راءُ بهادر اوڌوداس

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Haseeb Nayab طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2017۔

  1. Haseeb Nayab

    Haseeb Nayab
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 فيبروري 2017
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند

    حسيب ناياب منگي


    مالڪ جي هن وشال ڪائنات ۾ ٻين ڪارڻ پنهنجي زندگي گذارڻ به عبادت آهي، انسان ذات جنهن کي اشرف المخلوقات چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو، تنهن جو اشرف هجڻ به اوترو ئي لازم آهي جيترو سڏرائڻ! انسان مٿان اِها ذميداري ان ڪري عائد ڪئي وئي ته احساس ڪرڻ جو جذبو سندس من ۾هوندو ته ٻين جي ڏک توڙي تڪليف کي پنهنجو سمجهي انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري سگهندو ۽ ايئن ڪرڻ سان انسان جڳ ۾ ڪامياب ٿيندو. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ جن ماڻهن شڪارپور ۾ پاڻ موکيو تن ماڻڪن جي مالها ۾ هڪ اهڙو هيرو به اچي وڃي ٿو جنهن جي خدمت ۽ نمرتا جو مثال ورلي ئي شايد ملي سگهي. هڪ ته خدمت گذاريءَ جو جذبو سندس دل ۾ سرس! مٿان وري عاجزي اهڙي جو شڪارپور سميت سنڌ جي مڙئي سيٺين اڳيان سندس ڳاٽ هميشه لاءِ اوچو رهيو ۽ اڄ سوڌو تاريخ جي ورقن ۾ سندس نانءُ سنهري حرفن سان کليو وڃي ٿو. اهڙي عظيم شخصيت راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا آهي، جنهن کي اڄ اسان سندس ٽيهترين ورسي تي ياد ڪري رهيا آهيون.

    شڪارپور ۾ هونءَ به پيرن، فقيرن، ولين، درويشن، ساڌن ۽ سنتن جي قولن ۽ ويچار جو اثر هر عام و خاص تي گهرو پيل هوندو هو، ڇو جو اهڙو بزرگن وٽ ماڻهو فيض وٺڻ هر جمعي رات يا ماهي پهرين سومر تي مٽيون ڀريندا هئا ۽ سندن فيض مان لفظن جا موتي ميڙي ان تي عمل ڪندا هئا. بزرگن جي درس ۾ به ته انسانيت جي خدمت کي سڀ کان اڳ ۾ سرانجام ڏيڻ جو ويچار ڪيل هوندو هو. ولي، درويش، ساڌو ۽ سنت اوطارن ۽ مڙهين توڙي مندرن ۾ ويهڻ بدران در در اهو پيغام آڇيندا هئا ته سنسار جي صاحب جي لوڪ ڪارڻ پيرين اگهاڙا نڪري آيا آهيون، مڙئي شهرين جي مدد لاءِ پنهنجي مايا جا مٽ کوليو ته باقي مايا به توهان جي لاءِ دنيا ۾ سُک ۽ شانتيءَ جو ڪارڻ بڻجندي. صاحبن جي سڀاءُ ۽ ورتاءُ کي ڏسي ماڻهو دان ڪندا هئا ۽ اهڙي پئسي مان ڪٿي انسانيت کي نور جي نعمت موٽي ملندي هئي ته ڪٿي وري علم جي روشنيءَ جو ڏيئو ٻري پوندو هو. ڪٿي ڪنهن ڏکي انسان جا ڳوڙها اُگهجي ويندا هئا ۽ ڪٿي ڪنهن جي زندگيءَ جا ديٻ ٻري پوندا هئا. سنڌ جي خوبصورت ۽ تاريخي شهر شڪارپور جي گهٽي گهٽي جڏهن اهڙي سکيا سان سرشار هئي تڏهن اوڌوداس ڇاٻڙيا 1870ع ڌاري شڪارپور ۾ جيون دان ماڻيندي اکيون کوليون.

    سندس پتا تاراچند ڇاٻڙيا به کيس باڪردار شخصيت جو مالڪ بڻائڻ لاءِ جدوجهد جون ڪي اهڙيون ڳالهيون ٻُڌايون هونديون جن سندس زندگيءَ جي بهارن کي احرو ته موکيو جو سندس من ڪڏهن به خزان جي خرابيءَ جي ويجهو ئي نه ويو، مٿان وري شڪارپوري اوجهن مان پڙهي لکي جڳ ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لائق ٿيو ته واپار کي پيٽ پوڄا جو سهارو بڻائيندي اڳرو ٿيو.

