• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حاجي علي گوهر لنڊ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
h6cQXY.jpg



حاجي علي گوهر لنڊ

حاجي علي گوهر لنڊ 14 آگسٽ 19411ع تي سنڌ آبادگار شگرملز ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ حاجي محمد لنڊ ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو ، سندس والد جو نالو حاجي حسين لنڊ هو ، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين ، پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ مشقت ڪيائين ، انتهائي هوشيار ۽ عقلمند شخصيت جو مالڪ هو ، 1957ع ۾ 16 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪيائين ، کيس ٻن پُٽن جو اولاد ٿيو، جن جا نالا آفتاب گوهر لنڊ ۽ الطاف گوهر لنڊ آهن ، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو سان پڻ سندس سُٺا مراسم رهيا ، سيد قبول محمد شاهه ، سيد ذوالفقار علي شاهه ، پير خالد سعيد جان سرهندي ، محمد اسماعيل راهو، سيد اسلم شاهه ( درگاهه ڏاڏا سائين) سميت ڪيترن ئي سياستدانن ۽ معززين سان سندس تمام ويجها تعلقات رهيا. ڪيترن ئي تنظيمن ۾ کيس اهم عهدن جون آڇون ٿيون پر هو آخر تائين عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو، 1984ع ۾ لنڊ برادري جي چيف سردار نثار احمد لنڊ جي ڀاءُ سردار خالد احمد لنڊ پاران کيس ٽنڊُو محمد خان جي لنڊ برادري جو سردار چونڊيو ويو، لنڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو، پنهنجي برادري ، راڄ ۽ علائقي جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ انهن جا فيصلا ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو ، سندس ڪيل فيصلن کي احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ بهترين مددگار هٿ هوندو هو، هو بهتترين سماجي خدمتگار پڻ هو ، ان سبب ڪري ئي علائقي ۾ کيس بهترين مانُ ۽ مرتبو مليل هو ، امين، سخاوت جو ڌڻي، اصولن جو پُختو ، مهمان نواز ، يارن جو يار هي شخص ڪينسر جي بيماري سان جهيڙيندي 29 نومبر 2010ع تي صبح جو 8 وڳي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. سندس فرزند آفتاب گوهر لنڊ پنهنجي والد جي تعلقاتن کي برقرار رکندي سياسي ، سماجي زندگيءَ ۾ سندس پوئيواري ۽ جانشيني جا بهترين فرض نڀائي رهيو آهي، سندس خاندان مان سندس پوٽو احسان گوهر لنڊ ولد الطاف گوهر لنڊ سندس قدمن جي نه رڳو پوئيواري ڪندو اچي پر هو نئين ٽهيءَ جو نوجوان شاعر ۽ ليکڪ هئڻ سان گڏ سُٺو سماجي ورڪر پڻ آهي .

( اعظم ڀٽي / پير محلا ٽنڊو محمد خان )
 
Back
Top