• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انتهائي افسوس ۽ دردناڪ خبر !

امدا علي قادري

سينيئر رڪن
افسوس صد افسوس ! امن جي علمبردار حق و سچ جي داعي لال شهباز قلندر جي مزار مبارڪ تي خارجين طرفان ڪيل ڌماڪي ۾ 40 زائرين شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي!زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي، الله تعالي کان دعا آهي ته پنهنجي محبوب ڪريم ﷺ جي صدقي مرحومين کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ، زخمين کي جلد صحت يابي عطا فرمائي ۽ انهن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي ، خارجين ۽ انهن جي سهولتڪارن کي نيست و نابود فرمائي.آمين
 
حافظِ قرآن قلندر شهنشاھ جو مرتب ڪيل عربي گرائمر الميزان جيڪو اڄ به ديوبند هندستان جي مدرسه ۾ پڙهايو ويندو آهي. پر انهن جي پوئلڳن شهنشاھ جي روضي جي حُرمت جو خيال نه ڪيو.
 
خبر ناهي ته اسانجا ڀائر، جيڪي طالبان ۽ داعش القاده سپاه صحابه لشڪر جهنگوي ۽ اهڙين ٻين تنظيمن جا حامي الائي ڪيڏانهن هليا ويا آهن. جو ايڏي وڏي سانحي تي ڪا به ٽيڪا ٽپڻي نه پيا ڪن ؟؟؟؟
 
اسان سڀني کي اڄ ئي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ورنه ائين بم ڌماڪا ۽ ٻيون دهشگردي جون ڪاروايون اسان پياري ملڪ پاڪستان خصوصا صوفين جي سرزمين ۽ امن جي ڌرتي سنڌ ۾ ٿينديون رهنديون. بقول ڪنهن بزرگ جي.
هٿ ڪيل بازڙي تو ڇو وڃائي ڇو ميان ويل وارو ڪجائي نه هٿ مليندين پوءِ ميان !
ٿتي ٿڌي ڪاھ ڪانهي ويل ويهڻ جي متان ٿئي هونداھ پير نه لهين پرين جو!
 
Back
Top