    شڪارپور ۾ نوجوان پنهنجي شهر کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ وقت به وقت ڪي ڪانفرنسون ڪوٺائي، عوامي ميڙ ڪرائي شڪارپور انتظاميه کي جاڳائيندي هئي ته انگريز سرڪار کان هي ۽ ههڙا ڪم وٺي شهر کي شهاڻو شهر بڻائي سگهجي ٿو، انتظاميه به سندن سڏ ۾ سڏ ڏيندي لک پڙهه جو ڪم ڪندي، سرڪار کان پنهنجا ۽ عوام جا مطالبا مڃرائيندي هئي. شڪارپور اندر هڪ سول اسپتال جا اڳ موجود هئي تنهن کي 1909ع ڌاري لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو هيو. تنهن کي شڪارپوري ٻيهر ٺهرائڻ لاءِ ميونسپل انتظاميه سان لهه وچڙ ۾ آيا، سرڪار هائوڪار ڪندي ڦري وئي ۽ اسپتال جي ٺهيل بلڊنگ به رولڙي جو شڪار ٿيڻ لڳي، اهڙي حالت ۾ راءُ بهادر اوڌو داس شڪارپور ميونسپل جو ٻانهن ٻيلي ٿيو جڏهن سرڪار سڳوري ڳرو خرچ ڏسي ”ٺونٺ لڳي ساهيڙي ڀڳي“ جيان پنهنجو منهن موڙي سڀ معائدا ٽوڙي چڪي هئي. اوڌوداس اسپتال لاءِ هڪ لک روپيه دان ڏنو ۽ پنهنجي ساٿين ۽ گهر وارن سان گڏ اسپتال لاءِ وڌيڪ چندو گڏ ڪرڻ توڙي اسپتال جي بلڊنگ جي هڪ هڪ سر جي سلامتيءَ جو بار به کڻڻ جو اقرار ڪري ويٺو ۽ اهڙي ڳالهه تي پورو تڏهن لٿو جڏهن 30 جنوري 1933ع تي سکر جي تڏهوڪي ڪليڪٽر ۽ شاهه لطيف جي شارح جناب ايڇ ٽي سورلي اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، ان اسپتال کي گهڻي جدوجهد ۽ ڪوششن سان 2 فيبروري 1935ع تي تيار ڪرائي بمبئي جي گورنر لارڊ برابورن هٿان افتتاح ڪرايائين. پنهنجي جدوجهد کي عاجزي جو روپ اهڙيءَ طرح بخشيائين جو پنهنجو نالو ان وقت يا اڄ تائين جي سيٺين جيان ڀت تي نروار ڪرڻ کان پرهيز ڪندي فرش تي پنهنجو نالو لکرائي اهڙو اعليٰ مثال قائم ڪيائين جو اهڙي عاجزي اڄ به سندس نانءَ کي جڳ ۽ تاريخ جي ورقن ۾ جيئاريندي ٿي اچي. اوڌو داس جي ان عمل جو خاص مطلب به ڪو گهڻو نه بس ايترو هو ته ايندڙ مريض شفا وٺي منهنجي نالي کي لتاري وڃن ته منهنجي من کي اهڙي عمل سان شانتي ملندي.

    اوڌوداس تاراچند جنهن جدوجهد سان اسپتال کي ٺهرائي عملي جامو پهرايو ته انگريز سرڪار جا منهن ڀت سان لڳي ويا ۽ نيٺ انهن پڻ کيس عزت ڏيندي 1935ع ڌاري ”راءُ بهادر“ جو اعليٰ شخصي خطاب ڏنو. اسپتال جي تعمير ۽ عملي ڪم جي شروعات کانپوءِ ان جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي جفاڪشي ڪندي دان ڪٺو ڪرڻ دوران بيمار ٿي پيو ۽ 17 جنوري 1943ع تي بمبئيءَ جي هري ڪشن اسپتال ۾ سندس پراڻ هرڻ ٿيا. اوڌوداس ته اسپتال لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري ويو پر اسان ان جي بدلي ۾ نه ته اسپتال لاءِ ڪجهه ڪري سگهيا آهيون نه وري سندس کي ياد ڪري نوجوانن کي بيدار ڪرڻ لاءِ سندس جدوجهد جون ڳالهيون ئي ٻڌائي سگهيا آهيون. شڪارپورين ئي ته سندس جوڙايل اسپتال مان سندس جو ئي مجسمو لاهي ڪري ميونسپل جي گدام ۾ رکرائي ڇڏيو هو، جتان وري قسمت مجسمي کي سنڌالاجي ۾ پهچايو، جتي اڄ به عزت سان رکيو پيو آهي.

    جنهن جي من ۾ انسانن سان چاهه هجي تنهن مٿان سُخن جي ديوي ڀلا ڪيئن راضي نٿي رهي سگهي؟ اوڌوداس تاراچند جي شاعري ۾ به ڏکي انسانن جي ڏکن جا ڇوٽڪاري جو سبق سمايل ملي ٿو، سرڳواسيءَ جون اهڙيون ڪويتائون اسپتال اندر ڪتبن تي لکيل آهن.

    سڀني جا دُک دُور ڪر، سڀ جو ڪر ڪلياڻ،

    دانهون دُکين جون ٻُڌي، مالڪ ٿي مهربان،

    معاف ڪر منهنجا پرين! عيب ڀريو انسان،

    عرضي ”اوڌو“ جي اگهاءِ، ڏي تندرستي دانُ
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو