غزل. مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
profile.php
profile.php


غزل. مجيب سنڌي

جن ڪيا ها واعدا کوڙ
تن ۾ پئجي ويو آ گوڙ

خوف پکيڙي شهر سڄي ۾
اٿن شروع ڪئي ڇو باهوڙ

ڪيڏا دهشت گرد گهرائي
ڪئي وئي آ ڪنڌ مروڙ

چوريون روز ڪرائي پاڻ
لڳي پئي آ ٻڌ ۽ ڇوڙ

وڌي وئي آھي مهنگائي
ماڻھن جي لئہ ڳاٽي ٽوڙ

"مجيب" صاحب اچن وڃن پيا
پاڻ لاءِ ساڳي ماني ٻوڙ.
 
Back
Top