امام العارفين حضرت آغا حاجي غلام علي جان سرهندي مُجددي قُدِّسَ سِرّهٗ ڪردار تنهنجو جنهن ڏٺو نـــورِ هدىٰ ڏٺو، گفتار تنهنجي جنهن ٻُڌي قــــولِ نبي ٻُڌو. پيشاني تنهنجي جنهن ڏٺي مَاھ ضيا ڏٺـو، رخ پاڪ تنهنجو جنهن ڏٺو نُــورِ خــــدا ڏٺو. اعلى حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي مُجددّي جن جو پوٽو ۽ حضرت سائين شاھ آغا سرهندي قدس سره جن جو فرزند حضرت صاحبزاده سائين آغا حاجي غلام علي جان ۲۱ربيع الاول ۱۳۳۴ هجري درگاھ ٽنڊو سائينداد ۾ تولد ٿيا ۽ سندن تاريخ وصال ۲۵ شعبان ۱۳۹۷ هجري مطابق 12 آگسٽ 1977ع آهي. هن صاحبزاده جي ڄمار نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي سنت مطابق 63 ورهيه هئي. پاڻ ڄمندي ڄام تارڪ الدنيا قائم الليل ۽ صاحبِ طريقت هئا. ديني تعليم ۾ کين اها حدِ ڪمال خوش نصيبي حاصل ٿيل آهي جنهن جو مثال ئي شايد مشڪل هجي. استاد العلماء وزيدة الفضلاء مولانا حافظ حاجي ميان لعل محمد صاحب متعلوي جيڪو وڏو برگزيده جيَد متبحَر عالم هو ۽ هندستان جي حڪمرانن جو سرڪاري صلاحڪار به هيو. ان حضرت صاحب وڏن سائين خواجه محمد حسن جان سرهندي، سندن فرزند سائين شاھ آغا سرهندي جن جو استاد هيو، انهيءَ ساڳي استاد حضرت سائين آغا غلام علي جان کي عربي علم پڙهايو. اها ڪيڏي نه سعادت مندي آهي جو اهڙي استاد جو فيض حاصل ٿئي جنهن وٽ پيءُ ڏاڏو به پڙهيو هجي. حضرت صاحبزاده صاحب ماڻهن کان دور خلقت کان پاسي پهلوتهي ڪريو، بنگلي پٺيان هڪ ڪچي ڪوٺي هوندي هئي جنهن ۾ ڪتب خانه ۽ ڪجهه طبي شغل اشغال جا سازوسامان موجود هوندا هئا، اُتي ويٺا هوندا هئا. بزرگ جي خاموشي ۽ سادگي جي اها حد هوندي هئي جو سڄو سڄو ڏينهن ڪنهن سان ڪون ڳالهائيندا هئا، رڳو ماٺ ئي ماٺ ۾ سندن ڳاڙهن نوراني ڳلن مان برقي تجلا چمڪندا هئا. نفي اثبات جي ذڪر کي انهيءَ اشتياق مالايطاق سان مايه ناز تي پهچايائون. اسان جو والد صاحب چوندو هيو ته مون کي صاحبزاده پنهنجي زبان سان ٻڌايو ته مون ڏاڏا سائين جن جي زماني ۾ نفي اثبات 60 عددن تي پهچايو هو. باشريعت، اڇا ڪپڙا، نوراني چهرو، درميانو قد، ڪاري سونهاري مبارڪ، جاذب اکيون، ڳاڙهو نوراني چهرو، صبر جي سمنڊ ۾ ٻڏل هي اهل الله بلڪل گوشه نشيني جي زندگي گذاريندو هو. زهد ۽ عبادت، تقوى ۽طهارت سان کين قلبي صفائي جو اهو ڪمال درجو حاصل هو جو هڪڙي ڀيري ٽنڊو سائنداد ۾ مون(حافظ بشير احمد) کي ٻڌايو هئائون ته بابا! آئون هاڻي اڪثر بيمار ٿو رهان، گھٽ کاڌي کائڻ سان نظامِ هضم غلط ٿئي ٿو. اعتدالي تناول سان ذڪر اذڪار جو لطف حاصل نٿو ٿئي. جڏهن آئون جواني ۾ تندرست هوندو هوس ته منهنجي اڳيان جيڪو شخص ايندو هو تنهن جي سينه جي راز جي مون کي پروڙ پئجي ويندي هئي. اهڙيون