السلام عليڪم دوستو!۔ اوهان مان ڪيترا ئي پيارا دوست گوگل جي اي ميل سروس استعمال ڪندا هوندا، ظاهر آهي ته گوگل جي اي ميل سروس ٻين اي ميل سروسن جي مقابلي ۾ تيزيءَ سان لاگ اِن ٿيڻ جي سهولت ڏئي ٿي ۽ دنيا جي مڃيل سيڪيورٽي هجڻ جي ڪري ان ۾ هيڪنگ جا خطرات تمام گهٽ بلڪه نه هجڻ جي برابر آهن۔۔۔ هونئن ته ياهو، ايم ايس اين ۽ ٻين سروسن جي ميسينجر جي ذريعي اوهان کي پنهنجي اي ميل اچڻ جي خبر پئجي وڃي ٿي، يعني توهان بنا ويب سائيٽ جي لاگ اِن ٿيڻ جي انهن سافٽ ويئرز جي مدد سان اِي ميل جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪندا آهيو۔۔ پر گوگل جي اهڙي ڪنهن سافٽ ويئر جي نه هجڻ جي ڪري اوهان ڊائريڪٽ ويب سائيٽ کوليو ٿا۔۔۔ اوهان جي سهولت لاءِ مان هڪ اهڙو سافٽ ويئر کڻي حاضر ٿيو آهيان جنهن سان اوهان گوگل ميل جي ويب سائيٽ تي وڃڻ کان سواءِ ئي پنهنجي اِي ميل جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪيو۔۔۔۔ سافٽ ويئر جو نالو آهي جِي ميل نوٽيفائير ۽ سائيز ۾ بلڪل ننڍو آهي۔۔ هن کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
جواب: گوگل ميل استعمال ڪندڙن لاءِ تحفو ادا سائين تمام سٺي ونڊ ڪئي اٿو پر ڇا اسان انهي ۾ چيٽگ ڪري سگهون ٿا يا نه
جواب: گوگل ميل استعمال ڪندڙن لاءِ تحفو سائين هي جي ميل نوٽيفائير آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي چيٽنگ نه ٿئي ٿي سگهي سدائين گڏ