهيون ؟؟؟ جنهن قوم جي تاريخ 5000 هزار سال پراڻي ۽ شاندار هجي ، ان قوم کي سجاڳي جي ضرورت آهي نه ڪِ ان تي رحم ڪرڻ جي، پنهنجو پاڻ کي همٿ ڪرڻي پوندي.

تانگهي تائي ۾ ٻڌ پنهنجو ترهو، اونهي ۾ آڻي ڏيندو ڪونڪي ٻيو مرشد ڀٽ ڌڻي
 
مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
مٿين سٽ ۾ لفظ يرڪايل ڪتب ٿيل آهي سنڌي لغت ۾ اهو لفظ مونکي ڪونه مليو آهي. ڪٿي اهو لفظ ڇرڪايل ته ناهي !!! جي ايئن آهي ته ان کي درست ڪيو وڃي
محترم رضوان علي جمالي صاحب،
ھن شاعري ۾ تمام گھڻيون غلطيون آھن، ان ڪري توھان کي لفظ سمجھ ۾ نه پيا اچن.
ھن سٽ کي ھن طرح پڙھو:
مون ڪالھ ڏٺا ير قائل ھا سڀ دوکي جي دستورن جا
ير معنيٰ يار دوست
 
Back
Top