ولايت جي سالڪن کي منزلون طريقت جي راھ ۾ پيش اينديون آهن. ڪشف القلوب جي عروج کان سالڪ جڏهن رضا الاهيءَ جي بحر ۾ پهچندو آهي تڏهن کيس اهي عروج بيڪار نظر ايندا آهن. پاڻ پنهجي والد صاحب جي وقت ۾ درگاھ شريف ۾ امامت فرمائيندا هئا. جواني جي زماني ۾ پاڻ پنهنجي والدين سان گڏجي حرمين شريفين ويا هئا، جنهن سفر ۾ موٽندي جده شهر ۾ سند والده صاحبه جو انتقال پُرملال ٿي ويو. پورن چاليهن سالن کان پوءِ ٻيو ڀيرو عمره شريف تي تاريخ 15جولاءِ 1977ع مطابق ٢٩ رجب ۱۳۹۷ هجري خميس ڏينهن سعودي عربيه آيا. ساڻن برادرم محمد منير ۽ حاجي ڪريم بخش جتوئي هم رڪاب هئا. انهن ڏينهن ۾ آئون به عمره جي ويزا تي ٻن چار مهينن کان مڪه شريف ۾ رهندو هوس. آئون جڏهن حضرت صاحب جي زيارت لاءِ بيت الله شريف ۾ پهتس ته کين توحيد جي راز ۾ گم ۽ حب الاهيءَ ۾ مَحوِ ڏٺم. پاڻ باب مجيد کان ڪعبه شريف ۾ اکيون پايو دوزانو با ادب ويٺا هئا. سندن نيڻن ۾ پرت ۽ پيار جا پيالا ڇلڪي رهيا هئا . ”مازاغ البصر وما طغى“ وانگر بيت الله شريف مان ٻاهر اک ڪانه ٿي ڦيرايائون. پاڻ مڪه پاڪ ۾ فندق (هوٽل ) عبدالعزيز خوقير جي ١٢ ماڙ هوٽل ۾ فقط ۲ ڏينهن ترسيا. چوٿين منزل تي سندن ائيرڪنڊيشن ڪمرو هو جنهن ۾ مون به ٻئي ڏينهن سندن خدمت ۾ حاضري ڏني. پوءِ جلد ئي مديني عاليه روانا ٿي ويا. مون کي حڪم ڏئي ويا ته ۱۵ شعبان ١٣٩۷ هجري جيڪا شبِ برات ايندي تون به مديني عاليه اچي اها عيد اسان سان گڏ ملهائجانءِ. حڪم موجب ۱۲ شعبان ۱۳۹۷ هجري خميس ڏينهن آئون عشاء نماز کان بعد وڃي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس. سائين جن رباط حضرت ابو ايوب انصاريءَ ۾ جيڪا باب جبرائيل کان قريب آهي، ان ۾ ترسيل هئا. مون زيارت ڪئي ۽ چند سعادتون نصيب ٿيون. مثلاً مدينه پاڪ، سرڪارِ مدينه جي روضئه اطهر جي بلڪل قريب، رياض الجنة ۽ حيات النبي جي دربار پُرانوار، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني جو پوٽو موجود، واقعي اهڙا موقعا ڪڏهن ڪڏهن هٿ ايندا آهن. حق پاک داد مارا دو عيد در حيات اول ورود ذاتش ثاني شبِ برات ترجمـه : اسان کي اللّٰه پاڪ حياتيءَ ۾ ٻه عيدون فرمايون. هڪڙو حضرت صاحب جن جو ورد (منزول) مسعود ۽ ٻي شب برات (يعني ۱۵شعبان). تاريخ ۱۴ شعبان ۱۳۹۷ هجري ڇنڇر ڏينهن حضور ۾ ويٺا هئاسين. سيد غلام جهانيان شاھ به موجود هو. حضرت قبله صاحب جن جو چهرو عشقِ رسول جي آتش ڪري ڳاڙهو ڳاڙهو لعل هو. حضرت انصاري جي رباط ۾ سائي دريءَ کان گنبذ خضراء جي ديدار دل ٺار کان اکيون ٺري رهيون هيون ۽ مدينه طيبه جي دل گھائيندڙ مٺڙي هوا دماغ کي خوشبوءَ جي ڪڪرن سان معطر ڪري رهي هئي. سنڌ جي هڪ چوٽياري شاھ صاحب جي دعوت کائڻ کان پوءِ عصر جي نماز تي حرم