ديپ جيان هو يار ٻري ٿي ...

ديپ جيان هو يار ٻري ٿي
____________
ديپ جيان هو يار ٻري ٿي
قهرڪري ٿي قهر ڪري ٿي ....
جيءُ جلائي پاڻ به ساڙي
جرڪائڻ هي دنيا گهري ٿي
شعله شعله شوق ۾ شامل
سڪ سوايو سور سري ٿي
هن جي محبت من ۾ آهي
چاهت الفت يار چري ٿي
روشن جنهن سان روح رهي ٿو
هاءِ هي صورت ڪيئن ڀري ٿي

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top