پاڪ پهتاسون جتي پاڻ فرمايائون: اڄ عيد شب برات آهي مون لاءِ هڪ سؤ ريال جي مٺائي وٺي اچو ته آئون حرم شريف ۾ خيرات ڪريان. ان موقعه تي عشاء نماز کان پوءِ اسين حضرت صاحب سان گڏجي باب السلام جي ڀر ۾ ويٺا آهيون. رات جو تقريبًا اڌ حصو گذري چڪو آهي، خاموشي ئي خاموشي آهي، فقط روضه اطهر جا ڪي چوڪيدار پوليس اهلڪار اسان جي ڀر سان صبر ۽ آرام سان بيٺا آهن . مون کي سائين جن ٽي ڀيرا سوره يٰسٓ شريف پڙهڻ جو حڪم فرمايو آهي. برادرم محمد منير سائين شاھ آغا واري مناجات پڙهي ۽ پاڻ ۳ ڀيرا دعاءِ شبِ برات پڙهيائون. اها رات دنيا وما فيها جي نعمتن کان بالا و برتر هئي .۱۵ شعبان ۱۳۹۷ هجري کان بعد آئون واپس مڪه مڪرمه پهتس . پاڻ به ۲ ڏينهن کان پوءِ اچي بلدة طيبه پهتا. ۲۰ شعبان ۹۷ هجري جمع ڏينهن مڪي پاڪ جي زيارتن لاءِ تيار ٿياسين. سائين جن سان گڏجي حرم شريف کان ٽيڪسيءَ ۾ چڙهياسين. اول اول جبل نور وٽ هليا. نفل پڙهي دعائون گھريائون پوءِ جبل ثور جي زيارت ٿي. بعد ۾ ساڳي سواريءَ ۾ منى ،مزدلفه کان ڦرندا عرفات تي وياسين جتي جبلِ رحمت تي هلي ويٺا. حاجين جي ايتري پيهـه ڪانه هئي فرصت جو موقعه غنيمت جو هيو . سائين جن پاڻ ڏاڏي آدم عليه السلام جي مقام تي نفل پڙهي رهيا هئا، اسان به ساڻن گڏ نمازون پڙهيون . اهو سفر نهايت متبرڪ هو. برادرم محمد منير ته چئي پيو يار حج ته هاڻي ئي ڪري ڇڏيوسين وري حياتي الائي ڇا، موٽي اچون الائي نه . تاريخ ۲۱ شعبان ۱۳۹۷ هجري سائين واپس وطن روانا ٿي ويا. ڳوٺ پهچڻ شرط ۳ ڏينهن کان پوءِ ٽنڊوالهيار طرف روڊ جي حادثه ۾ حضرت صاحب سائين آغا غلام علي جان جامِ شهادت نوش ڪري هن فاني جهان مان منتقل ٿي وڃي پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي پاڙي ۾ آرامي ٿيا، انا لله وانا اليہ راجعون . ولر ويا وهي ڪالهه تنهن جا ڪـــــونجـڙي ڪنديءَ ڪوھــــھ رهي سَرَ ۾ سُپريـن ريءَ (شاهه) انهيءَ دکدائڪ خبر مون کي مڪه پاڪ ۾ وڏو صدمو پهچايو جنهن کان متاثر ٿي مون ان وقت هڪ تاثر لکيو. وهو هذا از مڪة المڪرمة ۷۷.۷.۱۸ سنڌ مان هيءَ دل ڏاريندڙ ۽ جگر چيريندڙ خبر پهتي ته حضرت آغا غلام علي جان سرهندي صاحب شهيد ٿي ويا. هو ته وڃي پنهنجي پيءُ جي پير تي پير رکي، ابن ڏاڏن جي ڪڇ ۾ آرامي ٿيو، پر پس ماندن کي هجر جي فراق ۾ ملائي ويا. شايد مدينه عاليه ۾ امام العادلين حضرت عمر فاروق رضه سندن ڏاڏي کي سائين جن جي ادب ۽ عشق واري ڪچهري بيحد مرغوبِ خاطر بني لهٰذا کين شهادت جو شربت احمر پياري جلد گھرايو ويو. پوٽا ته حضرت عمر فاروق کي ته هزار هوندا پر هي عشق جو پروانو جنهن هڪ هڪ رات ٽي ٽي لک اسم ذات پڙهيو ان جو لعل چهرو ۽ سيني ۾ عشق جو کورو ايڏو ته پسند آيو، جو کين پاڻ ڏانهن گھرائي ورتائون. ها سائين عمره به لکن ڪروڙن ڪيا، تنهن جا ابا ڏاڏا به هتي سال گذاري ويا پر چاليهن سالن کان پوءِ ڇو حضرت امير عمر رضه تو عاشق صادق کان هٿ هٿ مان نٿي ڪڍيو. يا فاروقِ اعظم توکي ته پنهنجي پوٽي جي محبت هئي، تنهن ڪري ان کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ جلدي فيصلو ڪرايو پر پوين جي زبان تي هي رهجي ويو ته : وڻجارا ويچارا ويا ڇنـــي سڱ سنـــدام ائين چئــي چڪـــام ته اســان اچڻ ايترو (شاھ) هن مجدد الف ثاني ثاني جي دادلي دلبر جي اڃا هتي گھڻي ضرورت هئي. سنڌ جي زنگ آلود دلين کي ڌوئڻ لاءِ سندن چهره انور جي نوري ضيائيءَ جي اڃا گهڻي گھرج هئي. يااللّٰه!.....سائين آغا غلام علي جان شهيد تنهنجو عابد زاهد .....عاشق صادق.....قائم الليل .....صائم الدهر ٻانهو هو، پوريءَ ڄمار ۾ سندس زبان تي فقط تون ئي تون جي وائي هئي، تنهن کي پنهنجي آبائي اجدادي سونپيل مريدن تي ماڙ ڪرڻ لاءِ ڪجھه ته مهلت عطا ڪرين ها پر تنهنجي مشيت ان ڪري اهو صحيح ڪيو جو هڪ طرف حضرت صاحب تنهنجو پيارو ولي الله هو ته ٻئي پاسي پنهنجي پيءُ جي محبت جا درياھه وهندا هئا. اهڙو به ڪو پٽ هوندو جو پنهنجي پيءُ سان والهانه عشق ملهائي موت به اهڙو حاصل ڪري جيڪو سندس والد صاحب ساڳي نموني ورتو هو. اي سرهندي صاحبزاده! تون ته لڳ ڀڳ پورو وقت مقبرو شريف تي ويٺي پيءُ سان پيار جون باتيون ڪندو هئين. تنهنجي لاءِ جيڪو مدينه سرڪار جي دربار ۾ شرابًا طهورا جو پيالو تيار ٿيو، انهيءَ جي پيئڻ لاءِ سائين شاھه آغا شهيد به تڪڙ ڪئي. ها! انهيءَ واقعي درد جي ڳاريل ڪافور جهڙي جان کي شربت شهادت جي پيئڻ جو ذائقو شيرين تر محسوس ٿيو هوندو تنهن ڪري تو لاءِ به عجلت کان ڪم ورتو ويو. اي چهرهء انور ...! اسان کي اهو ٻڌاءِ ته ڪعبة الله جي زم زم واري ڪاسه ۾ مزو هيو يا انهيءَ شهادت جي شربت ۾ لطف؟ ها ضرور اهو مشروب افضل هوندو ڇو ته هڪ طرف مدينه عاليه جا درباري اراڪين سامهون هوندا، ٻئي طرف سائين شاھه آغا شهيد پياله هٿ ۾ کنيو بيٺو هوندو ۽ ٽئين طرف کان سرڪار مدينه جي پاسي حضرت سائين خواجه محمد حسن جان قدس سره مُرڪي اشارا ڪندا هوندا ته پٽ ! هاڻي جلدي پيالو پي وٺ جو هيءَ مهل تو لاءِ موزون آهي. ڇا چاليهن ورهين کان پوءِ توکي پنهنجي مادرِ مشفقت جي مزار تي ان لاءِ گھرايو ويو ته هن دنيا کي جلدي ڇڏي وڃو؟ اي سرهندي خاندان جا چمڪندڙ ستاره! تنهنجي قضا ۽ قدر ايترو هو جنهن لاءِ ڪنهن جو به وس ڪارگر نه ٿي سگهي ها. اڄ نه اوطـــاقــن ۾ سنـــــدي جـــوڳيـــن ذات ســاري سنيــاسين کـــي رُنــم ســـــاري رات مون جنين جي تات سي لاهوتي لـڏي ويا. “شاھ“ حوالہ ڪتاب: افتَتَاحُ جَامعہ مُجَدديَہ دَارُالاِرشَاد ٽنڊوسائينداد،ضلع ٽنڊومحمدخان